عمران خان جي حڪومت کي بچائڻ واري آخري ڪوشش بھ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم عوام کي لائيو خطاب ڪندي اھي جيڪي پوڻا چار سال ان سان گڏ رھيا، انھن کي مير جعفر ۽ مير صادق چوندي، پنھنجي کاڏيءَ تي ھٿ ڦيريندي چيو تھ مان اپوزيشن جي ٽن اھم ڪردارن کي ڏسي وٺندس، رڳو مون کي وزير اعظم ھائوس مان نڪرڻ ڏيو. عمران خان جي ھي معصوم ٻارن واري ڌمڪي ھئي، جڏهن ٻھ ٻار پاڻ ۾ وڙھڻ کانپوءِ مار کائيندڙ ٻار چوندو آھي تھ ھن ڀيري تھ مون مار کاڌي، پر وڏي ڀاءُ يا والد کي وٺي، توکي ڪٽڪو ڪڍندس!مخالف ڌر کي عمران خان جي معصوم ڌمڪيءَ کي بھ درگذر ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ ھو جيڪو ساڍن ٽن سان کان چوندو رھيو تھ واڳ ڌڻين وٽ منھنجو ڪوبھ متبادل ناھي، ان ڪري مون کي اقتدار کان ڪوبھ الڳ ڪري نٿو سگھي. ھاڻ تھ عمران خان کي پنھنجي وزن جي خبر پئجي وئي ھوندي. عمران خان جي سياسي عمر تھ مختصر آھي، اسان سڀ ان کي ڏسي چڪا آھيون، واڳ ڌڻين ھائبرڊ جمھوريت جو جيڪو تجربو ڪيو، ان جو مک مھرو عمران خان ھو، پر ھاڻ تھ گھڻو ٿي ويو. عمران خان جي گھر ڀيڙي ٿيڻ جا سمورا بندوبست ٿي ويا،ھن جي ايوان ۾ اڪثريت بھ ختم ٿي وئي ۽ سڀني، سموري ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪيمرا جي اک ذريعي حقيقتن کي ڏيکاريو ويو. ان کانپوءِ بھ جيڪڏھن ڪو اھڙي تباھي ڪندڙ تقرير ڪري ۽ پاڻ کان وڏي ۽ طاقتور ملڪ تي الزام مڙھي ۽ اھو چئي تھ مخالف ڌر جا اڳواڻ ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ آمريڪا جي سازش جا مھر ا ٿيا ۽ ھن جو روس وڃڻ ئي اصل ۾ گناھھ ڪبيرا ثابت ٿيو. بقول هن جي ته ھو اڪيلو روس نھ ويو، ھن سان ھا ۾ ھا ھڪ طرف واڳ ڌڻين ملائي، پراڻن سفارتڪارن ۽ ايستائين جو پرڏيھي آفيس بھ شامل ھئي. مطلب تھ ھم تو ڊوبي ھين صنم، تم ڪو ڀي لي ڊوبين گي!
عمران خان نھ ڀٽو آھي، نھ ئي ان جي پائي جو اڳواڻ آھي، ھن ڀٽو جي جتيءَ ۾ پير وجھڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي، پر ان ۾ بھ ناڪام ويو. ڪٿي ڀٽو ۽ ڪٿي عمران خان! ڪٿي مھر علي، ڪٿي تيري ثنا، گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان! ڊگھين ۽ عقل کان عاري تقريرون ڪرڻ سان تھ ڪو عالمي اڳواڻ ٿي نٿو سگھي. ھي اھڙو اڳواڻ آهي جنھن جي ساڍن ٽن سالن جي حڪمرانيءَ کي ملڪ جي معيشت کان وٺي سياست تائين ترا ڪڍڻ ۽ طوفان بدتميزي طور ياد رکيو ويندو. اھڙي تباھي مچائيندڙ حڪمرانيءَ جو اڳ ڪو بھ مثال نٿو ملي. ھن سياست ۾ اچي عوام تي ٿورو ڪيو نه تھ ھن کي سياست ۾ اچڻ جو ڪوبھ شوق نھ ھو، پر عوام کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واري مسيحا جي ضرورت ھئي، ان ڪري ھن کي مجبوري وچان اچڻو پيو، تھ جيئن ملڪ جي عوام جي “چورن ۽ ڌاڙيلن” مان جان آجي ڪرائي سگھجي. ھاڻ احتساب جو ابتو ڦيٿو ڦريو تھ خبر پئجي ويندي تھ ڪير چور ۽ ڪير ساڌ ھو. عوام ايندڙ چونڊن ۾ بھ پنھنجي مينڊيٽ ذريعي ثابت ڪندو تھ انھن جو حقيقي اڳواڻ ڪير ٿي سگھي ٿو؟ جيڪڏھن ايندڙ حڪمران بھ عمران خان جھڙا ثابت ٿيا تھ وري ڪو ٽيون ايندو. ٻي صورت ۾ ڀائو وارا تھ موجود آھن، انھن کي رڳو صلوات پڙھي ميري عزيز ھم وطنو چوڻو آھي. چاليھھ سالن جي سياست جا اسين بھ اکين ڏٺا شاھد آھيون. اھي جيڪي وردي ۾ آيا، انھن بھ ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ بدران انھن کي وڌيڪ منجھايو. ان ڪري موجوده Catch-22 جي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ نھ فقط وڌيڪ ماثرائتي ۽ عوام دوست حڪومت جي ضرورت آھي، پر ھن ملڪ کي وڌيڪ جمھوريت جي بھ ضرورت آھي، جيئن سمورن ادارن کي پنھنجن پنھنجن حدن ۾ رکندي، جمھوريت جي ٻوٽي جي آبياري ڪري سگھجي.
عمران خان جنھن پنھنجي آخري تقرير ۾ سياسي آپگھاتي حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ھن سمورن سفارتي توڙي سياسي آدابن کي پاسيرو ڦٽو ڪري ڇڏيو. دنيا ۾ جيڪڏھن تيزيءَ سان حڪومتون تبديل ڪندڙ ڪو ملڪ آھي، تھ اھو جاپان آھي. اتي سياسي ڀونچال اچڻ جي دنيا کي لکا بھ نھ پوندي آھي. ھڪڙو وزير اعظم آيو، اڪثريت وڃائڻ کانپوءِ عزت سان روانو ٿي ويو، وري نئون وزير اعظم آيو ۽ اڪثريت وڃائڻ جي لکا پوڻ تي اھو بھ گھر ڀيڙو ٿي ويندو آھي. دنيا جو ڪوبھ ملڪ سياسي تبديليءَ کي ائين روڪڻ جي ڪوشش نھ ڪندو آھي، جيئن عمران خان ڪئي. ھن طوفان بدتميزي جا جيڪي ريڪارڊ ٽوڙا اھي سڀني جي سامھون آھن. مخالفن تي ڪھڙي نوعيت جا ڪريل حملا ڪرايا ويا، ان جو ڪوبھ مثال نٿو ملي. جيڪڏھن ڪنھن والد جي سامھون ان جي نياڻيءَ کي ھٿ ڪڙيون ھڻي، ڦاسي گھاٽ ۾ رکيو ھجي تھ ڇا اھڙو ڪو مثال ملي ٿو؟ ھي ڪم ادارن جو آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن گناھھ ڪيو آھي، عوام جي دولت لٽي آھي تھ انھن جو گھيرو ڪن ۽ گناهه ثابت ٿيڻ تي ڪارروائي ڪن. پر ھن ملڪ جي ويجھي تاريخ ۾ ڇا ٿيو؟ ملڪ جو وزير اعظم ذاتي دشمنيءَ تي لھي آيو، جنھن قسم کنيو تھ ھو ملڪ جي مفادن جي تحفظ دوران ذاتي عناد کان ڪم نھ وٺندو. جنھن وقت وزير اعظم جو گھيرو تنگ ٿي ويو ۽ ھو ميدان ۾ اقليت ۾ اچي ويو تھ ھن کي اھي طاقتور شخصيتون ٻيھر ياد آيون، جن کيس اقتدار ۾ آندو ھو. انھن عمران خان جي مخالفن کي آڇ ڪئي تھ وزير اعظم اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آھي، پر مخالف ڌر رڳو بي اعتماديءَ جي رٿ واپس وٺي. ھي تقريبن ساڳي مخالف ڌر آھي، جنھن جي ھڪ حصي متحده مجلس عمل مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين کان اڳوڻي فوجي آمر وردي ۾ صدر چونڊجڻ جي حمايت گھري ۽ وعدو ڪيو تھ ھو وردي لاھي سويلين ٿي ويندو، پر پوءِ ھو پنھنجي وچن تان ڦري ويو. ھي پڻ ساڳيا پل ۽ لقاءَ ھئا، پر مخالف ڌر ڏاھپ جو مظاھرو ڪيو. مخالف ڌر جي تقريبن سمورن اڳواڻن ميڊيا تي اچي عمران خان جي آڇ کي رد ڪيو ۽ ان کان اڳ گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ بھ سمورين ڌرين جو ساڳيو ئي موقف ھو.
عمران خان سمجھيو پئي تھ پرڏيھي سازش جو ڪارڊ کيڏي، ھو پنھنجي اقتدار کي بچائي وٺندو، ھي ساڳيو ڪارڊ ھو، جنھن لاءِ فواد چوڌريءَ کان شيخ رشيد تائين سڀني چيو پئي تھ عمران خان کي ڪچو کيڏاري نھ سمجھيو وڃي، ھن وٽ اھڙو ڪارڊ آھي، جنھن کي دل سان لڳائي ويٺو آھي ۽ ان جو استعمال آخر ۾ ڪندو! ھاڻ ڪارڊ تھ پنھنجي جاءِ تي سمورن حڪومتي عھديدارن جا منھن ٽپھري جھڙا ٿي ويا. جيڪو عمران خان پوکيو ھو، اھو ئي لڻي رهيو آهي. عوام ھن جي ڳالھين تي يقين ڪرڻ لاءِ ڇو تيار نھ ٿي؟ ڇاڪاڻ تھ ھن عام ماڻھوءَ کي ڪجھھ ڏنو تھ نھ، پر ڪانڊيري ۽ ڪرڙ جي ابتي کل لاھي ڇڏي. اھڙي حڪمران سان ڪير بيھي سگھيو پئي؟ اھي جيڪي اي ٽي ايمز سڏيا پئي ويا، اھي بھ عمران خان جو آھستي آھستي ساٿ ڇڏيندا ويا،آخر ۾ رڳو ٻھ رتن فواد چوڌري ۽ شيخ رشيد وڃي ميدان ۾ بچيا. عمران خان جي حڪومت جو خاتمو، ايندڙ حڪمرانن لاءِ بھ سبق آھي. ھاڻ عالمي مالياتي ادارن سان جيڪي ٺاھھ ڪيا ويا، انھن جو ڇا ٿيندو؟ ملڪي معيشت کي ڪير پيرن تي بيھاريندو؟ عام ماڻھوءَ کي ڪير رليف ڏيندو؟ عمران خان ھاڻ جيڪي بھ قدم کنيا، احتجاج ڪيو ۽ عوام کي مشڪلاتن جو شڪار ڪيو، اھي سڀ ھن لاءِ بيڪ فائر ثابت ٿيندا. عمران خان کي الوداع چوڻ جو وقت اچي ويو آهي! ان سان گڏ ھڪ عام ماڻھوءَ ھجڻ جي ناتي، واڳ ڌڻين کي ياد ڪرائڻ ضروري آھي تھ اھي جيڪڏھن ٻيھر ھائبرڊ جمھوريت جو تجربو ڪندا ۽ عوام جي مينڊيٽ کي اورانگھيندا تھ نتيجو اھڙو ئي سامھون ايندو، جھڙو ھاڻ عمران خان جي صورت ۾ سامھون آيو آھي.
قومي اسيمبليءَ جو اجلاس جيڪو تازو ئي ٿيو، ان ۾ مخالف ڌر جي بينچن تي 177 ميمبر ويٺا هئا ۽ مخالف ميمبرن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو هو. مخالف ڌر جي اڪثريت واضح طور تي نظر اچڻ باوجود حڪمران چون ٿا ته ڀلي بي اعتمادي جي رٿ منظور ٿي وڃي، پر عمران خان هٿيار ڦٽا نه ڪندو. هو هينئر به چون ٿا ته عمران خان روڊن ۽ رستن تي آيو ته هو وڌيڪ خطرناڪ هوندو. حڪمران ايتري تذليل جي باوجود ان موڊ ۾ نظر اچن ٿا ته هو ڪنٽينر تان هيٺ نه لهندا، هنن جي هاڻ به ساڳي حالت آهي. خبر ناهي ته عمران خان ۽ ان جا حامي پاڪستان جي سياست جي dynamics کان ڪڏهن واقف ٿيندا. هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو سيڪيورٽي اسٽيٽ جو آهي، ان ڪري ڪابه سويلين حڪومت پير کوڙي نٿي سگهي. عمران خان انهن ئي قوتن جي ڪلهن تي چڙهي آيو ۽ هاڻ ڀٽو بنجڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. ملڪ جي سمورين سياسي قوتن کي هي سوچڻو پوندو ته ملڪ ۾ سويلين بالادستي ڪئين قائم ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيستائين عوام جا اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن وٽ نه ايندا، ايستائين ڪٺ پتلين جو تماشو جاري رهندو ۽ عوامي ڀلائي وارا فيصلا ڪرڻ ممڪن نه رهندا. اقتدار ۾ شامل قوتن جي ڪردار کي به تبديل ڪرڻو آهي ته جيئن سويلين بالادستي وارو خواب ساڀيان ماڻي سگهي.