رئوف نظاماڻي
سترهين صدي جي شروع ۾ يورپ جا مختلف ملڪ جهڙوڪ هالينڊ، انگلينڊ، فرانس، اسپين ۽ پورچوگال وغيره جيڪي هن وقت معاشي لحاظ کان ترقي ڪيل ملڪن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا هندستان ۽ ٻين گھڻن اڄ جي گھٽ ترقي يافتا ملڪن کان گھٽ ليکيا ويندا هئا. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت دنيا جي ٽيڪسٽائيل جي پيداوار ۾ انگلينڊ جو حصو پنج سيڪڙو مس هو جڏهين ته هندستان جو پنجويهه سيڪڙو هو.
انهن ملڪن جي ٻي دنيا تائين پهچ ۾ سامونڊي جهازن ۾ سڌاري ۽ ترقي هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. اتفاق سان آمريڪا جي دريافت اسپين لا خزانن جا در کولي ڇڏيا ۽ اهو هڪ پٺتي پيل ملڪ مان عالمي طاقت بڻجي ويو.ِ پو ٻيا ملڪ به ان جي ڪڍ اتي پهتا. ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا ڄڻ انهن جي پهچ ۾ اچي ويئي. هالينڊ ۽ انگلينڊ وغيره نالي ۾ ننڍا ملڪ هئا پر سامونڊي طاقت ۽ جديد هٿيارن انهن کي گھڻن ملڪن جي حڪومتن کان وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيو هو.
انهن مان ڪجھه ملڪن پاران واپار جي نالي ۾ ڪمپنيون ٺاهيون ويون جن کي هڪ ته حڪومتن جي پوري پٺڀرائي هوندي هئي ۽ ٻيو عام ماڻهن جي ان ۾ سيڙپ هوندي هئي. جڏهين ته ٻين ملڪن ۾ اهو واپار حڪومتن جي سڌي ضابطي ۾ هوندو هو. ڏٺو وڃي ته واپار جو رڳو نالو هوندو هو جڏهين ته اصل ڪم سمنڊ ۽ مختلف ملڪن ۾ ڦرمار ۽ زور زبردستي سان پنهنجي لا فائدا حاصل ڪرڻ هوندو هو. انهن بحري جهازن سان گڏ باقاعدي هٿيار ۽ فوج هوندي هئي ۽ انهن جون سمنڊ ۾ هڪٻئي سان چڪريون هڪ عام ڳالهه هوندي هئي. پورچوگال، انگلينڊ، فرانس ۽ هالينڊ وغيره جا هڪٻئي جي جهازن تي حملا ۽ ڦرمار هڪ معمول هوندو هو ۽ حڪومتن پاران ان جو ڪو تدارڪ به نه ڪيو ويندو هو بلڪ ان جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي.
ان وقت مصالحن وغيره جي يورپ ۾ گھڻي گھرج هوندي هئي ۽ اهو هڪ نفعي وارو واپار هوندو هو. ايسٽ انڊيزيا انڊونيشيا مصالحن جو مرڪز هو. ان واپار تي پورچوگال ۽ اسپين جي هڪ هٽي هوندي هئي. 1588 عيسوي ۾ انگلينڊ هٿان اسپين جي شڪست انگلينڊ کي اهو موقعو ڏنو ته اهو ان واپار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٺاهڻ جو مقصد اهو ئي هو. ان وقت هالينڊ جيتوڻيڪ هڪ ننڍو ملڪ هوندو هو ۽ تازو ئي اسپين کان آزاد ٿيو هو پر ان جي واپار جي حوالي سان اهم حيثيت هئي. وٽس ايتري فوجي طاقت هئي جو اهو پنهنجن واپاري مفادن جي حفاظت ڪري سگھي. 1623 ۾ امبوئنا جي واقعي ۾ ڊچ حاڪمن پاران انگريز، پورچوگيزي ۽ جپاني واپارين جي قتل عام هڪ لحاظ کان ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ان مصالحن جي واپار کان ڄڻ ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ ان پو هندستان ۾ ڪپهه جي واپار ڏانهن توجھه ڏني، جتي ان کي هڪ دنيا ئي ٻي نظر آئي. هتي ان جو مقابلو پورچوگيزن سان هو پر هالينڊ ۽ انگلينڊ هٿان ايشيا ۾ پورچوگال جي شڪست ان کي ان مقابلي کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ان وقت پورچوگال دنيا ۾ ڄڻ هڪ دهشت جي علامت هوندو هو. ان جا مختلف علائقن ڏانهن جيڪي سامونڊي جهاز ويندا هئا اهي باقاعدي هٿياربند هوندا هئا. کين سرڪاري سرپرستي حاصل هوندي هئي ۽ اها نه رڳو اجازت هوندي هئي پر ان جي حوصلي افزائي به ڪئي ويندي هئي ته اهي سامونڊي قزاقن وارا طريقا اختيار ڪن ۽ سمنڊ ۾ ڪنهن به ملڪ جو ڪو جهاز نظر اچي ته ان تي حملو ڪري ان کي ڦرين ۽ ان جي مال تي قبضو ڪن. ڏکڻ هندستان جي بندر گاهن تي پورچوگيزن جي حملن ۽ مختلف علائقن تي قبضا ۽ ڦرمار هڪ عام ڳالهه هئي. گھڻن مقامي حڪمرانن ۾ ايتري سگھه نه هئي جو اهي انهن کي منهن ڏيئي سگھن ۽ انهن جو مقابلو ڪري سگھن. ساڳي ريت پورچوگيزن پاران ٺٽي کي ڏنل باهه سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. اهي ڦرمار ڪري جڏهين واپس پنهنجي وطن موٽندا هئا ته انهن جو بادشاهه ۽ عام ماڻهن پاران شاندار آڌرڀا ڪيو ويندو هو ۽ ڦر ڪيل مال سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيو ويندو هو.
فرانس ۽ انگلنيڊ ۾ 1756 کان 1763 جي ست سالن واري جنگ ان سلسلي جو اهم واقعو آهي. اها جنگ بنيادي طور يورپ جي ملڪن جي جنگ هئي جنهن ۾ اسپين به شامل هو جنهن جو ان کي گھڻو نقصان کڻڻو پيو. ان جي شروعات آسٽريا ۽ پرشيا جي وچ ۾ هڪ علائقي جي ملڪيت تان ٿي. انگلينڊ پرشيا جي پاسي جڏهين ته فرانس آسٽريا جي پاسي هو. اڳتي هلي اها جنگ هڪ عالمي جنگ ۽ تنازعي جي صورت اختيار ڪري ويئي. يورپ کانسوا آمريڪا، هندستان، چين ۽ دنيا ۾ جتي به انهن ٻنهي ملڪن جا مفاد هئا اهي سڀ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويا. ساڳي وقت سمنڊن ۾ به اها جنگ وڙهي ويئي. ٻنهي ملڪن پاران انهن سڀني علائقن ۾ هڪٻئي جي مفادن کي نقصان پهچائڻ ۽ انهن تي حملي ڪرڻ لا باقاعدي حڪم جاري ڪيا ويا. 1763 ۾ پيرس ٺاهه تحت فرانس ڪينيڊا کي انگلينڊ جي حوالي ڪيو ۽ اهڙي ريت اها جنگ ختم ٿي ۽ ڪينيڊا ٻن ثقافتن وارو ملڪ بڻجي ويو.
يورپ جي گھڻن ملڪن ايئن ئي سمجھيو هو ته جيئن انهن آمريڪا کنڊ جي ماڻهن کي زير ڪيو هو ۽ اتي قبضو ڪري ڪنهن روڪ ٽوڪ کانسوا ڦرلٽ ڪئي هئي اهي ان ساڳي نموني سان هندستان ۽ ان جي ماڻهن تي به حاوي ٿي ويندا. پر اها ڳالهه ايتري سولي نه هئي. هندستان ۾ اورنگزيب جي وقت تائين جڏهين دهلي ۾ هڪ مضبوط مرڪزي حڪومت موجود هئي، اها ڳالهه اٽڪل ناممڪن هئي. ان جو اندازو ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ان وقت ٿيو هو جڏهين انهن ڏکڻ هندستان ۾ پنهنجي واپاري مرڪزن کي ديوار ڏيڻ ۽ قلعا ٺاهڻ شروع ڪيا. تنبيهه جي باوجود جڏهين اهي انهن کان باز نه آيا ته اورنگزيب پاران باقاعدي فوج موڪلي انهن کي ڊاٿو ويو، لنڊن ۾ ڪمپني جي هيڊ آفيس پاران به کين صلاح ڏنني ويئي ته حڪمرانن سان ٽڪرا کان پاسو ڪيو وڃي جيڪا ڳالهه ڪمپني جي واپاري مفادن لا هاڃيڪار هئي.
پر اورنگزيب جي وفات کانپو مغل سلطنت وکرجڻ شروع ٿي ۽ اها صورتحال بدلجي ويئي. هڪ خال ۽ افراتفري هئي جنهن ۾ مختلف گروهن مٿڀرائپ حاصل ڪرڻ لا ڪوشش شروع ڪئي ۽ انهن گروهن ۾ خاص طور فرانس ۽ انگلينڊ جي واپاري ڪمپنين جو اهم ڪردار هو.