پابلو نرودا کي جڏهين چلي جي پرڏيهي وزارت پاران ڪائونسل مقرر ڪرڻ لا مختلف ملڪن جي چونڊ ڏني ويئي ته هن بس ائين ئي برما جي گادي جي هنڌ رنگون جي چونڊ ڪئي. هن نه ٿي ڄاتو ته اهو ڪٿي هو ۽ چونڊ کان پو کيس ان جو نالو به وسري ٿي ويو. هن بس اهو ڄاتو ٿي ته اها جا نقشي ۾ هڪ سوراخ وانگر آهي. هو بحري جهاز ۾ سوار ٿي پيرس، لزبن، آفريڪا جي مختلف ملڪن، جپان ۽ سنگاپور مان ٿيندو رنگون پهتو. سندس چوڻ آهي ته اتي ٽن مهينن ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪلڪتي کان چلي لا پريفين ۽ چانهه کڻي ايندڙ جهاز جي ڪجھه ڪاغذن تي صحيح ڪرڻي هوندي هئي جڏهين ته باقي سڄو وقت هو فارغ هوندو هو.
برما به انگريزن جي ماتحت هو ۽ هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هندوستان جو حصو هو. ليکڪ اتي انڊين نيشنل ڪانگريس جي هڪ ڪانگريس ۾ به شرڪت ڪئي ۽ هن اتي مهاتما گانڌي، موتي لعل نهرو ۽ سندس پٽ جواهر لعل نهرو کي به ڏٺو هو.
ان دوران ليکڪ ڏور اوڀر جي مختلف ملڪن ۾ ويو ۽ خاص طور هندو مت، ٻڌ مت ۽ مسلمانن جي مختلف طور طريقن جو مشاهدو ڪيو. انڊو چائنا جي ملڪن جي سفر دوران هو هڪ نانگن جي مندر ۾ ويو جتي سوين نه پر هزارين نانگ هئا جيڪي سڄي مندر ۾ ديوارن، ڇتن ۽ فرش تي پيا هلندا هئا پر ڪنهن کي انهن مان ڊپ ڊا نه هو. انهن لا مختلف ٿانون ۾ کير پيل هوندو هو. ان اتي مندر جي هڪ سنڀاليندڙ کان پڇيو ته اهي نانگ ڪيئن ٿا هٿ ڪن ته هن ٻڌايو ته اهي پنهنجي ليکي مندر ۾ داخل ٿيندا آهن ۽ پنهنجي ليکي ئي هتان هليا ويندا آهن. ان سلسلي ۾ اهي ڪجھه به ناهن ڪندا.
هو پينانگ ۾ ان مندر مان هڪ عام بس ۾ موٽي رهيو هو. بس جڏهين ڪمپوڊيا جي علائقي ۾ جھنگل ۾ داخل ٿي ته ان وقت بس ۾ هو اڪيلو پرڏيهي هو جڏهين ته ٻيا سڀ مقامي ماڻهو هئا. اهي سڀ کيس چتائي غور سان ڏسي رهيا هئا. کيس اچي ڊپ ورايو ته اهي ساڻس ڇا ڪندا. اڳتي هلي بس جھنگل جي وچ ۾ بيهي رهي ۽ سڀ مسافر بس مان لهي ڪنهن پاسي هليا ويا. سندس ڊپ اڃا وڌي ويو ته اهي کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ڪنهن کي ڄاڻ به نه هوندي. ڪجھه دير کانپو کيس روشني نظر آئي ۽ دهل دمامن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهي ماڻهو ڪمبوڊيا جا روايتي ناچ ۽ گيت ڳائي رهيا هئا. هنن کيس ٻڌايو ته بس خراب ٿيڻ جي ڪري هنن سوچيو ته پنهنجي مهمان کي ناچ ۽ گيتن سان وندرائجي. اهڙي ريت سندس ڊپ لٿو ۽ ماڻهن ۾ سندس اعتماد قائم ٿيو.
پابلو نرودا لا نقادن پاران چيو ويو ته ڏور اوڀر ۾ رهڻ جو سندس شاعري تي اثر پيو آهي جيڪوِ خاص طور سندس مجموعي Residencia en la tierra. ۾ ظاهر ٿئي ٿو. پر هو پاڻ اهڙي ڪنهن ڳالهه کان انڪار ڪري ٿو. هن اتي مختلف مذهبن ۽ انهن جي پوئلڳن جو مشاهدو ڪيو. هن مسلمانن کي ٽانڊن تي هلندي به ڏٺو جنهن جي متعلق سندن چوڻ هو ته ان جو مٿن ڪو اثر نه ٿي ٿيو. هن هندن کي بتن ۽ پنڊتن آڏو سجدا ڪندي به ڏٺو. ساڳي وقت هن گوتم ٻڌ جا گھڻا مجسما ڏٺا جن کي صدين جي هوا، سج، مينهن ۽ قدرتي عنصرن خراب ڪري ڇڏيو هو. انهن تي پکين جون وٺون پيون هيون ۽ انهن جي منهن تي هڪ لاتعلقي واري مرڪ هئي. اولهه جي ٻين گھڻن ماڻهن جي برعڪس جيڪي اوڀر جي مذهبن ۽ فلاسافي ۾ اسراريت ڳولهيندا آهن ۽ ان کي يوگا ۽ ٻين حوالن سان هڪ خاص اهميت ڏيندا آهن هو اهڙي ڪنهن ڳالهه ۽ عقيدت جو اظهار نه ٿو ڪري. سندس موقف اهو آهي ته اوڀر جي ملڪن جي سڄي خاص فلاسافي جڏهين حقيقي زندگي سان منهن مقابل ٿئي ٿي ته اها اولهه جي پريشاني، دماغي خلل، مونجھاري ۽ مفادپرستي، جيڪي سرمايادارانا نظام جي بنيادي اصولن جي بحران جي نشاندهي ڪن ٿا، جي اضافي پيداوار لڳي ٿي. اڄوڪي هندوستان ۾ ماڻهو جي پنهنجي دن تي گهري سوچ ويچار ڪرڻ جي گنجائش ناهي. نوآبادياتي نظام ايڏي شديد نموني ڦرمار ۽ ماڻهن جو استحصال ڪيو آهي جو سندن تڪليفن ۽ اهنجن جي ڪري ماڻهن مان روحانيت جو نالو نشان غائب ٿي ويو آهي.
هن اتان جي گھڻن ماڻهن کي آفيم جو استعمال ڪندي ڏٺو. کيس اهو تجسس ٿيو ته نيٺ ان ۾ اهڙي ڪهڙي شي آهي جيڪا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. ان تجسس جي ڪري هڪ ڀيري هن آفيم جو هڪ ڊوز ورتو. کيس محسوس ٿيو ته ان ۾ هڪ قسم جي غنودگي ۽ بي عملي آهي جيڪا ماڻهن جي حواسن کي ڍرو ڪري ٿي ۽ باقي ان ۾ ڪابه اهڙي خاص ڳالهه ناهي. سندس چوڻ آهي ته اهو پهريون ۽ آخري ڀيرو هو ۽ ان کانپو هن ڪڏهين به آفيم جو استعمال نه ڪيو. سندس هڪ نظم جو اقتباس آهي. هو لکي ٿو ته سنگاپور کان شروع ٿيندي آفيم جي بو اچڻ شروع ٿئي ٿي. هن شريف انگريز کي خبر آهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي. عالمي ڪانفرنسن ۾ هو نشي جي لڪل واپارين خلاف گجگوڙ ڪري ٿو ۽ پنهنجي نوآبادين ۽ بندرگاهن ۾ سرڪاري نمبر ۽ مزيدار دوڪانن وسيلي پنهنجو منظور ڪيل دونهن جو ڪڪر موڪلي ٿو. اهو سرڪاري معتبر ماڻهو لندن ۾ بي داغ عاليشان لباس ۾ هڪ بلبل جيان ٽهل ٽڪور ڪندي هلي ٿو ۽ هتي اوڀر ۾ اهو معتبر ماڻهو پنهنجو نقاب لاهي هر گھٽي ۽ چوڪ تي غفلت، غنودگي ۽ بي عملي وڪڻي ٿو.
انگريز حڪمرانن پاڻ کي مقامي ماڻهن کان بلڪل ڌار ڪري رکيو هو. سندن مقصد انهن ماڻهن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ هتان جي وسيلن جي ڦرمار ڪرڻ هو. مقامي ماڻهن کان سندن نفرت جو مثال ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته هو رنگون ۾ شهر ۾ عام گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. کيس سندس انگريز دوستن پاران چيو ويو ته هو اها گاڏي استعمال نه ڪري. ڇاڪاڻ ته اها اتان جا عام ماڻهو استعمال ڪن ٿا پر هو ائين ڪندو رهيو جنهن جي ڪري انهن ساڻس ماڳيئي سماجي ناتا ئي ختم ڪري ڇڏيا. هن پاڻ ان کي بهتر سمجھيو ته هاڻي ساڻن ڪو تعلق نه رهيو.
هن رنگون ۽ پو ڪجھه عرصي لا سيلون، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ۾ ڪائونسل جي طور ڪم ڪيو ۽ 1932 ۾ پنهنجي وطن موٽي ويو. پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ليکڪ کي وري دنيا ۾ امن جي مشن تي انهن ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو. دهلي ۾ نهرو کي امن جي حوالي سان ڊاڪٽر جوليئٽ ڪيوري جو خط ڏيڻو هو جڏهين ته سيلون ۾ هڪ امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي. هتي هن پنهنجين پراڻين يادگيرين کي تازي ڪرڻ لا ان گھر جي ڳولها ڪئي جتي هن ڪولمبو ۾ رهندي هڪ ڪنڊ پاسي پنهنجي اڪيلائي گذاري هئي. اتان چين ويندي هو رنگون ۾ ترسيو هو. ان وقت برما جيتوڻيڪ انگريز جي غلامي کان آزاد ٿي چڪو هو پر اتان جي حالتن مٿس ڪو چڱو تاثر نه وڌو. انگريز جي دور ۾ دوڪان شين سان ڀريل ۽ روڊ رستا صاف سٿرا هوندا هئا جڏهين ته هن وقت صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ هئي. شهر ۾ گندگي جا ڍير هئا ۽ دوڪان خالي هئا.