ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“يا الاھي يه ماجرا ڪيا هي”

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته مان 2014 ۾ عمران خان جي پاران اسلام آباد ۾ لڳايل ڌرڻي جي ڪوريج ڪندي پھرين ٽن ڏينهن اندر سنڌ ايڪسپريس ۾ ئي لکيو هو ته سندس ڌرڻو ناڪام ٿيندو. ان کانپوءِ ٽي مهينا عمران خان نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ جي نيت سان گادي واري شهر جي مرڪز ڊي چوڪ تي ھزارين مردن ۽ عورتن سان گڏ پنهنجي ڪنٽينر ۾ بيھي تقريرون ڪندو رهيو پر آخرڪار کيس ساٿين سوڌو ٽن مهينن بعد اتان ٽپڙ ٻڌي اٿڻو پيو. سندس بدنيتي تي ٻڌل ھي ڌرڻو ايتري حد تائين ناڪام ٿيو جو تڏھوڪي اسٽيبلشمينٽ کي مجبور ٿي سپريم ڪورٽ جي بدنام چيف جسٽس ثاقب نثار جي فيصلي وسيلي وزير اعظم ميان نواز شريف کي گھر موڪلڻو پئجي ويو. اھو راز به ڳجهو نه رھي سگھيو.
نيٺ نواز شريف جي پارٽي مسلم ليگ پنھنجي مينڊيٽ مطابق پنج سال پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.
شايد عمران خان به اھو سمجھي ٿو ته پنهنجي عوامي مقبوليت جي آڌار تي ھو ھڪڙو ٻيو سال ڊراما بازي ڪري، پنج سال نه رڳو پورا ڪري وٺندو پر خودڪار ووٽنگ مشينن ذريعي چونڊون ڪرائي ٻيا پنج سال به مزا ماڻي سگهي ٿو. انهي ڳالهه جو سڄو دارومدار پنجاب ۾ وزير اعليٰ عثمان بوزدار جي جاءِ تي چوڌري پرويز الاهي کي صوبائي سربراهه ٺاھڻ واري سندس اوچتي فيصلي جي نتيجن تي آهي.
رڳو گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن اندر وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کان وٺي بينظير ڀٽو ۽ بينظير کان نواز شريف، وري وزير اعظم نواز شريف کان ظفرالله جمالي تائين اھو ڏسو ته جيتوڻيڪ ھنن سڀني کي جڏهن به ڪرپشن جي حوالي سان حڪومت کان ڌار ڪري ڪڍيو ويو ته ڪنهن به چونڊيل شخص نه ڪا ڊراما بازي ڪئي ۽ نه ئي اھڙا حڪم جاري ڪيا ته مخالف ڌر جي اڳواڻن خلاف ھڪدم نوان ڪيس داخل ڪري کين جيلن ۾ واڙيو ته جيئن نه رهي بانس ۽ نه بانسري! شھباز شريف لاءِ ته ايتري حد تائين وڃي پهتو آهي عمران خان جو اعليٰ عدالتن کان سندس ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست به تيار ڪرائي اٿس جيڪا سومر ڏينهن اٽارني جنرل پيش ڪندو. سڀ کان اهم غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلا پنھنجن ستن اٺن وزيرن سان ڪلهه ڇنڇر تي ڪيل ڳجھي گڏجاڻيءَ ۾ ھي ڪيا ويا آهن ته؛
اسپيڪر کي گھرجي ته بي اعتماديءَ جي ووٽنگ ۾ ايندڙ نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري، ڪنھن به طريقي سان قومي اسيمبليءَ اندر ماحول کي ڦٽائي ڇڏي جو اپوزيشن وارا ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ٿين ۽ انھن ڪيسن ۾ سرڪاري وڪيل ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان گھل گينداڙو ڪري عمران خان کي وڌ کان وڌ وقت ڏياري ته جيئن ھو ڏينهن رات جلسا جلوس ڪڍي، عام ماڻهن کي اھو باور ڪرائي سگهي ته آمريڪي سامراج سندس حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ ساڳي طرح سازش سٽي آھي جيئن ذوالفقار علي ڀٽو کي ھٽائڻ ۽ مارائڻ لاءِ1976-77 ۾ سٽيائون.
انھيءَ ڳجھي گڏجاڻيءَ ۾ اھو به طئي ڪيو ويو ته صدر عارف علوي کي سمجهائبو ته جيڪڏهن ھنن سمورين سرڪاري رنڊڪن ۾ به ناڪامي ٿئي ۽ اعليٰ عدالتن جا فيصلا مخالف ڌر جي حق ۾ اچن ته پوءِ ھڪ مھيني تائين ڪنهن به بھاني سان عمران خان کي وزير اعظم جي سيٽ تان نه ھٽائي ته جيئن عوامي بغاوت جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ وقت ملي وڃي.
آخر عمران خان پارليامينٽ ۾ آئيني طريقي سان ووٽنگ ڪرائڻ کان ڇو ٿو لنوائي؟ ھن آمريڪي صدر جؤ بائيڊن جي ڪوڙي صحيح سان جيڪو خط لکرايو آهي ان کي عوام ۽ ميڊيا آڏو ظاهر ڪرڻ کان خوفزده ڇو آهي؟ ھو ھميشه وانگر پنهنجي بھادري ۽ اصول پرستيءَ جا ڪوڙا قصا گھڙي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ بدران پري پري کان اھو خط ڏيکاري آخر ڪيستائين پنهنجو پاڻ کي به ٺڳيندو رھندو؟ پاڪستان جي عوام جي تازي آدمشماري مطابق ھن ملڪ جي آبادي ٻاويهه ڪروڙ ستاسي لک ٿي ويئي آهي. جيڪڏهن انھيءَ آبادي جو هڪ سيڪڙو به عمران خان کي وزير اعظم جي سيٽ تي ويٺل ڏسڻ گھري ٿو ته اسلام آباد ۾ سڏايل گذريل آچر واري جلسي ۾ سڄي ملڪ مان سندس ھڪ سيڪڙو پوئلڳ به گڏ ٿين ھا ته انھن جو انگ ٻاويهن لکن کان مٿي ھجي ھا. عمران جي انھيءَ شاھي ميڙاڪي ۾ پنجاھه هزار کان به گھٽ ماڻھو شريڪ ٿيا. ھو اھڙن جلسن وسيلي اھو ئي ماتم ڪندو رهيو آهي ته واڳ ڌڻين منهنجي مٿي تان شفقت ڀريو هٿ کڻي، مون کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو آهي.
ٺيڪ آهي، ھو پنھنجي انھيءَ چالبازي ۾ جوان جماڻ طبقي کي قائل ڪرڻ ۾ ٿورو گهڻو ڪامياب ٿيو آهي پر ھي جوانڙا ته سوشل ميڊيا جي ايجاد کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه سمجهه ڀريا ٿي چڪا آهن پر سوشل ميڊيا جي ڪري تاريخ جي اڀياس کان وانجهيل ھنن جوانن کي ڪھڙي ڄاڻ ته عمران خان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو واري بدلو وٺڻ جي عادت ساڳي آهي پر ٻنهي جي شخصيتن وچ ۾ زمين آسمان جيڏو فرق آهي.
منھنجي عادت آهي ته ڪالم لکڻ مھل ٽي وي چئنلز تان ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ نشر ٿيندڙ خبرن جون ھيڊلائينز ضرور ٻڌندو آهيان ته جيئن ڪابه نئين خبر آهي ته ان کي ڪالم ذريعي پڙھندڙ ساٿين تائين پهچائي ڇڏيان. ھڪ مخصوص چئنل تان ٻن خاص پگھاردار تجزيو ڪندڙ سرڪاري ڌر جي صحافين بريڪنگ نيوز ۾ ٻڌايو ته عمران خان پنج ست منٽ اڳي مٿي ذڪر ڪيل رنڊڪون وجهڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي ويو آهي. اڳي ھن پنھنجي پارٽيءَ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي حڪم ڏنو ھو ته ھو ووٽنگ مھل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿين هاڻي سمورن ميمبرن کي آچر تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي گڏجاڻي ۽ ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي اٿس. نه رڳو ميمبر پر پاڻ به بنفس نفيس اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهيس. منھنجي مغز کي ڦيريون اچي ويون آهن ته،
“يا الاھي يه ماجرا ڪيا هي.”
وري به ذھن ۾ ساڳي حقيقت اچي ٿي ته ھي سڀ غيبي طاقتن جون ڪرامتون آهن. مطلب ته اهم عهديدارن جي ڪلھوڪي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل فيصلن مطابق ھاڻي پارليامينٽ جي اندر توڙي ٻاهر ڪنھن به قسم جي ڊرامي بازي کي برداشت نه ڪبو، اھڙو نياپو ستن اٺن وزيرن جي ڳجهي ميٽنگ کان پوءِ وزير اعظم عمران خان کي پھچايو ويو آهي.
حڪومت مڃي ورتو آهي ته آچر تي ئي لاھور ۾ نئين وڏي وزير ۽ اسلام آباد ۾ بي اعتمادي واري رٿ جو فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن ھن غير يقيني صورتحال کي ختم ڪري، اڳتي وڌجي. ھڪڙي ٽيليفون ڪال تي سڄي مستي ختم، ٺلهي ۽ ڪوڙي مزاحمت جو منٽن ۾ خاتمو ٿي ويو. ھاڻي نه عدالتون عمران سرڪار جي فرمائش تي ڪنهن اپوزيشن ليڊر جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏيئي سگهنديون ۽ نه ئي اسلام آباد يا لاهور جي پوليس ووٽنگ ۾ ڄنگھه اڙائي سگھن ٿيون.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر ھي پراسرار خط ڪھڙي جن ڀوت لکيو آهي؟ آمريڪا وارا حڪمران جيڪڏهن چائنا ۽ رشيا جھڙن سپر پاورس جي ليڊرن کي وقت بوقت کليل نموني گھٽ وڌ ڳالهائي سگهن ٿا ته پوءِ عمران خان جھڙي سياست ۾ ناڪام ثابت ٿيل ھڪ رانديگر کان ڊڄي، سرڪاري طرح ايئن ڇو بيان ڏيندا ته اھڙو ڪوبه خط اسان نه لکيو آهي ۽ نه ئي لکڻ جي ضرورت محسوس ڪريون ٿا. ھي بيان آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران جمعي ڏينهن ڏنو ويو آهي.
ھونئن به آمريڪي سي آئي اي وارن کي ڪنهن به ملڪ جي قيادت خلاف سازش ڪرڻي ھوندي آھي ته ھُو ان شخص کي خط لکي دھمان ڪونه ڏيندا آهن بلڪه ان ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اشارو ڏيئي ڊالرن جو اھڙو وڏڦڙو مينھن وسائي ڇڏيندا آهن جو اپوزيشن وارا سمورين اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز کي کيسي ۾ رکي، تخت تي ويٺل حڪمران جا تختا ڪڍيو ڇڏين.
بھرحال سليڪٽيڊ وزير اعظم جي حالت ڏسي مون کي به مٿس رحم اچي ٿو. نه ھو ڪو انقلابي آهي ۽ نه مارڪسوادي جيڪو عالمي سرمائيدار طبقي لاءِ خطرناڪ سازش ڪري سگهي. عمران خان جيڪي ڪجهه ڪري پيو سو فقط پنھنجي حڪومت کي بچائڻ واسطي پيو ڪري. جيڪڏهن سندس حڪومت نه بچي سگهي ته کيس ملڪ کان ٻاهر ھليو وڃڻ لا رڳو سڻائو گس Safe passage ڏين ته ھي ھمراھه پرڏيهه پڌاري ويندو ۽ پرڏيهي بينڪن ۾ پنهنجن نوڪرن ۽ ڀيڻ عليمه خان جي اڪائونٽس ۾ لڪايل ناڻي جي ڳڻپ ڪندو ته ڪٿي ھنن ڀروسي جوڳن ساٿين به گھوٻيون ته نه ھنيون آهن؟
جيڪو شخص انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ به بالنگ ڪرڻ مھل بال ٽيمپرنگ ڪري مخالف ڌر جي رانديگرن کي ناجائز طريقي سان آئوٽ ڪندو رهيو، سو ھفتي کن ۾ پاڻ به سياست مان آئوٽ ٿي ويندو ۽ سڄو خالي ميدان شايد پراڻن پاپين حوالي ڪري ڇڏيندو.
ھن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن لاءِ وري به بدبختي ۽ بدنصيبي جو هڪڙو ڏھون دؤر شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button