پاڪستان تي حڪمراني ڪير ڪندو يا ڪير نه ڪندو؟ اهو هتان جو عوام نه پر اسٽيبلشمينٽ طئي ڪندي آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته وزيرِ اعظم يا وزيرِ اعلى کڻي ڪير به هجي ملڪ تي صحيح معنى ۾ حڪمراني اسٽيبلشمينٽ جي ئي رهي آهي. البت اها حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي معاشري تي مڪمل اختيار ۽ اقتدار حاصل ڪونهي. ڇاڪاڻ ته طاقت جا ڪجهه سرچشما اسٽيبلشمينٽ کان علاوه به آهن. هڪڙي ئي سرشتي ۾ اندروني تضاد بهرحال موجود رهندا آهن ۽ طاقت جو توازن هميشه تبديل ٿيندو رهندو آهي. اهڙا ڪيترا ئي موقعا آيا جڏهن ترقي پسند قوتن اسٽيبلشمينٽ جي هڪ هٽيءَ خلاف سينو ساهيو يا وري اهڙا ماڻهو به سينو تاڻي بيهجي ويا جيڪي هڪڙي زماني ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ويجهڙائي رکڻ جي حوالي سان به مشهور رهيا آهن.
اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اهڙي اختيار کي قائم دائم رکڻ لاءِ ملڪي سياست ۾ گهري دلچسپي رکندي آئي آهي. هڪ عام پاڪستاني ڀل اهو سمجهندو رهي ته اسان جي ملڪ جي اسٽيبلمينٽ ايمان جي محافظ آهي. اها ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين سمورين جاين تي وڃي نڪرندي جتي مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو هوندو ۽ اها انهن کي ظلم کان نجات ڏياريندي پر حقيقت ان جي ابتڙ اها آهي ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي هلائڻ چلائڻ وارو هٿ معيشت جو آهي. معيشت هڪ اهڙو جز آهي جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۽ رويي کي بنيادي طور تي طئي ڪري ٿو. ملڪ جي معاشي ترقيءَ توڙي چرپر تي اسٽيبلشمينٽ جي گهري نظر آهي ۽ اها ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ڪرڻ يا ڪا رعايت ڏيڻ لاءِ هرگز تيار ڪانهي. جنهن کان پوءِ سياست ۽ معيشت جو اندروني لاڳاپو جيئن ته اڻ ٽٽ آهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ مجبور ٿي سياست ۾ به ملوث رهي ٿي. هزار دعوائن باوجود اها پنهنجو پاڻ کي سياست کان پري يا جنهن کي نام نهاد Neutrality جو نالو ڏنو وڃي ٿو، نه ٿي رهي سگهي. ڇاڪاڻ ته سياست کي ڇڏي ڏيڻ جو مطلب معيشت کي ڇڏي ڏيڻ آهي. سياست کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ جو مطلب آهي حاڪم بدران محڪوم بڻجي وڃڻ جيڪو اسان جي اسٽيبلشمينٽ کي هڪ لمحي لاءِ به منظور ڪونهي. اها حقيقت آهي ته ملڪ جي ڪمزور معاشي حالت رڳو عام ماڻهوءَ کي ئي نه پر پاڻ اسٽيبلشمينٽ کي به پريشان ڪندي آهي. ڪمزور معيشت دوران عام ماڻهوءَ لاءِ بيروزگاري ۽ مهانگائي مٿي جو سُور بڻجي ويندي آهي ته اسٽيبلشمينٽ لاءِ وري مارڪيٽ جي ٻاڙائي ۽ خوشحاليءَ واري ڏينهن جي مقابلي ۾ دولت جي اچ وڃ گھٽجي وڃڻ توڙي معاشي ۽ سماجي رعايتن ۾ گھٽتائي اچڻ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻبو آهي. حاصل مطلب اهو ته ملڪ جي خراب معاشي صورتحال خود اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ به نه هوندي آهي.
گذريل چئن سالن دوران يعني هائبرڊ سياسي سرشتي جي حڪمرانيءَ واري سموري عرصي ۾ اسٽيبلشمينٽ جون معاشي گهرجون ته کليل دل سان پوريون پئي ڪيون ويون پر ملڪي معيشت جو جنازو کڄي ويو آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ مجبور ٿي آهي ته سياسي سرشتي ۽ حڪمرانيءَ جي ايوان ۾ ٽاڪو ٽُڪو هڻي ٿوري ٿڪي ڀڃ ڊاهه ڪري ڪجهه نئين جوڙجڪ ڪئي وڃي. هن وقت اسٽيبلشمينٽ حڪمت عمليءَ تحت پنهنجو پاڻ کي اڻ ڌريو پيش ڪري پوئين سيٽ تي ويهڻ لاءِ راضي ٿي آهي ته جيئن اها پنهنجو نقصان گھٽائي سگهي. ان کي ڪنهن به ريت غير مشروط اڻ ڌريو هئڻ نه سمجهيو وڃي. اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ تي حڪمرانيءَ لاءِ اهڙي سياسي قائد يا ٽيم جي ضرورت آهي جيڪا سندس احڪامن جي پابند به رهي ۽ ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ به پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻي سگهي. هن ملڪ جي تاريخ رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياسي قيادت اڳيان آڻيندي آهي ۽ جڏهن اها پاڻ ڀري ٿيڻ لڳي ته ان منجهان جان ڇڏائي راند کي نئين سر شروع ڪيو ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان اهو تجربو اڄ سوڌو جاري آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي، محمد خان جوڻيجو توڙي ميان نواز شريف، اسٽيبلشمينٽ جي حڪمن جي نيٺ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي خلاف ورزي ڪرڻ لاءِ ضرور تيار ٿي ويندا رهيا آهن. عمران خان به اهڙو ئي هڪڙو ڪردار آهي جيڪو هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي سامهون سينو تاڻي بيهجي ويو آهي. کيس بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ واري ايجنڊا کي آمنا صدقنا چوڻ کان انڪاري بڻيو بيٺو آهي. اسلام آباد وارو پريڊ گرائونڊ جو سندس جلسو به ان سلسلي جي ڪڙي هئو. قاف ليگ کي پاڻ سان جوڙڻ ۾ ڪاميابي ۽ ايم ڪيو ايم کي جوڙڻ جي ڪوشش به ان سلسلي جي ڪڙي آهن. حالانڪه اسلام آباد واري سندس امر بالمعروف جلسي عوام کي ڪجهه ڪونه ڏنو. اهو جيڪو ڇرڪ هئو ته عمران خان پنهنجي مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندو. جلسي ۾ اهڙي ڳالهه ڪندو جيڪا هر ڪنهن جو وات گودو بڻائي ڇڏيندي اهو وهم اجايو هئو. جلسي ۾ ڪيل ڊگهي تقرير منجهان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. بس هڪڙو پني جو ٽڪر هواءِ ۾ لوڏي ثبوت طور پيش ڪيو ويو ته عالمي قوتون سندس خلاف سازش ڪري رهيون آهن. ان پني تي لکيل ڇا آهي؟ اهو به نه پڙهي ٻڌايو ويو. ان ڪري محسوس ائين ٿي رهيو هئو ڄڻ خان صاحب جي خلاف ڪا ڏيهي يا پرڏيهي سازش ڪانه پئي ٿئي بلڪ هُو اهڙي سازشي نظرئي يا تصور کي خلقڻ چاهي ٿو ته جيئن پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي.
حقيقت اها آهي ته خان صاحب کي ڪنهن قسم جي سازش جي ضرورت ئي ڪانهي. پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪوڪو به هُو پنهنجو پاڻ ئي هڻندو. ڪنهن ٻئي کي اهڙي تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. خراب حڪمراني هڪ حقيقت آهي، سازش نه. خان صاحب هن وقت تائين جي پنهنجي حڪمرانيءَ دوران ملڪ جي عوام کي سواءِ ڳالهيون، ٽوٽڪا، قصا، آسرا، دلاسا، ڪُوڙ، يوٽرن ۽ گارگند جي ٻيو ڪجهه نه ڏنو آهي. هن پنهنجي اتحادين کي پاڻ سان جوڙي رکڻ جي ڪڏهن ڪوشش ڪانه ڪئي. ڇاڪاڻ ته کيس پڪ هئي ته جن اتحادي جوڙي ڏنا آهن اهي هميشه ساڻس گڏ بيٺا هوندا ۽ نتيجي ۾ سندس اتحادي به ڪيڏانهن نه ويندا. سموري تباهي هن جي پنهنجي آندل آهي. نظر ائين پيو اچي ته عمران خان پاڪستاني تاريخ جو پهريون وزيرِ اعظم هوندو جنهن جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ ڪامياب ٿي ويندي. اهڙيءَ ريت هُو ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ کٽڻ کان علاوه اهو رڪارڊ به پنهنجي نالي ڪري وٺندو.
2018 وارين چونڊن ۾ ايتري چٽي ۽ وڏي مدد کان پوءِ به سندس پارٽي اسيمبليءَ ۾ سادي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي هئي. وزيرِ اعظم بڻجڻ لاءِ کيس پنهنجي پارٽيءَ سان گڏوگڏ اتحادين جا ووٽ به مليا هئا تڏهن وڃي ڪامياب ٿيو هئو. اهو اشارو هئو ان ڳالهه جو ته ووٽرن کيس اڪيلي سر حڪمرانيءَ جي لائق بهرحال نه سمجهيو هئو. انهن جي خواهش ۽ سمجهه اها هئي ته خان صاحب ٻين سان گڏجي حڪومت ڪري پر خان صاحب ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتانيءَ کان وٺي آمراڻي رويي جي ڪري مشهور آهي ان ڪري حڪمرانيءَ دوران به هن اتحادين کي ته ٺهيو پنهنجي پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن کي به ان لائق نه سمجهيو ته انهن کي اقتدار ۾، فيصلن ۾، صلاح مصلحت ۾ پاڻ سان گڏ رکي. انهن کي ڪا اهميت ڏئي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي بقول بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 4 يا 5 اپريل تائين ٿي ويندي. ظاهر آهي حڪومت ان کان وڌيڪ ان معاملي کي اينگهائي نه ٿي سگهي. عمران خان پنجاب جي وڏ وزارت جو واعدو ڪري قاف ليگ کي پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. قاف ليگ اوڌر بدران روڪن وارو سودو ڪرڻ کي ترجيح ڏني. ظاهر آهي جيڪڏهن قاف ليگ مخالف ڌر سان گڏجي ها تڏهن به ايندڙ وقت ۾ پنجاب جي صوبائي توڙي ملڪ جي مرڪزي حڪومت ۾ سندن حصيداري قبولي وئي هوندي پر چوڌري ڀائرن شايد اهو سوچيو هجي ته مخالف ڌر تمام گھڻي ڦهليل ۽ رنگا رنگي آهي جنهن ڪري ان جا ڪيل واعدا الائي پورا به ٿين الائي نه. ان ڪري جيڪو ڪجهه عمران خان کان اڄ ملي رهيو آهي اهو مخالف ڌر کان سڀاڻي وٺڻ کان بهتر آهي. بهرحال هڪڙي پاسي قاف ليگ مخالف ڌر سان نه بيهڻ جو فيصلو ڪيو ته ٻئي پاسي ساڳي ئي ڏينهن تي حڪومتي اتحادي بلوچستان عوامي پارٽيءَ حڪومت کان الڳ ٿي مخالف ڌر سان بيهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم به مخالف ڌر سان هٿ ملائڻ لاءِ راضي ٿي وئي جنهن جا امڪان چِٽا آهن ته پوءِ انهن ٻنهي پارٽين جي 17 ايم اين ايز جي مدد سان وزيرِ اعظم جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ ڪامياب ٿي ويندي. مخالف ڌر کي نه وفاداريون تبديل ڪندڙ تحريڪِ انصاف جي ايم اين ايز ۽ نه وري قاف ليگ جي مدد گهربل هوندي.
جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ اڻ ڌريا رهيا ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ ضرور ڪامياب ٿي ويندي.