ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بدين جون سُڪل شاخون

Editorial

       گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سببب آبادگار ۽ عام ماڻهو پريشانيءَ جو شڪار آهن. هاڻوڪي مند ۾ جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ڪئي ويندي آهي ته ان سان سنڌ ۾ پوکيل فصل گهڻا متاثر ٿيندا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ گهڻي ڀاڱي زراعت تي ڀاڙي ٿي، جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته سنڌ جي زرعي معيشت سخت متاثر ٿئي ٿي. تنهنڪري هاڻوڪي مند ۾ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ لڳي پئي آهي. هن وقت سنڌ جي مختلف ضلعن جي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، جنهن جي ڪري هڪ پاسي ته آبادگارن کي پوکي لاءِ پاڻي ڪونه ملي رهيو آهي ۽ نه ئي عام شهرين کي پيئڻ جو پاڻي ملي رهيو آهي. تنهنڪري سنڌ جا ماڻهو انهن شهرن ۾ احتجاجن جي سلسلي کي جاري رکندا پيا اچن جتي پاڻيءَ جي کوٽ گهڻي وڌي وئي آهي.

بدين ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ لڳي پئي آهي. ان مان ظاهر آهي ته اتان جا ماڻهو وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ پوڇڙي وارو صوبو آهي، ان ڪري پاڻيءَ جي کڻت تي پهريون حق سنڌ جي ماڻهن جو آهي پر هتي پاڻيءَ جي ورڇ جي حوالي سان هر اصول کي پاسيرو رکيو ويندو آهي. ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان موجب ماڻهن احتجاج ڪيو آهي.بدين ضلعي ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن خلاف بدين ايڪشن ڪميٽي پاران ماتليءَ ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪري الله واري چوڪ تي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آھي. بک ھڙتالي ڪيمپ ۽ مظاھري کي خطاب ڪندي امير آزاد پنھور، شاھنواز سيال، اسلم مھندو، ڪيلاش مڪواڻو، مولوي گل حسن زنيور، گل محمد شاھه ۽ ٻين چيو ته بدين ضلعي ۾ پاڻي جي ھٿ وٺي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، جنهن ڪري بدين ضلعي ۾ پوکيل فصل سڙي سڪي رھيا آھن ۽ آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي، جڏھن ته ھاري ڪنگال ٿي ويا آھن. ھنن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب جانورن ۽ انسانن جي پيئڻ لا به پاڻي ميسر ناھي، جنهن ڪري وڏي انگ ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آھي. ھنن چيو ته بدين ضلعي ۾ مڪاني ادارن ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرپشن ڪئي وئي آھي ۽ بدين ماتلي سميت ضلعي جي مختلف شھرن جي ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن مان ڪروڙين رپيا ڪڍي لانگ مارچ تي خرچ ڪيا ويا آھن. ھنن بدين ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري مڪاني ادارن ۾ ڪيل ڪرپشن جي جاچ جي گھر ڪئي. هڪ پاسي ته پنجاب کان سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪيو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي وري سنڌ ۾ جڏهن اهو پاڻي پهچي ٿو ته آبپاشي کاتي جا عملدار پاڻيءَ کي پئسن تي وڪرو ڪندا آهن. گهڻُو ڪري اهو پاڻي بااثر ماڻهن کي وڪرو ڪيو ويندو آهي يا وري واهن ۾ لفٽ مشينون لڳائي پاڻي کنيو ويندو آهي. جڏهن ته سنڌ جي هينين علائقن جا آبادگار اهڙي عمل سبب گهڻو ڀوڳيندا آهن. پاڻيءَ جي کڻت وارو اصول رڳو پنجاب تي لاڳو نٿو ٿئي بلڪه اهو اصول سنڌ جي ماڻهن تي به لاڳو ٿئي ٿو، ان ڪري پوڇڙي ۾ ايندڙ علائقن کي پهرين پاڻي فراهم ڪرڻ لازمي هوندو آهي ته جيئن انهن آبادگارن جون زمينون آباد ٿي سگهن. جيڪي پاڻيءَ کي کوٽ کي منهن ڏيندا رهندا آهن پر هتي ته صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ لڳي پئي هوندي آهي. هاڻ جڏهن خريف جي مند ۾ هونئن به پاڻيءَ جي کوٽ لڳي پئي آهي، بدين جهڙو ضلعو پاڻي دستياب نه هجڻ ڪري لاڳيتو ڀوڳي رهيو آهي. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ماڻهن جيڪو احتجاج ڪري رهيا آهن. اهو احتجاج جائز آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اسين سمجهون ٿا ته پاڻي جي کوٽ وارو معاملو بنهه گهڻو سنجيده آهي. ان کي ڪنهن به ريت نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري پهرين ته ارسا کي ان ۾ هڪ منصفاڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي پنهنجو فرض نڀائڻو آهي. جيڪو پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي کي ان ڳالهه جو پابند بڻائي ته جيڪو پاڻي سنڌ ۾ پهچي رهيو آهي. ان جي ورڇ کي منصفاڻو ڪري، ان لاءِ ضروري آهي ته دستياب پاڻي پهرين بدين ضلعي تائين پهچايو وڃي ان کان پوءِ ٻين ضلعن کي پاڻي ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته بدين ضلعي وارين سامونڊي چاڙهه کي به منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اها چاڙهه لاڳيتو ٻن ڏهاڪن کان جاري آهي. تنهنڪري هنگامي بنيادن تي بدين جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار پريشانيءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button