ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئين کان مٿانهون اپاءُ

Editorial

       ڪالهه جيڪي ڪجهه قومي اسيمبليءَ ۾ ٿيو، اهو ڪنهن به ريت جمهوري عمل نه هو ۽ اهو اميدن جي ابتڙ هو. ڇاڪاڻ ته حڪومتي ڌر، پي ٽي آءِ نه رڳو عدم اعتماد واري رٿ تي ووٽنگ ٿيڻ نه ڏني پر ڊپٽي اسيپڪر رڳو حڪومتي وزير جي تقرير ٻڌي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ وزير اعظم عمران خان اسيبمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنهن سان هڪ آئيني بحران پيدا ٿي پيو آهي. ان سموري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ان ادارن کي اها هدايت ڪئي آهي ته ڪو به غيرآئيني اپاءُ نه ورتو وڃي. جيڪڏهن عمران خان ۽ سندس پارٽي جمهوريت جي ويساهه رکي ٿي ۽ اها چوي ٿي ته اها ملڪ جي سڀ کان وڏي مقبول ۽ جمهوريت پسند پارٽي آهي ته پوءِ هن ايوان ۾ آمراڻو رويو ڇو اختيار ڪيو. عدم اعتماد وارو عمل هڪ آئيني ۽ جمهوري عمل آهي. ان تي حڪومت پاران اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، ڄڻ هي ڪو اهڙُو عمل آهي، جنهن سان ملڪ کي ڪو نقصان پهچي رهيو آهي. جڏهن ته وزير اعظم عمران خان ان کي پرڏيهي سازش پڻ قرار ڏئي رهيو آهي.

ملڪ ۾ سڀ کان مقدس دستاويز هن ملڪ جو آئين آهي، ان آئين ۾ جيڪي به قاعدا ۽ قانون بيان ڪيا ويا آهن، اهي سمورن ادارن توڙي سمورين سياسي پارٽين تي لاڳو ٿين ٿا. جنهن ۾ هر اداري جي ڪم ۽ ذميوارين جو دائرو بيان ڪيو ويو آهي. تنهنڪري آئين کان ٻاهر ڪو به ادارو ڪم نٿو ڪري سگهي. ايستائين جو ان ۾ وزير اعظم، صدر ۽ اسپيڪر جي ڪم ڪرڻ جا اختيار به ڄاڻايل آهن، پر ڪالهه جيڪي ڪجهه هن ملڪ جي عوام ڏٺو، ان مان اهو تاثر پئي مليو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي لامحدود اختيار مليل آهن، جنهن کي استعمال ڪندي هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ۽ آئين کان مٿانهين کان به رولنگ ڏئي سگهي ٿو. پر قانوني ماهر ان ڳالهه تي زور ڀري رهيا آهن ته ڪابه رولنگ جيڪا آئين جي ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي، ان کي سپريم ڪورٽ رد ڪري سگهي ٿي ۽ ان جو جائزو وٺڻ کان پوءِ آئين جي روشنيءَ ۾ ڪوبه فيصلو ڏئي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهو سمورو طريقيڪار آمراڻو آهي. جنهن جي ڪري ملڪ ۾ هڪ اهڙو بحران جنم وٺي ٿو، جنهن جو خال ڀرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. حڪومت عدم اعتماد جي پهرين ڏينهن کان وٺي ان معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ بهانا گهڙيندي رهي آهي. ڪالهه جڏهن عدم اعتماد پيش ڪرڻ جو آخري ڏينهن هو ۽ سپريم ڪورٽ به چئي چڪي هئي ته چونڊيل نمائندن کي ڪنهن به ريت ووٽنگ کان نٿو روڪي سگهجي ته پوءِ انهن کي ووٽنگ کان روڪي هاڻوڪي حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ حڪومت هاڻوڪي معاملي تي وڏي خوش ٿي رهي آهي ۽ اها سمجهي ٿي ته ان کي سوڀ ملي آهي پر هي ڪو سرپرائيز ڪونهي بلڪه هي هڪ اهڙي سياسي صورتحال آهي، جنهن سان هڪ سياسي ڌٻڻ پيدا ٿي پئي آهي. جنهن مان نڪرڻ لاءِ سياسي پارٽيون سپريم ڪورٽ ڏانهن نهاري رهيون آهن. تنهنڪري پنهنجي ذاتي سياسي مفادن لاءِ آئين جو ٻليدان نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي ان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ گهرجي. آئين ۾ هر معاملي کي چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي. عمران خان هن ملڪ جو وزير اعظم آهي پر جيڪڏهن سندس ڪابينه جا ماڻهو هن جي اعتماد نٿا ڪن ته پوءِ کيس ان لاءِ تيار رهڻ گهرجي ها. ان کان اڳ به هو ساڳي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ وٺي چڪو آهي. جيڪڏهن اهو عمل صحيح هو ته پوءِ هاڻوڪو عمل ڪهڙِي ريت غير آئيني ۽ غير قانوني بڻجي ويو آهي.

اسين سمجهون ٿا ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪنهن به ريت جائز ناهي. ان کان سواءِ ملڪ ۾ نئين سماجي معاهدي جي ضرورت پڻ آهي، جنهن سان ملڪ جي سياسي ماحول کي بهتر ڪري سگهجي. ان لاءِ ٻه شيون ڪرڻيون پوندو. هڪ صنعتي سڌارا ۽ ٻيا زرعي سڌارا. ان کان سواءِ نئون سماجي معاهدو ڪنهن به ريت بهتر نه ٿي سگهندو پر اهو تڏهن ممڪن آهي. جڏهن سياسي پارٽيون هاڻوڪي آئين جي پوئواري ڪنديون ۽ جيڪي ڪجهه به آئين چوي ٿو، ان تي عمل ڪنديون. ڪالهوڪو فيصلو نه رڳو هڪ آمراڻو عمل هو پر ان سان دنيا ۾ پاڪستان جي ساک به متاثر ٿي آهي. تنهنڪري آئين تي عمل لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button