2018ع جي عام چونڊن ۾ عمران خان کي وزير اعظم ڪيئن ٺاهبو ويو، کيس گھربل ووٽ پورا ڪرڻ خاطر نه رڳو شگرملز مافيا جي مک ڪردار جھانگير ترين جو ذاتي ھوائي جھاز ۽ سندس ڌن دولت جا انبار استعمال ڪيا ويا پر سرڪاري خزاني کي به چڱو خاشو ٻرو ڏنو ھو وس وارن!
وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ عمران خان ذري گهٽ چئن سالن ۾ ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو پر حقيقت ۾ ھن ملڪي معيشت ۽ سياست جا جيڪي سر ساڙي ڇڏيا آهن، سي ڪڏهن به ساوا نه ٿي سگهندا. ھڪ پاسي بيروزگاري ۽ مھانگائي ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي ڪوڙن وعدن جي يلغار، بي اصوليءَ جي انتھا ۽ سياسي ڪمپرومائيز وسيلي پنهنجي حڪومت بچائڻ خاطر پنجاب جي انھن چوڌرين کي وزير اعليٰ مقرر ڪرڻ جن کي پاڻ سدائين ڌاڙيل سڏيندو هو، اھڙي ته سندس بدناموسي پکيڙي ڇڏي آهي جو ماڻهن جو پاڪستاني سياست تان ارواح ئي کڄي ويو آهي.
ايئن به ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي قيادت ھن ملڪ جي پيڙيل ۽ ڏتڙيل ڪروڙين انسانن لاءِ آسمان مان تارا لاهي کين سکيو ستابو ڪيو آهي. پر ھنن ٽنھي سياسي جماعتن جي غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلن جي ڀيٽ ۾ عمران خان پاران جاري ڪرايل ٽيھه کن صدارتي آرڊيننس(حڪمنامن) جنهن نموني چونڊيل پارليامينٽ کي بي مقصد ۽ بيعزتو ڪيو آهي، تنهن جو مثال 2018ع کان اڳ گھٽ ملي ٿو. سياست ۾ جيڪا رواداري، سھپ ۽ مخالف ڌر جي راءِ کي اھميت ڏيئي جمھوري سرشتي جي آبياري ڪرڻ جا آفاقي اصول سڀني مھذب سماجن ۾ ڏسون ٿا، انهن تي وزير اعظم عمران خان گذريل چار ئي سال بلڊوزر گھمائي کين چٿيندو رهيو. فقط اھا ئي ھڪڙي وائي سندس وات ھئي ته، “حڪومت ۽ فوج ساڳئي صفحي تي آهن.”
ھن ھڪ جملي کي نه رڳو عمران خان پر سندس وزيرن ۽ مشيرن به ايتري قدر ورجايو جو عسڪري اداري جي ترجمان کي بار بار اھا تنبيهه ڪرڻي پيئي ته،”فوج کي سياست ۾ نه گھليو، نه گھليو!” ۽ پوءِ نيٺ گذريل سال 6 نومبر تي ھڪ حساس عسڪري اداري جي سربراهه کي اھم عھدي تان ھٽائي، اھو اعلان ڪيائون ته اسان آئينده نيوٽرل يعني غيرجانبدار رهنداسون. اھو اعلان مخالف ڌر جي اڳواڻن جي ڪنن کي ھڪڙو سريلو گيت بڻجي لڳو ۽ ھو وزير اعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي واري رٿ لاءِ مڙي مٺ ٿي ويا. اسپيڪر اسد قيصر غير آئيني طريقن سان اھا رٿ ڪيترائي ڏينهن ٽاريندو رهيو پر نيٺ سومر تي مخالف ڌر جا 161 ميمبر بي اعتمادي واري رٿ کي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري چڪا آهن.
دنيا جي جنهن جنهن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت وارو نظام ھلندڙ آھي، اتي ڪنھن به حڪمران خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ ھڪڙي عام رواجي روايت آهي. پر عمران خان ته آئين مطابق ٿيندڙ انھيءَ جمھوري عمل کي ھڪ عالمي سازش جو ليبل لڳائي، پاڻ کي ذوالفقار علي ڀٽو جيان مظلوم ٺاھڻ لاءِ ھٿوراڙيون ھڻندو وتي. ھو ايتري قدر وائڙو ۽ بتال ٿي ويو جو پھريون ھٿوڙو عثمان بوزدار جھڙي پنھنجي سڀني کان وڌيڪ تابعدار ساٿي ۽ وزير اعليٰ پنجاب کي وھائي ڪڍيو اٿس جنهن لاءِ سدائين ھام ھڻندو ھو ته بيشڪ آسمان ڊھي پوي تڏهن به عثمان بوزدار کي ھرگز نه ھٽائيندس. ان وائڙپ ۾ وڏو تماشو اھو ڪري ڇڏيائين ته قومي توڙي پنجاب اسيمبليءَ ۾ سڀني کان گھٽ سيٽون کٽيندڙ جماعت (ق) ليگ جي چوڌري پرويز الاهي کي وڏو وزير نامزد ڪري، عثمان بوزدار کان استعيفيٰ وٺي ڇڏيائين.
مطلب ته عمران خان پنهنجن سچن ڪارڪنن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٺاهي ڏينھن رات رٺل اتحادي جماعتن کي پرچائڻ ۽ سرچائڻ ۾ پورو آهي. جيڪڏهن اھو ساڳيو ڪم سال ڏيڍ اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي ھا ته اڄ کيس ايترو خوار نه ٿيڻو پوي ھا. پر اقتدار جي مڳي ۽ ساڳيو صفحو سندس ميڄالي تي سوار ھئا، تنھنڪري سڀني کي دوکو ڏيندو رهيو. سالڪ چوندا آهن ته جيڪي ماڻهو ٻين سان دغا ڪندا آهن، تن کي اھا ڄاڻ ئي نه ھوندي آهي ته ھو پنھنجو پاڻ سان دغا بازي ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد ۾ ڄڻ ته هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ميمبرن جي پڙي لڳي ويئي آهي. ھن پڙيءَ ۾ سڀني کان گھڻي اگھه اگھاڻو آهن ايم ڪيو ايم وارا، جن کي عمران حڪومت پاران سنڌ جي گورنرشپ ۽ ڪراچيءَ جي ٻنهي بندرگاهن جي نگرانيءَ واري وزارت پورٽ اينڊ شپنگ جي آڇ ڪئي آهي، پر پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان لکت ۾ معاهدو ڪري مطالبا مڃڻ جي حامي ڀري آهي. ان ڪري انهن شام ڌاري عمران حڪومت سان اتحاد ختم ڪري، پي ڊي ايم جي حق ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ بي اعتمادي واري رٿ مھل پنهنجا ووٽ وزير اعظم عمران خان جي خلاف ڪاسٽ ڪندا.
عمران خان بابت ايم ڪيو ايم ته ڇا پر عام ماڻهو به سمجهي سگهن ٿا ته سگھاري ڌر پنهنجو سگھو ۽ شفقت وارو ھٿ سندس مٿي تان ھٽائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ھو ڏينهن ٻن جو مھمان آهي. ظاهر آهي ته ھيءَ موقعي پرست تنظيم مستقبل جي قيادت بڻجڻ وارن شريفن، زردارين ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڇانورن ۾ اجھو وٺڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهن ٿا. سو منهنجي اڳڪٿي موجب ايم ڪيو ايم وارا وزير اعظم عمران خان جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ مان ٽپ ڏيئي لھي پي ڊي ايم جي اميدن ڀرئي قافلي ۾ شامل ٿي ويا.
اڃا ھيءَ پيراگراف لکي پوري ڪئي اٿم ته منجهند سوا ھڪ وڳي اسلام آباد مان خبر ملي اٿم ته عمران خان جي ڪابينه ۾ شامل ايم ڪيو ايم جي وزير قانون فروغ نسيم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق وزارتن تان استعيفيٰ ڏيئي وزير اعظم کي اماڻي به چڪا آهن.
جيتري قدر حقيقت آهي ھڪڙي پراسرار خط جي، جنهن کي عمران خان گذريل ھڪ ھفتي کان پنھنجن جلسن ۾ رڳو پري کان ڏيکاري پيو ۽ چوي ٿو ته سواءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس بنديال صاحب جي ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيکاريندس، ان جي فوٽو ڪاپي به مون کي ھڪ دوستن واٽس ايپ وسيلي موڪلي آهي. انگريزيءَ ۾ لکيل اھو خط پڙهي، پنهنجي وسيع سياسي ۽ صحافتي تجربن آڌار خاطريءَ سان چوان ٿو ته اھو جعلي آهي ۽ عمران خان جي ڪوڙ گھڙڻ واري ڪارخاني جي ڪاريگرن گھڙيو آھي.
ھيءَ ڪوڙو خط عمران خان انھيءَ ڪري ميڊيا وارن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نه پيو ڏيکاري ته متان آمريڪي سفير سان ملي کانئس پڇا ڪري وٺن ته ھيءَ خط سچ پچ آمريڪا جي صدر جؤبائيڊن لکيو آهي؟ آمريڪي صدر ته ڇا ڪو ھيٺئين سطح جو سفارتي عملدار به اھڙي ٻولي ڪڏهن ڪونه لکندو جنھن ۾ Diplomatic Language ئي نه ھجي. مون کي شڪ آهي ته ھيءَ خط به وزير قانون فروغ نسيم جو ئي لکيل آهي جنهن نه رڳو اعليٰ عدالتن ۾ سمورا ڪيس ھارايا آهن ۽ ڊپلوميسيءَ جي فن کان به وانجھيل آهي.
عمران خان اھو پرڏيهي اڳواڻ جو ھٿ ٺوڪيو خط پنھنجن ڪجھه صحافي دوستن کي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو آهي، اھڙو اعلان وزير داخلا شيخ رشيد ڪيو آهي. آخر ڪھڙو ڪارڻ آھي ته ڪنهن پرڏيهي اڳواڻ جي سازش ۽ ھشيءَ تي سندس حڪومت خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي جي رٿ کي سموري آزاد ميڊيا آڏو رکڻ کان لنوائي ٿو؟ جيڪڏهن اھا عالمي سازش آهي ته ان کي وائکو ڪرڻ کان ڇو ٿو ڊڄي؟ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف 1976-77ع ۾ جن پرڏيهي طاقتن ڊالرن کي پاڻيءَ جيان وھايو، انھن جو ذڪر ڪندي به ھي ھمراه ڊپ وچان آمريڪا جو نالو ئي نٿو کڻي. ڀٽو صاحب ته راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ھڪ وڏي عام جلسي ۾ آمريڪي سازش کي پڌرو ڪندي ان کیي اڇو ھاٿي قرار ڏنو ۽ ايتري قدر چيو ھو ته،
This white elephant wants to eliminate me.
حيرت جھڙي ڳالهھ آھي ته ھن جعلي خط ۾ جؤبائيڊن کيس ڌمڪي ڏيندي لکيو آهي ته، “عمران خان تون اسلامو فوبيا جي ڳالهه ڪري، ترڪيءَ جي عثماني سلطنت کي ٻيهر وجود ۾ آڻڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري رهيو آهين، تن کي روڪڻ لاءِ مجبور ٿي آئون ھيءَ خط لکڻ ۾ پنھنجو قيمتي وقت زيان ڪريان پيو ڇو ته آئون توسان واٽس ايپ تي به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيان.”
ھاڻي سوچيو ته ھن شخص پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ لاءِ سئو سال اڳ لوئيزان ۾ ٿيل ھڪ بين الاقوامي معاھدي جي آڙ وٺي پاڻ کي سڄي دنيا جي مسلمانن جو ھيرو ثابت ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن. جڏهن ته پاڻ ترڪيءَ جو اڳواڻ طيب اردوان ڪڏهن به سلطنت عثمانيه جي بحاليءَ بابت ڪونه ڳالهائيندو آهي. ھن کي ڄاڻ آهي ته اسان مسلمان قومون جڏهن فلسطين ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جي سگھه نه ٿا ساري سگهون ته پوءِ سمورن عرب ملڪن ۽ يورپ جي ڪجھه حصن تي ٻيھر قبضو ڪيئن ڪري سگهنداسين.
آئون وري به چوان ٿو ته ھيءَ سوچ اردو جي ناليواري تاريخ نويس نسيم حجازي جي ھوائي لکڻين کي پڙهندڙ فروغ نسيم جي ئي ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته عمران خان کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت ئي ڪونهي. ھن کي نه دنيا جي شاندار ڪلاسيڪل ادب سان لڳاءُ رهيو آهي، نه ئي عمران خان نسيم حجازي جا ڪتاب پڙهيا آهن.
بھرحال ھاڻي ھو جيڪا به اٽڪل سٽڪل ڪري پيو ان مان کيس ڪجھه به نه ورندو. جيڪي دوست سمجھن ٿا ته عمران پاڻ ايماندار آھي، انھن جا ڪجھه ڏينهن کان پوءِ وائيسر ڦري ويندا. جڏهن عمران خان جا ھانءُ ڏاريندڙ ڪرپشن جا قصا اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تي عام ٿيندا.