ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نيازيءَ جا حربا

Editorial-Article-Yameen Jatoi

جيتوڻيڪ نيازي پاڻ کي اوور سمارٽ ٿو سمجهي پر هن، هن مهل تائين جڪي حربا اختيار ڪيا آهن، انهن ۾ پاڻ ئي ڦاسي رهيو آهي. شهباز شريف جي اها ڳالهه درست آهي ته خط وارو ڊرامو سندس آخري ڊرامو آهي. پاڻ نيازي جي پريشاني اهو ظاهر ڪري ٿي ته هو تمام خراب نموني ڦاسي چڪو آهي. تاريخ کيس عبرت جو نشان ٺاهي ڇڏيو آهي. هو جيڪي ڪوڙ هڻي آيو، هو جيڪو عوام دوستي جو ڪوڙو ميڪ اپ هڻي آيو، سندس اهي سڀ ڪوڙ پڌرا ٿي پيا آهن، سندس عوام دوستي جو ميڪ اپ به لهي چڪو آهي، عوام سندس اصل چهرو ڏسي ورتو آهي، عوام ته اهو به سمجهي ورتو آهي ته هي شخص ڪرسي لا ڪيترو نه ڪري پيو آهي؟ پر اها ڳالهه سندس حامي تجزئي نگارن کي اڃا سمجهه ۾ نه پئي اچي. هو اڃا به نيازي کي “عظيم” ثابت ڪرڻ جي مهم ۾ لڳل آهن. بيانيو اهو ٺاهيو پيو وڃي ته جيڪڏهن نيازي ويو ته ملڪ ۾ ڀينگ ٿي ويندي. انهن ساڳن تجزئي نگارن ئي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ کيس “مسيحا” ڪري پيش ڪيو. پر هو اهڙو ته رهزن ثابت ٿيو، جنهن عوام جو سک چين ڦٽائي، سندس زندگي ۾ معاشي اڻهوند جو زهر ڀري ڇڏيو آهي. اهڙي شخص کي ڪو نه ڪو عذر ۽ جواز پيش ڪري، هر صورت ۾ “عظيم” ثابت ڪندڙ نيٺ ڪنهنجي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن؟
نيازي ڪرسي لا ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هڪ پاڳل ۽ اصولن کان خالي شخص ۾ ٻي توقع به ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن هي اصولي ۽ جمهوري سياست ۾ يقين رکندڙ هجي ها ته ڇا هو عدم اعتماد جهڙي جمهوري عمل کي ايئن سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ها؟ ڪڏهن به نه ڪري ها. پر نيازي جا ته ڪي اصول ئي ناهن، هو ته ڪنهن به جمهوري عمل ۾ يقين نٿو رکي. تنهنڪري، هو پنهنجي ڪرسي کي بچائڻ لا ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، دنيا جي هر اڍنگي ۽ بيهودي حرڪت ڪري سگهي ٿو، هڪ ڀيرو نه پر هزار ڀيرا ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو. غيرجمهوري حربا اختيار ڪري سگهي ٿو.
بهرحال، هن جو نئون بيان وري اهو آهي ته: “اسٽيبلشمينٽ مون کي 3 آفرز ڏنيون، بي اعتمادي، استعيفيٰ يا نيون چونڊون، اليڪشن بهتر طريقو آهي ڇو جو مان استعيفيٰ جو سوچي به نٿو سگهان.”
جڏهن ته ميڊيا ۾ خبرون اچن پيو ته اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري قيادت اپوزيشن جون 3 آڇون پيش ڪرڻ نه پر حڪومت جي درخواست تي وزيراعظم سان ملي هئي. هڪ ٽي وي چينل اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن جي حوالي کان خبر ڏني، جنهن ۾ ذريعن چيو ته “سول حڪومت اعليٰ عسڪري اختيارين کي ٽيليفون ڪئي هئي ۽ ملاقات جي درخواست ڪئي، ملاقات ۾ عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ کي ئي عمل جوڳو چيو هو. اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري قيادت اپوزيشن جا ٽي آپشنز پيش نه ڪيا هئا بلڪ سول حڪومت اعليٰ عسڪري اختيارين کي ٽيليفون ڪئي هئي ۽ ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. اعليٰ عسڪري اختيارين اربع تي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ سول ۽ عسڪري قيادت ڄاڻايل ٽنهي آپشنز تي باهمي طور خيالن جو اظهار ڪيو هو. اسٽيبلشمينٽ جي ذريعن موجب وزيراعظم سان ملاقات کان پو عسڪري قيادت انهي ڏينهن اپوزيشن قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ ڄاڻايل ٽئي آپشنز انهن کي به ٻڌايا. پر اپوزيشن اسيمبليون ٽوڙڻ سميت ٽنهي آپشنز کي رد ڪري ڇڏيو.
بهرحال نيازي سرڪار جي پوري پوري ڪوشش آهي ته ڪنهن به نموني عدم اعتماد واري معاملي کي ٽارجي. جيڪو ان جي عملن مان ظاهر ٿئي پيو. جڏهن کان عدم اعتماد جو معاملو اٿيو آهي، نيازي کان ويندي ان جي ٽيم تائين اها ڪوشش ٿي رهي آهي ته ان سڄي جمهوري عمل کي تڪراري بڻائجي. پهرين اهو چيو ويو ته پي ٽي آ جا ميمبر خريد ڪيا ويا آهن، جڏهن اهو سڪو به نه هليو ته وري چيو ويو ته عدم اعتماد پويان عالمي سازش آهي، وري نيازي خط وارو معاملو کڻي آيو آهي. هاڻي وري ان معاملي جي جانچ لا فواد چوڌري قانون واري وزارت سنڀاليندي ئي ڪميشن جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته “ڌمڪي واري خط” جي جانچ مڪمل ٿيڻ تائين عدم اعتماد تي ووٽنگ روڪڻ لا سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتريون ئي درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن، جن ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي ميموگيٽ جي طرز تي خط جي جانچ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. اهڙن حربن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نيازي عدم اعتماد واري معاملي کي هر ممڪن حد تائين اينگهائي وقت وٺڻ چاهي ٿو، ته جيئن پنهنجي ڪرسي کي بچائي هن ملڪ جي پورهيت مظلوم عوام جو رت پي سگهي. نيازي چئن سالن کان عوام جو رت پي رهيو آهي پر اڃا به پيٽ نه ڀريو اٿس، هو وڌيڪ رت پيئڻ چاهي ٿو. بهرحال، سپريم ڪورٽ عدم اعتماد تي ووٽنگ روڪرائڻ واري درخواست اعتراض هڻي واپس ڪري ڇڏي آهي. ان مان لڳي اهو ئي ٿو ته نيازي جي دال ڪونه پئي ڳري.
خط واري معاملي تي شهباز شريف جو به ردعمل سامهون آيو آهي. هن چيو آهي ته “وزيراعظم عمران خان کي پرڏيهي مبينا سازش جي ڄاڻ اڳ هئي، جيڪڏهن اها ڳالهه هئي ته اوهان کي اڳ ئي واويلا ڪرڻ گهرجي ها. عمران خان ڌمڪي جوڳي خط ملڻ تي ٽي هفتا چپ ڇو رهيو ۽ فوري گوڙ ڇو نه ڪيائين؟ 7 مارچ تي ڌمڪي وارو خط آيو ته حڪومت هيل تائين ڇو خاموش هئي؟ جيڪڏهن آمريڪا سازش ڪئي ته اوهان او آءِ سي ڪانفرنس ۾ آمريڪا کي دعوت ڇو ڏني؟ ڇا اوهان ايترا معصوم آهيو جو معصوميت سان آمريڪا جو نالو وٺي ويا. ڇا عمران خان ٻار آهي جو معصوميت ۾ امريڪا جو نالو کڻي ويو، اهي ڊراما ڪري ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيو. هي اوهان جو آخري ۽ ڪڌو مذاق ۽ ناٽڪ آهي، اها ڊرامي بازي ڪنهن کي ڏيکاري رهيا آهيو؟ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، ڇا ان جي پڌرائي ۾ ڪنهن سازش جو ذڪر آهي. قومي سلامتي ڪاميٽي جي پڌرائي ۾ سازش جو هڪ لفظ ناهي. عمران نيازي ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ۾ آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جي خواهش ظاهر ڪندي چيو هو ته آمريڪا سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. عمران خان دوري کان واپسي تي چيو ته هو ٻيو ورلڊ ڪپ کٽي اچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ اپوزيشن جي خلاف ڪيس قائم ڪيا ويا آهنئ آچر تي عمران خان جي سياسي ڊرامي جي پُڄاڻي ٿي ويندي. عمران خان کي به خبر آهي ته آچر تي کيس بي اعتمادي رِٿ ۾ شڪست ملندي، کيس ڪنهن به صورت ۾ هٽائي پنهنجو رستو صاف ڪرڻو پوندو.”
بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته “هي جيڪو خط جو شوشو آهي، اهو عوام کي ٽرڪ جي بتي جي پويان لڳائڻ ۽ ڪوڙ جي بنياد تي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش آهي. رڳو عمران خان جي انا جي ڪري ملڪ جي قسمت کي خطري ۾ نٿا وجهي سگهون. هن پاڻ کي بچائڻ لا قومي سلامتي ڪميٽي جو فورم استعمال ڪيو. وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪيو پر ان ۾ هن ملڪ جي هڪ ليڊر جي حيثيت سان جيڪي فرض هوندا آهن، انهن مان هڪ به اهڙو نه هو جيڪو وزيراعظم ڪيو. هن وقت پاڪستان ۾ معاشي بحران آهي، جيڪو بدتر ٿيندو پيو وڃي. معاشري ۾ ڏڦيڙ شايد هڪ تاريخي سطح تي پهچي چڪو آهي، ڪو علائقو يا جاءِ اهڙي ناهي جتي ان جا اثر نه پيا هجن. ملڪ ۽ عوام جي مفاد لاءِ جيڪڏهن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڏسون ته پاڪستان جهڙي سطح تي دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي اهو سڀني سامهون آهي. هن ڏکين حالتن ۾ اسان سڀني تي فرض آهي ته اسان انهن حالتن کي سنڀاليون ۽ پاڪستان کي هن بحران مان ڪڍون ۽ وڌيڪ بحران پيدا نه ڪيون. آئيني بحران پيدا نه ڪيون، ٽڪراءُ جا خطرا پيدا نه ڪيون، جيڪو قانوني، آئيني ۽ جمهوري طريقيڪار آهي اهو اختيار ڪيون. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ذميوارين موجب هڪ به ڪم نه ڪيو آهي، ويندي ويندي پرڏيهي پاليسي، معيشت ۽ ادارن تي حملو ڪيو آهي. ويندي ويندي ادارن کي نقصان پهچائي رهيو آهي، خط بابت ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جنوري ۾ عوامي مارچ ۽ عدم اعتماد جو فيصلو ڪيو هو، ڇا اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته عمران خان کي روس وڃڻو آهي؟ ڇا اسان کي اڳ ۾ خبر هئي ته انهن خلاف عالمي سازش ڪئي پئي وڃي؟ عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت آهي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بي اعتمادي رٿ پرامن نموني ٿئي، وزيراعظم عام سفارتي عمل کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي. ملڪ شاهد آهي ته اسان ڪيترن ئي سالن کان سياسي جدوجهد ۾ شامل رهيا آهيون. پهريان عمران خان چوندو هو ته اپوزيشن بي اعتمادي پيش ڪري اسان کي وڏو تحفو ڏنو، پوءِ چوڻ لڳو ته عدم اعتماد عالمي سازش آهي. هن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي ته اهو اسان جو تحفو آهي يا عالمي سازش؟ آئيني جمهوري پارلياماني نظام کي تڪراري نه بڻايو وڃي، وزيراعظم سيف يا بيڪ ڊور ايگزٽ ڳولڻ بدران ان عمل جو مقابلو ڪري.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button