جڏهن ملڪ ۾ هائبرڊ جمهوريت کي متعارف ڪرايو ويو هو ته ان وقت اهي خدشا سامهون اچي چڪا هئا ته هي سلسلو گهڻي وقت تائين نٿو هلي سگهي. “ڪمپني بهادر” عمران خان نيازيءَ کي ملڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر ڪري پيش ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو ۽ کيس هر قسم جي سهائتا به ملندي رهي پر تنهن هوندي به هو پاڻ ۽ سندس افلاطوني وزير ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگهيا. نتيجو اهو نڪتو جو اڄ سندس اقتدار جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن ۽ تڏا ويڙهه جو عمل جاري آهي.
ڪنهن وزير اعظم لاءِ عدم اعتماد آڻڻ جمهوري حوالي سان هڪ عام ڳالهه هوندي آهي. اها سڄي انگن جي راند هوندي آهي، جيڪڏهن حڪومت وٽ گهربل انگ پورا آهن ته پوءِ وزير اعظم کي ڪو خطرو نه هوندو پر جيڪڏهن انگ پورا نه به هجن ته عدم اعتماد وارو عمل ڪنهن به ريت ڪا ٻاهرين سازش نٿو ٿي سگهي. اهو به هڪ اهڙي وزير اعظم لاءِ جنهن جي سياسي بلوغت اها آهي جو جنهن کي نه تاريخ جي ڄاڻ آهي، نه هن ڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪيو آهي ۽ نه ئي کيس سياسي آدابن جي خبر آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو سياسي راند کي ڪرڪيٽ جي راند سمجهي ويٺو هجي ته ان جي سياسي بلوغت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. دنيا ۾ هن وقت ٽي وڏيون طاقتون آهن، جن جا ڪيل فيصلا وڏي اهميت رکن ٿا. روس، آمريڪا ۽ چين. انهن ٽنهي ملڪن جا سربراهه جڏهن پنهنجي واتان ڪو بيان جاري ڪن ٿا ته سڄي دنيا انهن کي ڌيان سان ٻڌي ٿي ۽ انهن جا فيصلا سڄي دنيا تي اثر انداز پڻ ٿين ٿا. روس تازو يوڪرين تي جنگي ڪاهه ڪئي ته ان جا اثر سڄي دنيا تي پيا. ولاديمير پيوٽن ڪنهن جي ڪانه ٻڌي ۽ اڃا تائين يوڪرين تي چڙهائي جاري آهي. پاڪستان جو هاڻوڪو وزير اعظم ته سهي جي کل مثل آهي. جنهن جي حالت هاڻ اهڙي ٿي چڪي آهي جو پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن کي به ڀيڙو نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ اهو تاثر پيو ڏنو وڃي ته هو دنيا جي سڀني مسلمان ملڪن کي گڏ ڪندو ۽ پوءِ انهن ملڪن جي اڳواڻي سندس حصي ۾ ايندي. اهي هوائي خبرون هتي ان ڪري ڪيون وڃن ٿيون جو هن ملڪ جي عوام ۽ حڪمرانن جي اها محرومي رهي آهي ته اهي سڄي دنيا جي حڪمرانن جا حڪمران ٿين ۽ دنيا تي راڄ ڪن.
هاڻ اهو دور ناهي رهيو، جنهن ۾ سلطنتن جي بحالي ٿي سگهي ۽ ڪو هڪ لٺ سردار هجي جيڪو سڄي دنيا تي راڄ ڪري سگهي. دنيا ۾ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ لقاءَ ان ڳالهه جي اجازت نٿا ڏين ته اسين وري اهڙُو نظام آڻيون، جنهن جو بنياد نسلي قسم جو هجي. عمران خان نيازيءَ کي جن آندو ۽ جن پنهنجي لاءِ به مسيحا سمجهيو، انهن کي ان وقت اندازو ضرور ٿيو هوندو، جڏهن هو انهن کي به نظر انداز ڪرڻ لڳو هو. هاڻ جڏهن هن لاَءِ اقتدار جا در بند ٿي رهيا آهن ته ان کي هو هڪ عالمي سازش قرار ڏئي رهيو آهي ۽ هڪ خط هوا ۾ لوڏي اها تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته کيس آمريڪا اقتدار تان هٽائڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ وڏين وڏين عالمي قوتن هتان جي سياستدانن کي پيسا ڏنا آهن. خبر ناهي ته ڇو هو سياسي طور ايترو ٻالو ڀولو آهي جو هن کي اهو اندازو ئي ناهي ته اهڙي ڪنهن به سازش جو پتو لڳائڻ سولو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارا آهن. فوج جهڙو مضبوط ادارو آهي ۽ انٽيليجنس ايجنسيون آهن، ڇا انهن کي اها خبر نه هوندي ته عمران خان نيازي خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي؟
هن پاڻ کي بچائڻ لاءِ هاڻ ڀٽو ڪارڊ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جڏهن ته ڀٽي ڪارڊ استعمال پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ ڪو بهتر نٿو ڪري سگهي. جيڪا سدائين ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺندي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ جيڪي ڪجهه دنيا ۾ ٿي رهيو هو، اهو هاڻوڪي دور کان بلڪل مختلف هو. ڇاڪاڻ ته اهو دور سياسي اڳواڻي جي اڀار جو دور هو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سوڌو ڪيترائي سياسي اڳواڻ پيدا ٿيا. پوءِ انهن خلاف عالمي سازشيون ٿيون ۽ انهن کي رستي تان هٽايو ويو. ڀٽي خلاف ٿيندڙ سازش جو هڪ سبب افغان جهاد به هو. ڇاڪاڻ ته سوويت يونين کي ڏکڻ ايشيا ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ پاڪستان مان جهادين کي موڪليو ويو ۽ اهڙي ريت ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي حياتي وڃائي ڇڏي. پر اڄوڪو دور سياسي ڪال جو دور آهي. جڏهن اسان کي عمران خان نيازي، ٽرمپ، بورس جانسن ۽ نريندر مودي جهڙا اڳواڻ نصيب ٿيا آهن. جيڪي نه رڳو سياسي ساڃاهه کان وانجهيل آهن پر انهن کي سياسي طور معاملن کي سنڀالڻ جو هنر به نٿو اچي. تنهنڪري عمران خان نيازي جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي اهڙي اعليٰ پائي جو ليڊر سمجهي ٿو ته کيس ايترو اندازو هجڻ گهرجي ته هن اهڙو ڪهڙُو ڪارنامو ڪيو آهي. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته هو عالمي طاقتن لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي. آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ايف اي ٽي ايف جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل هڪ ملڪ ڪنهن به ريت آمريڪا لاءِ خطرو نٿو ٿي سگهي ۽ ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان چين يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڀيٽ ۾ پنهنجو پاڻ کي آمريڪا جو اتحادي سڏرائڻ ۾ چڱو محسوس ڪندو آهي. ائين ناهي ته دنيا ۾ اتحادي مٽجي نٿا سگهن. پر اتحادي مٽائڻ لاءِ ايترو دم هجڻ به لازمي آهي جو جڏهن پراڻو اتحادي دشمن ٿئي ته ان کي منهن به ڏئي سگهجي.
ملڪ جي معاشي حالت اهڙي آهي جو قرض کان سواءِ ملڪ هلي نٿو سگهي. جنهن خودمختياريءَ جو ذڪر عمران خان نيازي ڪري ٿو، ان لاءِ معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ لازمي آهي. ان کان سواءِ هو آزاد پرڏيهي پاليسيءَ جي به ڳالهه ڪري ٿو، جنهن لاءِ هو پنهنجي دور کي سونهري دور ليکي ٿو. پر هن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪڏهن به سويلين جي تابع ناهي رهي. اها سدائين ان قوت جي هٿن ۾ رهي آهي، جيڪا اهو فيصلو ڪندي آهي ته اسان کي ڪهڙي جنگ وڙهڻي آهي ۽ ڪهڙي ملڪ سان دوستي رکڻي آهي ۽ ڪهڙي ملڪ سان ڪوبه سياسي لاڳاپو ناهي رکڻو. تنهنڪري اهو الزام اڳوڻين حڪومتن تي هڻڻ ڪنهن به ريت نٿو ٺهي. ڇاڪاڻ ته پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان انهن جا هٿ سدائين ٻڌل رهيا آهن.
عمران خان سدائين جمهوري قدرن جي حوالي سان اولهه جي ملڪن جا مثال ڏيندو رهيو آهي. اڄ جڏهن هو پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هو اڃا تائين اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهي ٿو. جڏهن هو چوي ٿو ته مون کي سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، حڪومت منهنجي لاءِ هڪ معمولي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ کيس اقتدار ڇڏڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اقتدار هن لاءِ ڪا معنيٰ نٿو رکي ۽ سندس وزير به کيس فقير ماڻهو چون ٿا. پر اقتدار جو نشو ايترو جلدي ڪونه لهندو آهي. اهو ماڻهو کي اختيار جو احساس ڏياريندو آهي. تنهنڪري ان مان ايترو جلدي جان ڇڏائڻ ڏکيو آهي.
عدم اعتماد جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ عمران خان نيازي اقتدار ۾ نه رهندو پر ملڪ جي سياسي قوتن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ان روايت سان سڀاڻي انهن جو اقتدار به کسجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڪاميابيءَ کي آئون جمهوريت پسند قوتن جي ڪاميابي نٿو سمجهان. هي وري به “ڪمپني بهادر” جي ڪاميابي آهي. جيڪا گذريل ستن ڏهاڪن کان حڪومتون ٺاهيندي ۽ ڊاهيندي رهي آهي. جنهن کي شڪست ڏيڻ في الحال سياسي پارٽين جي وس کان ٻاهر آهي.