ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪيو

Editorial

سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان هڪ پاسي زرعي پاڻي اڻلڀ آهي ته ٻئي پاسي مختلف شهرن ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي کوٽ به آهي. جنهن خلاف وقتن بوقتن احتجاج به ٿيندا رهن ٿا، پر واڳ ڌڻين اڃا تائين ان مسئلي کي حل نه ڪيو آهي. ڪلهوڪين اخبارن ۾ پڻ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج رپورٽ ٿيا آهن.
بدين ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي پاران ٽنڊوباگو ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته بدين جي ماڻڪ واھه، نصير واهھ، جمالي مائينر، شير واھه، مير واھه، احسان واھه، لنڊو واھه سميت 80 کان وڌيڪ واھن ۽ شاخن ۾ گذريل ٻن مھينن کان پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي. جنهن ڪري ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪي رھيا آھن، جڏهن ته نوان ڪمند ۽ ڦٽي جا فصل پوکجي نه سگھيا آهن. منھڙو ويجهو روھڙي ڪينال جي داد ڊويزن جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر مان نڪرندڙ منھڙو شاخ ۾ 30 ڏينهن کان پاڻي بند هئڻ سبب فصل سڪڻ لڳا آهن. منھڙو جي واٽر سپلا جا تلا به گذريل 28 ڏينهن کان خالي هئڻ سبب شھري پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهن. ان حوالي سان آبادگارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. آبادگارن چيو ته منھڙو شاخ ۾ پاڻي گذريل 30 ڏينهن کان مڪمل طور تي بند ڪيل آهي، جنهن سبب اسان جا ڪروڙين رپين جا ٺيڪي ۾ کنيل ڪيلي جي باغن سميت ٻيا قيمتي فصل سڙي تباھه ٿي رھيا آهن پر پاڻي جو ڪوبه آسرو ناهي. ٻئي طرف منھڙو جي واٽر سپلا ۾ پڻ پيئڻ لا پاڻي ناھي، جڏهن ته واٽرسپلا جا تلا پڻ 28 ڏينهن کان خالي آهن، جنهن سبب شھري پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهن. ھنن گھر ڪئي ته خدارا منھڙو شاخ ۾ پاڻي ڇڏي ڪروڙين رپين جا فصل تباھه ٿيڻ کان بچائي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي. لنڊو شاخ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف لنڊو شاخ جي آبادگارن مقصودورند ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن چيو ته لنڊو شاخ ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙن تي وونئڻن جو فصل ناهي پوکجي سگهيو. چوپائي مال لا پيئڻ جو پاڻي به ناهي، پاڻي نه هجڻ سبب مال لا گاھه به نه هجڻ سبب چوپايو مال بک وگهي مري رهيو آھي. هنن گهر ڪئي ته لنڊو شاخ ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ ختم ڪري ايس ڊي او کي فوري طور هٽايو وڃي.
ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين جاگيراڻي ۾ راجپوت ۽ جاگيراڻي ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا 15 ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا. ميرپوربٺورو ۾ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي سجاول جي اڳواڻ جي جاتي تعلقي ۾ موجود زرعي زمين جو پاڻي مبينا طور مقامي بااثر وڏيري پاران بند ڪرڻ خلاف تعلقي اسپتال چوڪ کان مين بس اسٽاپ ميرپوربٺورو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جتي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ننڍو آبادگار آهي، جنهن جي جاتي تعلقي ۾ موجود زرعي زمين جو پاڻي مقامي وڏيرو بند ڪري کيس زمين تان بيدخل ڪرڻ ۽ زمين وڪرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ زمين جو پاڻي نه ڇڏڻ ته ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پاڻ کي ٻچن سميت ساڙڻ جو اعلان ڪيو.
پاڻي نه هئڻ ڪري هڪ پاسي لکين ايڪڙن تي بيٺل مختلف فصل تباهه ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف انسانن لا به پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جا مسئلا آهن، ايڏن احتجاجن باوجود سنڌ جي عوام جو اهو مسئلو حل نه پيو ڪيو وڃي، پو نيٺ حڪمران ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟ اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن کي سنڌ جي ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لا فوري طور تحرڪ وٺڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پاڻي نه هئڻ ڪري لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڙي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button