ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزيراعظم”بيروزگار” ٿيڻ وارو آھي!!

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

ملڪ ۾ پيدا ٿيل سياسي صورتحال ڏسي اھو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم عمران خان نيازي سگهو ئي “بيروزگار” ٿيڻ وارو آھي ۽ سندس بيروزگار ٿيڻ ۾ ملڪ جو ظاھري طور گڏيل فائدو سمايل آھي.
مون اڳ به پوسٽ رکي هئي ته ملڪ جي مکيه دشمن کي ھٽائڻ لاءِ، ننڍن دشمنن سان ٺاهه ڪرڻا پوندا آھن. اھا بردباريءَ جي ڳالهھ آھي پر فيس بوڪ تي ڪيترن کي سمجهه ۾ نٿي اچي. ٻئي طرف، مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف بيان ڏنو آھي ته ايم ڪيو ايم، وفاقي سرڪار کان ڌار ٿي وئي آھي ۽ لکت ۾ مخالف ڌر سان ٺاهه ڪيو اٿن، ايم ڪيو ايم سان سچو ٺاهه ٿيل آھي، ڪو نقلي خط ناھي موڪليو ويو. سو عمران خان استعيفيٰ ڏئي ھليو وڃي. انھيءَ کانسواءِ. ھڪ اخبار جي ھيڊنگ موجب مخالف ڌر کي 199 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي آھي، جڏھن ته بي بي سي، سنڌ ھائوس، اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ 196 ميمبرن جي بھري وٺڻ جي خبر ڏني آھي. ميڊيا اھا خبر به ڇاپي آھي ته وفاقي وزيرن امين الحق ۽ فروغ نسيم استعيفائون ڏئي ڇڏيون آھن، خبر موجب ايم ڪيو ايم جي ٻن وفاقي وزيرن وزارتن تان استعيفائون ڏنيون آھن، جيڪي وزيراعظم ھائوس ڏانھن موڪليون ويون. اھا ڪارروائي اپوزيشن سان ٺاهه جو نتيجي ۾ ڪئي وئي آھي. اھا به ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته دھشتگردي روڪڻ واري خاص عدالت مجرم زاھد ۽ بسم اللہ کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ آپگهاتي حملي جي سازش سبب موت جي سزا ڏني آھي ۽ ڏهه ڏهه لک رپيا ڏنڊ به وڌو آھي. انھيءَ مان ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.
قومي اسيمبليءَ ۾ وزيراعظم عمران خان نيازيءَ کان جند ڇڏائڻ لاءِ اڳ ئي تحريڪ پيش ٿيل آھي ۽ ھاڻي انھيءَ تي ووٽنگ ٿيڻي آھي پر اھا اچرج جھڙي ڳالھه آھي ته وزيراعظم عمران خان پنھنجي پارٽي، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين جي حيثيت ۾ قومي اسيمبليءَ جي پنھنجن سمورن ميمبرن کي الڳ الڳ خط لکي ھدايت ڪئي آھي ته “تحريڪ عدم اعتماد” تي ووٽنگ دوران، سندس پارٽيءَ جو ڪو به ميمبر، اسيمبلي گڏجاڻيءَ ۾ بھرو نه وٺي. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب عمران خان جو اھو فيصلو اجايو ۽ نامناسب آھي. سندس پارٽيءَ کي به ووٽن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، پوءِ چاھين ته ڀلي تحريڪ عدم اعتماد خلاف ووٽ ڏين جيڪو سندن بنيادي حق آھي. ياد رهي ته مخالف ڌر، وزيراعظم عمران خان نيازيءَ خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ به بي اعتماديءَ جي رٿ اڳ ئي جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي ان تي ووٽنگ ڪل 7 ڏينھن اندر عدم اعتماد جي ووٽنگ ٿيڻي آھي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعوى ڪئي آھي ته عدم اعتماد جي ووٽنگ 3 اپريل تي ٿيندي. ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي 18 ايم اين ايز باغي ٿي بي اعتمادي رٿ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا اھم تبديلي آھي.
قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر، وزيراعظم عمران خلاف تاريخي ٺھراءُ اڳ ئي پيش ڪيو آھي جيڪو معمولي نه پر مکيه ڪارنامو آھي. انھيءَ ٺھراءُ تي سومر 28 مارچ تي شام جو 4 وڳي بدران ھڪ ڪلاڪ ليٽ يعني 5 وڳي ڌاري ڪارروائي شروع ڪئي وئي ھئي جڏھن ته مخالف ڌر جي 161 ميمبرن جون وزيراعظم عمران خان خلاف ٺھراءُ تي صحيحون ٿيل ھيون، جيڪا اھم ڳالھه آھي. بحث لاءِ گڏجاڻي 31 مارچ تي گھرايل ھئي ۽ ووٽنگ ڪل ستن ڏينھن اندر ٿيڻي آھي. بھرحال، 28 مارچ تي ڪارروائي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر محمد قاسم خان سوري ڪئي. جڏھن ته اسيمبليءَ جو اسپيڪر اسد قيصر موجود ئي ڪونه ھو، جنھن ظاھري طور ڪجھه کليو کلايو ڌانڌليون به ڪيون آھن. اصل پيش ڪيل ٺھراءُ تي ڪارروائي 14 ڏينھن جي اندر ڪرڻي ھئي پر اسد قيصر گهربل وقت کي اھميت ڪونه ڏني. دير سان ھن جمعي 25 مارچ تي شام جو اجلاس گهرائي فاتحه پڙھي، ترت اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ بيان ذريعي دعوى ڪئي ته فاتحه ڪارڻ ئي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ماضيءَ ۾ اھڙا کوڙ مثال آھن ته فاتح پڙھڻ جي باوجود وڌيڪ ڪارروائي جاري رکيو ئي يعني اجلاس لازمي ملتوي ڪرڻ ضروري ناھي ھوندو. ھونئن به قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجڻ کانپوءِ بي ريا ھوندو آھي پر ھيءَ ته وزيراعظم عمران خان جو کليو کلايو حامي رھيو آھي.
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ ھو ته بي اعتماديءَ جي رٿ ڪامياب ٿي ته وزيراعظم ۽ باغي ميمبرن کي گهر وڃڻو پوندو. انھيءَ مان گهٽ ۾ گهٽ اھا ڳالهھ چٽي آھي ته وزيراعظم عمران خان خلاف ڪارروائي اھم آھي. عمران خان جيڪو عام جلسو 27 مارچ تي ڪيو، تنھن لاءِ اڳ اعلان ڪيو ھئائين ته 10 لک ماڻھو عام جلسي ۾ ھوندا پر نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اھم پر جائز اعتراض ڪيو ته ڏهه ھزار ڪرسيون رکيون ويو تنھن ۾ ڏهه لک ڪيئن ويھندا؟ سندس چواڻي عوام، عمران خان نيازيءَ جو عام جلسو ناڪام بڻائي سندس سياست، دفن ڪري ڇڏي آھي. ھو چوندو ھو 10 لک ماڻھو آڻينداسون پر 10 ھزار به نه آيا.
بي بي سي موجب تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد جلسي ۾ تقرير ڪندي اھا دعوى ڪئي تہ سندس جماعت اڄ 20 لک ماڻھو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي. منھنجو تبصرو آھي ته سندس حامين ته 30 يا 35 ھزارن جي دعويٰ ئي مس ڪئي آھي پر سينيٽر فيصل جاويد جي دعويٰ ته 20 لک ماڻھو ھئا سو ميڊيا ۾ ڇپيل خبرن موجب نسورو ڪوڙ آھي. جڏھن ته اھو ٻڌائڻ به مناسب آھي ته سال 2017ع ۾ ٿيل چونڊن موجب اسلام آباد جي آبادي اٽڪل 20 لک آھي. افسوس اھڙي سينيٽر جي ذھنيت تي. انھيءَ سلسلي ۾ بي بي سي چواڻي: تحريڪ انصاف پريڊ گرائونڊ جي جنھن حصي ۾ جلسي جو بندوبست ڪيو ته اتي ميپ چيڪنگ موجب رڳو ھڪ لک 67 ھزار ماڻھن جي گڏ ٿيڻ جي گنجائش ھئي.
بھرحال، اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته عمران سرڪار جا وزير ۽ ٻيا اڳواڻ گذريل ٽن ساڍن ورھين کان لاڳيتي گندي ٻولي ڪم آڻيندا رھندا آھن پر اڄڪلھه ته انھن گندي ٻوليءَ جي رفتار گهڻي وڌائي ڇڏي آھي. ھڪ مثال معلومات لاءِ ڏجي ٿو ته پرويز خٽڪ، عمران سرڪار جو بچاءُ واري وزير ميڊيا موجب ڄاڻايو آھي ته لوٽن جو ڪارو منهن ڪري گڏهن تي ويهارڻو آھي. منھنجو تبصرو آھي ته اھا بدتميزيءَ جي حد آھي. ٻئي طرف، عمران جي ھڪ حامي تبصرو ڪيو آھي ته ٻيا حڪمران ايندا ته اهي به سٺا ڪونه هوندا. منھنجو سينيئر صحافي طور اھو تبصرو آھي ته ٻيا حڪمران کڻي ڪيترا به گنهگار هجن پر اھي فرشتي عمران نيازي ۽ سندس حامين جي سخت احتجاجي رويي جي ڀيٽ ۾ پوءِ به گهڻي حد تائين بھتر ھوندا. انھيءَ کانسواءِ بلاول ڀٽو زرداري، چواڻي: عمران عوام سان دوکو ڪيو آھي پر ھاڻي ڌمڪائڻ ۽ دٻائڻ جي ڪوشش نه ھلندي. سرڪار اتحادين سان ڪيترا وعدا ڪيا پر عمل نه ڪيو آھي. ٻئي طرف، بلاول ڀٽو زرداري جو اھو به چوڻ ھو ته عمران منهنجي لاءِ چوي ٿو ته اردو ڪمزور آھي، پھريان ته پنهنجن ٽن ٻارن کي اردو سيکاري.
ٻئي طرف، سنڌ سان لاڳاپيل ۽ پير پاڳاري اٺين جي اڳواڻي ۾ اتحاد يعني جي ڊي اي به شامل آھي، پير پاڳاري اٺين به عمران خان نيازيءَ جي سنڌ دشمن پاليسين باوجود سندس کليو کلايو حمايت ڪئي آھي ۽ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل وفاقي وزير فھميده مرزا، عمران سرڪار جي ته ڪٽر حمايت ڪري ٿي. سندس چواڻي: اسان وفاقي سرڪار سان گڏ آھيون ۽ سنڌ ۾ بدترين سرڪار آھي. اھا سچائي آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي کيس وفاقي اسيمبليءَ جو پنج سال چيئرپرسن بڻايو ۽ سندس پٽن کي به اسيمبلي سيٽون ڏنيون پر افسوس اھڙي احسان فراموش خاتون وفاقي وزير جي ذھنيت تي جيڪا عمران خان جي سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ خلاف سخت اعتراض جوڳي پاليسين جي باوجود ان کي فرشتو سمجهندي آھي ۽ ان جي پٺڀرائي ڪري ٿي. اھا سچائي آھي ته ڪيترن ماڻهن کي عمران خان نيازي جي سنڌ سميت ملڪ دشمني ڏسڻ ۾ نٿي اچي. افسوس. ٻئي طرف، شاه زين بگٽي عمران خان جو بلوچستان لاءِ صلاحڪار وفاقي سرڪار کان الڳ ٿي مخالف ڌر جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آھي ۽ ھن اسلام آباد ۾ بلاول سان به ملاقات ڪئي. اھو ٻڌائڻ به مناسب آھي ته ميڊيا موجب اليڪشن ڪميشن طرفان وزير اعظم عمران خان ۽ سندس وفاقي وزيرن مراد سعيد ۽ علي زيديءَ تي ٽيون ڀيرو 50 ھزار روپيا ڏنڊ وڌا آھن، ڪي پي ڪي وڏي وزير محمود خان تي به 50 ھزار ڏنڊ، 27 مارچ تائين ڏنڊ ڀرڻو هو.
بھرحال، عمران خان سرڪار کي ھٽائڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو مکيه ڪردار آھي جنھن ۾ اڳتي ھلي ملڪ جو ئي فائدو سمايل آھي. اميد آھي ته ووٽنگ جي نتيجي ۾ عمران خان نيازيءَ سگهو ئي بيروزگار ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button