ملڪي سياست هن وقت اهڙي مرحلي تان گذري رهي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. شڪ ته هر ڪنهن کي هر قسم جو آهي پر ڪنهن کي پڪ هئي ته هڪ وقت اهڙو به ايندو جو بار بار عثمان بوزدار کي نه هٽائڻ جو علان ڪندڙ وزير اعظم پنهنجي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ٿيڻ واري ڏينهن هن کي هٽائي ڇڏيندو؟ ڪنهن کي ان ڳالهه تي يقين نه ٿي آيو. جنهن وقت مان ”ڪنهن“ جو لفظ استعمال ڪري رهيو آهيان، ان مهل اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته مان انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، جيڪي ماڻهو هن وقت به عمران خان کي پاڪستاني سياست جو هيرو سمجهن ٿا. انهن ماڻهن جو خيال آهي ته ملڪي سياست ۾ ايترو ته گند آهي جو ان کي صاف صرف عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو. مون ڪيترن ئي ماڻهن کان اهو ٻڌو آهي ته ”جيڪڏهن عمران خان ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هن جو به ڪارنامو آهي ته هن پاڪستان جي سياست جو سمورو گند هڪ هنڌ تي ڪٺو ڪري ڏيکاريو آهي“ انهن ماڻهن ۾ شايد مان به شامل هجان، جن ماڻهن کي عمران خان جي لاءِ هن مهل تائين ڪا نه ڪا اميد باقي آهي. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته عمران خان پاڻ ته سون آهي پر هن سان گڏ اها ٽيم ناهي، جيڪا ٽيم ڪنهن به وڏي ڪم لاءِ ضروري هوندي آهي. ان کان سواءِ عوام ۾ اهو به احساس آهي ته عمران خان سان هن جي اتحادين جيڪا غداري ڪئي آهي، اها ناقابل معافي آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان انهن مفادپرستن جي ڪري پنهنجي سياسي قد کي گهٽائي پاڻ به ملڪي سياست جو بونو بڻجي وڃي.
ڇا اها عمران خان جي ڪاميابي ناهي ته ايتري ساري مهانگائيءَ جي باوجود به عوام هن جو ساٿ نه ڇڏيو آهي. هن وقت به جڏهن هو اسلام آباد ۾ پنهنجن حامين کي ڪٺي ٿيڻ جي ڪال ڏئي ٿو ته اسلام آباد تحريڪ انصاف جي جهنڊن سان ڀرجي وڃي ٿو. عمران خان جي حمايت ۾ جيڪڏهن ڪمي آئي به آهي ته ان جو سبب هن جا اهي سمجهوتا آهن، جيڪي هن جا حامي نه ٿا چاهن ته هو اقتدار جي ڪري ڪري. عمران خان جي حامين جو خيال آهي ته جهڙي طرح سالن جون سازشون، دشمنيون ۽ گاريون وساري مسلم ليگ ن ۽ زرداري توڙي مولانا فضل الرحمان وارا هڪ ٿي ويٺا آهن ۽ هڪ ٻئي کي سر وٺرائين ٿا، ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته انهن جو ڪو به اصول ۽ ڪو به سياسي ڪردار ڪونهي. پر عمران خان جا حامي اهو برداشت ڪري نه ٿا سگهن ته هو به انهن وانگر اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻي ۽ انهن کي گڏجي هلڻ لاءِ منٿون ڪري جيڪي دولت جي لالچ ۾ هن کي ڇڏي ويا آهن. اها حقيقت آهي ته اسان سياست ۾ ڪڏهن ايترا آئيڊيل قائم رکي نه ٿا سگهون پر اهو به سچ آهي ته عمران خان کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو هيٺ نه وڃڻ گهرجي. ڇو ته پاڪستاني سياست ۾ اقتدار جي لاءِ ڪيترو به هيٺ وڃڻ جا منظر اسان پاڻ اکين سان ڏسي چڪا آهيون. ڇا اها ڳالهه سچ ناهي ته جن ڪردارن جي خلاف بينظير ڀٽو پنهنجي آخري اي ميل لکي هئي، انهن ڪردارن سان به هن زرداري سمجهوتو ڪري ويٺو هو ۽ اڄ به هو انهن کي منٿون ڪري ٿو ته هو ان جو ساٿ ڏين. جڏهن ملڪي سياست ان حد تائين هيٺ ڪري پئي ته عمران خان جهڙي اڳواڻ کي پنهنجي پوزيشن سنڀالڻ گهرجي. ڇو ته ايندڙ وقت ۾ ان قسم جا مثال ڪتب آڻبا آهن ۽ چيو ويندو آهي ته آزمائش جي وقت ۾ به انسان کي پنهنجو ڪردار ڀرپور طرح سان نڀائڻ گهرجي.
عمران خان سان جهڙي طرح گجرات جي چوڌرين نهايت نيچ راند کيڏي آهي، ان جي ردعمل ۾ عمران خان کي بوزدار جي قرباني پيش نه ڪرڻ کپندي هئي. جيڪڏهن پنجاب جي حڪومت وڃي ته ڀلي ۽ جيڪڏهن اسيمبليون به وڃن ته ڀلي وڃن. هونءَ به هن مهل عمران خان جي حق ۾ اهو آهي ته هو پنهنجي ڪمزور حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ ڪمپرومائيز ڪرڻ بدران اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي ۽ هن مهل ماڻهن جي ذهنن ۾ عمران خان جي لاءِ سٺو اميج آهي ۽ ماڻهو عمران خان کي ايترا ووٽ به ڏئي سگهن ٿا ته هو نئين حڪومت ٺاهڻ وقت ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جهڙن اتحادين کي پاڻ سان نه کڻي. ڇو ته ق ليگ صرف ۽ صرف پنجاب جي وڏ وزارت جي لاءِ جهڙي طرح عمران خان کي بليڪ ميل ڪيو آهي اهو عمل تمام گهٽيا ۽ ناقابل برداشت هجڻ گهرجي ۽ ان قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ وارا صرف گجرات جا چوڌري ناهن. ڇا ايم ڪيو ايم وارن گهٽ ڪيو آهي؟ ڇا ايم ڪيو ايم وارن پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد لاءِ ميٽنگون ڪري عمران خان سان غداري ڪئي آهي، عمران خان کي ان مان سبق سکڻ گهرجي ۽ ايم ڪيو ايم توڙي ق ليگ سان ڪڏهن به اتحاد نه ڪرڻ گهرجي. پر جڏهن اسان عمران خان کي ق ليگ جي شرطن آڏو جهڪندي ڏسون ٿا ته اسان کي واقعي ڏک ٿئي ٿو. اهو ساڳيو ڏک ان مهل به ٿيو هو، جڏهن ايم ڪيو ايم وارن کي پاڻ سان رهائڻ جي لاءِ عمران خان انهن جي بهادرآباد واري دفتر جو دورو ڪيو ۽ اهڙي قسم جو فوٽو سيشن ڪرايو، جنهن مان عمران خان جي ڪمزوري نظر اچي رهي هئي. جيڪڏهن عمران خان اهو ڪجهه ڪيو به سهي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ ڇا ايم ڪيو ايم وارن کي اهو شرم محسوس ٿيو ته عمران خان انهن وٽ هلي آيو آهي ۽ انهن کي عزت بخشي اٿائين پر اقتدار جا ٻه گراهه وڌيڪ کائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وارا پنهنجو پورو لڏو ڪاهي بلاول هائوس تي پهتا. عمران خان جيڪڏهن اقتداري مصلحتن ۾ ٻڏل نه هجي ها ته هن کي ايم ڪيو ايم سان اتحاد ختم ڪرڻ گهرجي ها پر عمران خان کي به سياست ڪرڻي آهي. اها سياست جنهن ۾ انسان پنهنجو وقار وڃائي ته اها سياست ڪهڙي ڪم جي؟
عمران خان پنهنجي اسلام آباد واري جلسي ۾ آصف زرداري ۽ بلاول کي جيڪا ميار ڏني، هن کي اها ميار به نه ڏيڻ کپندي هئي. ڇو ته زرداري خاندان ڪڏهن به ڀٽو جو دوست ۽ سڄڻ نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اڄ حقيقي طور تي پيپلز پارٽيءَ ۾ اهڙا انسان هجن ها، جن جي دلين ۾ شهيد ڀٽي صاحب جي لاءِ پيار هو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ميان نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڪنهن به قسم جو اتحاد نه ڪن ها. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽيءَ جا ٻه ڪردار يعني هڪ اڳوڻو سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ ٻيو سفيد وارن وارو اردو ڳالهائيندڙ شخص ان سموري گند کان پري آهن، جنهن گند ۾ پوري پيپلز پارٽي ڦاسي پئي آهي. انسان کي پنهنجو ڪردار تمام خيال سان ادا ڪرڻ گهرجي.
پيپلز پارٽي هن مهل تاريخ جي تلخ موڙ تان گذري رهي آهي ۽ اها پنهنجي منطقي انجام طرف وڌي رهي آهي. سچ ته اهو به آهي ته گهڻيون پارٽيون پنهنجي زندگيءَ جا پويان مرحلا طعه ڪري رهيون آهن پر انهن پارٽين ۾ عمران خان جي پارٽي شامل نه هجڻ گهرجي. ڇو ته سياسي پارٽيون ملڪ جو سرمايو هونديون آهن. ڪنهن به ملڪ کي صرف اتان جي بيروڪريسي هلائي نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي ته چين جهڙي تمام وڏي ۽ سگهاري ملڪ جي حڪومت هن مهل به ڪميونسٽ پارٽيءَ وٽ آهي. جيڪڏهن چين چاهي ته ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ختم به ڪري سگهي ٿو ۽ سرمائيداري نظام ۾ پنهنجي لاءِ نئون ماڊل مقرر ڪري سگهي ٿو پر ان هن مهل تائين اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. ساڳي طرح سان روس ۾ هن وقت سرمائيداري آهي ۽ جيڪو به نظام هاڻي موجود آهي اهو سوشلزم جي خلاف آهي پر روس پوءِ به پراڻي ڪميونسٽ پارٽيءَ کي آزادي ڏني آهي ته اها پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندي رهي. ڇو ته پارٽيون، ملڪن جي لاءِ اهم هجن ٿيون. هن دور ۾ پاڪستان جون مجموعي پارٽيون اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي لاءِ تمام ضروري هوندو آهي. ان ڪري عمران خان کي پنهنجي پارٽيءَ جي نئين سر تشڪيل تي غور ڪرڻ گهرجي. هن مهل هن کي پنهنجي پارٽيءَ جو اميج بچائڻ گهرجي ۽ هن کي ثابت ڪرڻ گهرجي ته هو اقتدار جو بکيو ناهي. جڏهن به جيڪو ليڊر اقتدار کان اوچو ٿيندو ته اقتدار هن جي پيرن ۾ پيو هوندو. جيڪڏهن هو اقتدار کان اوچو ۽ بلند نه ٿيندو ته هو پاڻ اقتدار جي پيرن ۾ پيل هوندو. اسان کي ايتري خبر ناهي پر اسان ايترو ضرور ڄاڻون ٿا ته ڪاميابي به عورت وانگر هوندي آهي، جيڪو ان جي پويان ويندو آهي، ان کان اها پري ڀڄندي آهي ۽ جيڪو هن کان پري ويندو آهي ته هوءَ ان جي پويان ايندي آهي. عمران خان کي سياست جو به تجربو آهي ۽ هو عورتن جي نفسيات مان به آگاهه آهي. ڇا هن کي اقتدار جي لاءِ ايترو گهڻو هيٺ ڪرڻ گهرجي؟ جيڪڏهن هو اڄ به ايم ڪيو ايم توڙي ق ليگ کي هڪ دبنگ قسم جو پيغام ڏئي ته منهنجي خيال ۾ انهن ۾ ايتري همت ئي نه ٿيندي جو هو عمران خان سان غداري ڪرڻ جو سوچي سگهن.
عمران خان سان هن وقت اتحادي پارٽيون ٻيو ڪجهه به نه پر غداري ڪري رهيون آهن ۽ غداريءَ وارو ڪردار رکڻ وارين پارٽين جي لاءِ عمران خان جهڙي اڳواڻ کي پنهنجو سياسي ڪردار قربان نه ڪرڻ گهرجي. سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن. اڄ جيڪڏهن عمران خان ڪنهن تڪليف ۾ آهي ته سڀاڻي هن کي ان جو سک ملي سگهي ٿو. ان جي لاءِ به هن کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي روايتي سياست جي لاءِ هن کي ايترو هيٺ نه ٿيڻ گهرجي جو هو ايندڙ چونڊن ۾ سوڀارو ٿيڻ بدران پنهنجي سياسي طاقت وڃائي ويهي ۽ پوءِ پاڻ ئي پڇتائي ۽ سوچي ته هن کي ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي سلسلي ۾ صرف هڪ سالا اقتدار لاءِ ايترو سياسي سمجهوتو ڪڏهن نه ڪرڻ کپندو هو.