ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عالمي اسٽيبلشمينٽ ۽ خفيا خطن جي تاريخ

Editorial-Article-Ishaq Mangrio

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ خفيا خطن جو ذڪر پراڻي زماني کان ٿيندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ پنڊي واري جلسي ۾ اعلانيل سرپرائيز ڏيڻ واري ڳالهه جي باوجود وزير اعظم هڪ ڪاغذ هٿ ۾ لهرائيندي چيو ته هي خط مون وٽ آيو آهي. جيڪو عدم اعتماد کان هڪ ڏينهن اڳ مليو آهي. پر ان جي باوجود خط موڪلڻ واري ملڪ جو ذڪر نه ڪيو ويو. پر ان کان چار ڏينهن پوءِ وزير اعظم پنهنجي نشري تقرير ۾ اهاني بهاني سان خط موڪلڻ واري ملڪ جو نالو کڻي ورتو آهي. ان جي جواب ۾ آمريڪا پاران وائيٽ هائوس کان وٺي اسلام آباد جي سفارت خاني پاران اهڙي ڪنهن به خط موڪلڻ جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ وزير اعظم پاران ملڪ ۾ سڌو سنئون مداخلت وارو الزام هڻي ملڪ جو نالو به کنيو ويو آهي. وزير اعظم جي نشري تقرير کان اڳ قومي سلامتي واري ڪميٽي ۾ اهڙي خط لکڻ تي سخت ٻولي وارو مذمتي بيان جاري ڪيو ويو. پر ان جي باوجود ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ عوامي سطح تي ڪنهن به قسم جو رد عمل سامهون نه آيو آهي. عوامي سطح تي هيو، پر پي ٽي آءِ به ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ به اهڙو احتاج نه ڪيو آهي. ائين به ناهي ته پاڪستان جي عوام ۾ آمريڪا جي خلاف ڪاوڙ جي ڪا ڪمي آهي. پر وزير اعظم جي عوامي جلسن ۾ ڀرپور انداز ۾ ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ جي باوجود ملڪي سطح تي عوامي انداز وارو احتجاج ڪنهن به هنڌان ظاهر نه ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه اڻ لاڳاپيل هجڻ جي باوجود به رڪارڊ جو حصو آهي. 21 نومبر 1979 وارو ڏينهن ياد اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن صدر ضياءُالحق عوامي انداز ۾ سائيڪل تي سواري چڙهي پنڊي جي راجا بازار پهتو. انهيءَ ڏينهن ڪنهن عرب ملڪ مان اها خبر پهتل هئي، ته “مسلمانن جي مقدس ماڳ تي ڪن دهشت گردن قبضو ڪري ورتو آهي.” ضياءَ کي آمريڪا سان خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه تي اسڪور ڪرڻو هو، جو صدر ضياءَالحق راجا بازار جي فواره چوڪ وٽ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته مقدس ماڳ تي قبضو ،آمريڪا جي سعودي مخالف يهودي لابي جي سازش جو حصو آهي.” صدر جي اهڙي ڳالهه کان پوءِ اها ڳالهه شهر ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي ۽ پنڊي ۽ اسلام آباد جا ماڻهو هزارن جي انگ ۾ آمريڪي سفارت خاني ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ مظاهرو ڪندي سفارت خاني کي باهه ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ مظاهرو ڪندڙ ستن ڄڻن کان سواءِ ٻه آمريڪي ۽ ٻه پاڪستاني عملي وارا فوت ٿي ويا هئا. هن وقت ملڪي سياست ۾ خفيا خطن جو ذڪر وڏي بحث جو موضوع بنيل آهي. هوڏانهن آچر جي ڏينهن امڪاني عدم اعتماد جي ڪاميابي کان پوءِ موجوده اپوزيشن ۽ سومر جي ڏينهن کان پوءِ امڪاني ٽيزري بينچن تي ويهندڙن وٽ ٻيون ترجيحون موجود هونديون. جن ۾ قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد، سينيٽ جي چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد، پنجاب جي وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي خلاف عدم اعتماد، پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جي گورنرن جي تبديلي ۽ صدر علوي جي خلاف ان بيچ مينٽ واري تحريڪ شامل آهن. ان ڪري موجوده اپوزيشن پنهنجا نمبروار ڪم ترتيبوار ٺاهي رکيا آهن. جيڪي سومر کان پوءِ شروع ٿي وڃڻا آهن. عمران خان جا ان دوران ڪم الڳ هوندا. جيڪي امڪاني طور نظر اچن ٿا ته، جنهن ۾ هو خط موڪليندڙ ملڪ جي خلاف ۽ آزاد خارجا پاليسي سان پنهنجي امڪاني سياست جي شروعات ڪندڙ هوندو. جنهن جو اندازو ڪري سگهي ٿو.
هوڏانهن اسلام هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو ته في الحال گوڙ ۾ گم ٿي ويو آهي، جيڪو محمد نعميم نالي واري شهري جي داخل پٽيشن تي عدالت سڳوري ڏيندي چيو ته هو ته اها معلومات آفيشل سيڪريٽ جو حصو هجڻ سبب، اميد ڪيون ٿا ته وزير اعظم اها ظاهر نه ڪندو. ٻئي طرف اهڙي هڪڙي ٻئي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ پڻ داخل ڪيل آهي. جنهن ۾ اهڙي مبينه خط بابت تحقيقات ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي. ذوالفقار احمد ڀٽه وڪيل پاران داخل ڪيل انهيءَ رٽ پٽيشن ۾ سيڪريٽري قانون ڊويزن ۽ سول سيڪٽوريٽ جي ذريعي وفاق کي ڌر بنايو ويو آهي. هوڏانهن ميڊيا ۾ خفيا خط جي موضوع تي افسانوي ۽ تجزياتي انداز ۾ تمام گهڻو لکجي رهيو آهي. جڏهن ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وزير اعظم کي دعوت ڏني هئي ته انهيءَ خط کي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن کلي انداز ۾ ان تي ڳالهائي سگهجي. پر وزير اعظم پاران قومي سلامتي ڪميٽي کان پوءِ پارلياماني ڪميٽي ۾ خط ظاهر ڪيو ويو، پر اپوزيشن ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي. انهيءَ مبينه خط بابت صحافين جي هڪ گروپ کي به ٻڌايو ويو آهي. جڏهن سرڪاري رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي ۽ قومي اسيمبلي جي ڪميٽي کان سواءِ ڪابينا جي اجلاس ۾ پڻ اهو خط پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن بابت “ڪجهه وزيرن ان تي روئي ڏنو” رپورٽ ڪيو ويو آهي. بهرحال وزير اعظم پنهنجي خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ تي ووٽنگ ٿيڻ کان اڳ کيس مليل خط کي ملڪي سياست جو وڏو اشو بنائڻ واري ڪوشش ضرور ڪئي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ انهيءَ مبينه خط جو ذڪر زور شور سان جاري ضرور آهي. پر پر سڄو ملڪ ان ڳالهه ۾ هڪ ٽڪ ٻڌجي وڃي اهڙي ڳالهه سامهون نه آئي آهي.
هوڏانهن عالمي سطح تي خفيا ڳالهيون ظاهر ڪرڻ جو جڏهن وقت ٿيندو آهي ته اهي ڪجهه ڳالهيون ظاهر ٿينديون رهيو آهن. اهڙي هڪ خط جو ذڪر، جيڪو ملڪي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهي. اهڙي هڪ خط جو ذڪر (ر) برگيڊيئر سيد ارشاد ترمزي پنهنجي لکيل ڪتاب پروفائلز آف انٽيليجنس ۾ ڪيو آهي. انهيءَ ڳجهي خط جو واسطو اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ بابت آهي. “امريڪي سفارت خاني ۾ اهڙو هڪ خط سفارتي ڪيبل ذريعي پهتو” جو ذڪر ڪيو آهي. (ر) برگيڊيئر اهو ذڪر حساس ادارن واري منظر نگاري ۾ لکيو آهي. هن لکيو آهي ته “موسٽ ارجنٽ” جي خصوصي ڪوڊ تحت آيل پيغام کان پوءِ پنڊي جي راجا بازار جي پراڻي ڪپڙن جي بازار پهتو. جتي کيس پيغام ڏيندڙ اکين ئي اکين ۾ ڳالهائيندي هڪ ليٽر ريڙهي تي رکيل پراڻي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن اهو پراڻو ڪوٽ خريد ڪري ان مان ليٽر ڪڍي ويجهي فوٽو اسٽيٽ واري کان فوٽو ڪاپي ٺهرائي، ٻيهر هڪ ٻئي ريڙهيءَ تي رکيل ڪوٽ جي کيسي ۾ ليٽر وجهي واپس ڪري ڇڏيو. گهر وڃي جڏهن اهو ليٽر ڊي ڪوڊ ڪري پڙهيو، ته ان ۾ ڀٽي کي هر صورت ۾ ڦاسي تي چاڙهڻ جو ذڪر ڪيل هيو. هو لکي ٿو ته، مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ته ڪو ملڪ اسان جي اندروني معاملي ۾ ائين مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿو. جنهن کان پوءِ هن اهو خط جنرل رياض کي ڏيکاريو. جنهن پهرين اهو خط نقلي هئڻ وارو شڪ ظاهر ڪيو. جنهن تي پنهنجي سورس سان جنرل رياض جي ملاقات ڪرائي وئي. جنهن کيس سئو سيڪڙو خط صحيح هجڻ جي پڪ ڏني. هو وڌيڪ لکي ٿو ته اهو خط ان وقت جي ڊفينس جي جنرل سيڪريٽري جنرل جيلاني کي ڏيکاريو. جنهن خط کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ اسان کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هن وقت غير ملڪي طاقتون اسان جي معاملن ۾ غير معمولي دلچسپي وٺي رهيون آهن. هن لکيو آهي ته خط جي قانوني پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ ان وقت جي پنجاب هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، مسٽر جسٽس شميم حسين قادري سان ملڻ لاءِ جهاز ۾ چڙهي لاهور پهتس. ان وقت ڀٽي جي ڪيس جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هئي. جسٽس قادري خط پڙهي هن کي چيو ته خبر ناهي، هي خط، اصلي آهي، يا نقلي، پر ذوالفقار علي ڀٽي کي قانوني طور تي ڦاسي نٿي اچي سگهي. ڇو ته مبينه انهيءَ ڪيس ۾ هو سڌو سنئون ملوث نه آهي ۽ جيڪڏهن سزا ٿي، ته ججن ۾ ان تي سخت اختلاف موجود آهي ۽ اها متفقه نه هوندي. هن ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس جو ذڪر لکيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي بچاءَ وارا وڪيل لاهور جي فليٽيز هوٽل ۾ جيڪي قانوني پوائنٽس طئه ڪندا هئا. اهي پوائنٽس عدالتي ڪارروائي کان اڳواٽ ڳجهي نموني سان سرڪاري وڪيلن وٽ پهچي وينديون هيون. پوءِ ڀٽي شهيد جو ڪيس جنهن کي عدالتي قتل سڏيو وڃي ٿو. پر دنيا ڏٺو ته اهو سڀ ڪجهه نام نهاد قانوني تقاضائن تحت ڪيو ويو هو. جيڪو ملڪي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. (ر) برگيڊيئر ترمزي ان کان اڳ آمريڪي وزير خارجا هينري ڪسنجر جي 9 آگسٽ 1976 تي لاهور ۾ ٿيل خصوصي ملاقات جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ فرانس کان ايٽمي ري پروسيسنگ پلانٽ جو سودو ختم ڪرڻ لاءِ چيو. ڪسنجر جهاز ۾ چڙهڻ کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو ته جيڪڏهن ريل گاڏي سامهون ايندي ڏسجي ته عقلمندي ان ۾ آهي ته پٽڙي تان لهي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button