ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

4 اپريلِ: قائد عوام جي شهادت جو ڏينهن

Editorial-Article-Qazi Pasha

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄوڪي ورسي اهڙي وقت ٿي رهي آهي، جڏهن پاڪستان انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ تي هڪ سليڪٽڊ جي حڪومت جا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. اقتدار تي سختي سان قبضو ڄمائي رکڻ لاءِ حڪومت لالچ ۽ ڌمڪين ذريعي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽين کي بي رحميءَ سان نيب هٿان نشانو بڻايو آهي، پر حڪومت عوام کي وڏين سياسي پارٽين کي ڇڏڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي.
جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بعد ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو هو ته ان کانپوءِ ملڪ انتشار جو شڪار بڻجي ويو هو، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ليڊرشپ ئي ملڪ کي سنڀاليو ۽ عوام جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪيو. پ پ جو بنياد وجهندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائيندڙ شخص آهي، جنهن دنيا جي سپر پاور آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي صاف ۽ کرو جواب ڏنو ته پاڪستان ڪڏهن به پنهنجي جوهري پروگرام تان هٿ نه کڻندو. شهيد ڀٽو جي ڪاوشن جي ڪري ملڪ ائٽمي صلاحيت رکندڙ بڻيو. اڄ اسان يوڪرين جي حالت ڏسون ته اسان کي ڀٽو صاحب جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڪيل تقرير تي فخر ٿئي ٿو ته جنهن ۾ هن چيو هو ته “اسان پيٽ تي پٿر ٻڌي بکيا رهنداسين، پر ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين، پاڪستان کي جوهري پروگرام حاصل ڪرڻ لا ڪير به روڪي نٿو سگهي.” شهيد ڀٽو جي اڻٿڪ ڪوششن سبب اڄ پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي، يوڪرين آزادي ماڻڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ نيٽو ملڪن جي ڪوڙن آسرن تي پنهنجا ائٽم بم ضايع ڪيا. روس جي حملي باوجود آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪ يوڪرين جي دفاع واري معاهدي کان ڦري رڳو تماشو ڏسي رهيا آهن. يوڪرين جي حالت ڏسي پاڪستان جي عوام کي اڄ شهيد ڀٽو ضرور ياد ايندو هوندو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ائٽم بم ٺاهڻ لا قدم نه وڌائي ها ته هندستان آمريڪا سان ملي پاڪستان تي حملو ڪري ها.
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ڪرائي جي مال تي جيئڻ واري ذهنيت جي مخالفت ڪئي ۽ اها ئي ذهنيت هڪ ڊڪٽيٽرشپ جو ڪردار رهيو آهي. قائد عوام کي خبر هئي ته پاڪستان جي اصل دولت عوام آهي. هن پاڪستان کي خچر جي زماني مان ڪڍي ايٽمي دور ۾ آندو. هن نوجوانن لاءِ يونيورسٽيون ٺاهي علم ۽ ترقيءَ جا رستا کولي ڇڏيا ۽ جهالت واري اونداهيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو. هن غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار ڪروڙين پاڪستانين جي دلين ۾ اميدن جي شمع روشن ڪئي ۽ کين احساس ڏياريو ته محنت ۽ علم جي مدد سان سندن مستقبل لاڳاپيل آهي. هن هڪ نئون وچولو طبقو وجود ۾ آندو ۽ پاڪستانين کي روزگار لاءِ پرڏيهه موڪليو. ان وقت پاڪستانين جي ساک عروج تي هئي ۽ هر پرڏيهي ملڪ خوشيءَ سان پاڪستانين کي قبول ڪري رهيو هو. ان جي ابتڙ اڄ پاڪستاني پاسپورٽ جڏهن به ڪنهن ملڪ جي اميگريشن ڊيسڪ تي پيش ڪيو وڃي ٿو ته ان کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. اها افسوسناڪ صورتحال آهي. اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قائد اعظم ۽ قائد عوام جي جمهوري نظرئي تي عمل ڪيو وڃي ۽ پاڪستان کي هڪ ناڪام رياست بڻجڻ واري خطري کان بچايو وڃي.
قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي صورت ۾ اسان کي هڪ عظيم قيادت ملي. اها پاڪستان جي خوش قسمتي هئي ته کيس هڪ اهڙو اڳواڻ مليو، جنهن تاريخ جو مطالعو ڪيو هو ۽ کيس تاريخ جو سبق ياد هو. هن پاڪستان جي باقي بچيل ٽڪرن کي گڏ ڪيو ۽ شاهراهه قراقرم کان وٺي بن قاسم پورٽ تائين ترقياتي سرمائيڪاري ڪري ملڪ ۾ جان وڌي. هن هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ٺاهيو، پاڪستان کي مشاق جهاز ڏنا، صحت، تعليم، نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا. عورتن کي احترام ڏنو ۽ کين پاڪستان جي پرڏيهي سروسز ۽ عدليه ۾ شامل ڪيو. مزدورن کي حق ڏنا، زرعي سڌارا ڪيا. حبسِ بيجا کي قانون جي خلاف قرار ڏنو. سڀ کان وڏو ڪم ملڪ کي هڪ وفاقي، جمهوري ۽ سڀني طبقن جي ترجماني ڪرڻ وارو متفقه آئين ڏنو، جنهن ۾ صوبن کي خودمختيار بڻايو ويو. قائد عوام 90 هزار جنگي قيدين کي واپس وطن آندو ۽ انهن کي جنگي ڪيسن کان بچايو ۽ جنگ جي ميدان ۾ هارايل هزارين چورس ميل زمين پاڪستان کي واپس ڏياري. هن ڀارت سان باوقار لاڳاپا قائم ڪيا ۽ شملا وارو معاهدو ڪيو. هن افغانستان جي صدر دائود سان ڊيورنڊ لائين کي باقاعده سرحد بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون، پر سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو، جنهن جي ڪري ٺاهه تي صحيحون نه ٿي سگهيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي جهالت ۽ لاعلميءَ واري انڌيري مان ٻاهر ڪڍيو. لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس سڏائي، جنهن ۾ ياسر عرفات کي فلسطيني عوام جو واحد ترجمان ۽ ليڊر تسليم ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح فلسطين ۾ فلسطينين جي پنهنجي حڪومت لاءِ راهه هموار ٿي.
قائد عوام شهيد ان ڳالهه تي ڀروسو نه ڪندو هو ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ ۾ طاقت سندس قائد جي ڪري ايندي آهي، پر کيس مڪمل يقين هو ته پارٽيءَ ۾ قوت عوام جي ڪري ايندي آهي. جڏهن 1967ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي ته ان ۾ سياست جو ڪو وڏو نالو شامل نه هو. جنرل موسيٰ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي ٺٺول ڪندي چيو هو ته، ان ۾ صرف رڪشا ۽ ٽانگي وارا شامل آهن. پر ملڪ جي عوام کي مشهور نالن جو ڪو به فڪر نه هو، ڇاڪاڻ جو اهو هڪ آمر جي آمريت ۽ ڊرائنگ روم سياست جو خاتمو ڪرڻ گهري پيو، جتي سيڪيورٽي ۽ بيوروڪريسيءَ جا ڪجهه وڏا نالا پوري قوم جي مستقبل جو فيصلو پنهنجي ڪٺ پتلين ذريعي ڪندا هئا. ماڻهن چيو ته اسان پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏينداسين. پوءِ پيپلز پارٽي ڀلي کڻي ڪنهن ٿنڀي کي نامزد ڪري، ڇو ته عوام پنهنجي زندگيءَ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ وٺڻ گهري پيو.
ان وقت عوام، پرزائيڊنگ آفيسرن، ريٽرنگ آفيسرن، اليڪشن ڪميشن جي اهلڪارن، عام شهرين ۽ چونڊن دوران ڊيوٽي تي موجود پوليس ۽ عدليه سان تعلق رکندڙ سڀني ماڻهن عام چونڊن کي هڪ آمر جي اقتدار جي خاتمي جي اپيل سمجهيو هو، ۽ انهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري هنن قائد عوام جي پارٽيءَ کي ووٽ ڏنا. چونڊن ۾ ڪاميابي عوام جي فتح هئي ۽ ان عوامي ريلي ۾ سياست جا وڏا وڏا ديوَ تباهه ٿي ويا.
هن وقت پاڪستان کي انتها پسندي، خودڪش حملن، پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ بهتري، عورتن ۽ اقليتن جي تحفظ، توڙي نوجوانن مزدورن ۽ هارين کي حق ڏيارڻ وارا مسئلا درپيش آهن. پاڪستان کي 21هين صديءَ ۾ متعارف ڪرائڻو آهي. پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هر شهري تائين ريڊيو ذريعي معلومات پهچائي ۽ شهرين کي پاسپورٽ جو حق ڏنو. اهو ڪم پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ٿيو، قائد عوام پنهنجي ۽ پنهنجي ٻن پٽن جي خون جو نذرانو عوام لاءِ پيش ڪيو، هن کي خبر هئي ته عوام لاءِ جان جي قرباني ڏيڻ کان وڌيڪ ڪا به شئي ناهي.
قائد عوام کي ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي الزام ۾ ڦاسي ڏني ويئي ۽ اڄ سڄي دنيا جو ڪروڙين عوام کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هن جو نالو اڄ به سياسي آسمان تي ستاري وانگر چمڪي رهيو آهي، هن جي مخالفن کي ڪير به ياد ڪرڻ وارو ناهي. هن جا حامي کيس 1979ع ۾ ئي شهادت واري ڏينهن کان اڄ تائين خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن. اڄ 4 اپريل تي قائد عوام لاءِ اهو نعرو بلند ڪري رهيو آهي. “زندهه آهي، ڀٽو زندهه آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button