ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪجهه جديد ادبي لاڙا

Editorial-Article-Kaleem Butt

تعارف:

ادب انسان جي اهڙي تخليقي صلاحيت آهي، جيڪا سماج جي ريتن رسمن، اخلاقي قدرن، عقيدن ۽ روايتن جي نمائندگي ڪندو آهي. افسانوي ادب جو انساني تاريخ تي وڏو گهرو اثر رهيو آهي. ان حوالي سان Parin Somani سال 2020ع جي پنهنجي هڪ مقالي جيڪو انٽرنيشنل جرنل آف آرٽس، هيومنيٽز اينڊ سوشل سائنسز ۾ ڇپيو، ان ۾ ڄاڻايو آهي ته تاريخي واقعن ۽ هلندڙ دور جي صورتحال کي سمجهڻ ۾ افسانوي ادب اسان جي مدد ڪندو آهي، ان سان گڏوگڏ افسانوي ادب اسان کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ سان گڏ پاڻ کي ۽ پنهنجي آس پاس رهندڙ ماڻهن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو آهي. اسان ان مان حقيقت جو عڪس ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ ان سان گڏ ادب کي آرٽ جو شاهڪار ڪري به ڏسندا آهيون، هميشه کان ادب عالمي تاريخ جو اهم حصو رهيو آهي.
ادب جو سڀني کان اهم ڪم انساني حالت (Human Condition) جي نمائندگي ڪرڻ آهي. افسانوي ادب کي سمجهڻ جو سڀني کان اهم جز ان ۾ انساني حالت جي پرک ڪرڻ آهي. نقادن موجب اها انساني حالت ئي آهي جيڪا ڪلاسڪ ادب کي پلپ فڪشن (Pulp Fiction) کان الڳ ڪري بيهاريندي آهي. www.reference.com جي هڪ مضمون موجب انساني حالت مان مراد انسان هجڻ جي ڪنهن نئين ۽ نرالي رخ کي بيان ڪرڻ آهي، پو ڀلي ان ۾ ماڻهوءَ جو واسطو ڪهڙي به جنس، نسل يا مذهب سان ڇو نه هجي، انساني حالت بيان ڪرڻ مهل انهن ڳالهين جو فرق نه رکبو آهي. سادن لفظن ۾ انساني حالت کي ائين به بيان ڪري سگهجي ٿو ته اهڙو موضوع جنهن انسان جي فطرت، انساني سماج ۽ اسين زندگيءَ کي ڪهڙي نموني گذاري رهيا آهيون، ان جو ذڪر ڪيل هجي. ان جو اهم تعلق انسان جي موجودگيءَ سان آهي، افسانوي ادب جو مرڪزي نقطو اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. انساني حالت کي بنيادي طور ٽن اهم سوالن جي سري هيٺ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ اسان پنهنجي حياتي ڪهڙي نموني گذاريون ٿا؟ ان ۾ وري ڪجهه ٻيا سوال به اٿاريا ويندا آهن جهڙوڪر:
سٺي زندگي گذارڻ جو مطلب ڇا آهي؟ والدين جو سندن ٻارن ڏانهن رويو ڪهڙو آهي؟ اسين موت کي ڪهڙي نموني منهن ڏيون؟ اسين پنهنجي آس پاس ويڳاڻپ جي شڪار ٿيڻ کي ڪيئن منهن ڏيون؟ ڇا اسين هر ڳالهه ۾ ها سان ها ملايون يا پنهنجي سوچ جو به اظهار ڪريون؟ مختلف نسل ۽ جنس جي ماڻهن جو پاڻ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ اسان تمام گهڻي اميري يا غريبيءَ کي ڪيئن منهن ڏيون؟
اهڙي ريت ٻيو سوال وري اهي ٿي سگهي ٿو ته انساني فطرت ڇا آهي؟ ان وري اهي سوال اٿاري سگهجن ٿا ته:
ڇا بنيادي طور انسان ۾ نيڪيءَ جو جز آهي يا بدي جو؟ ڇا ڪجهه شيون ڄمڻ سان گڏ ئي اسان ۾ اچي وينديون آهن يا ڄمڻ وقت اسين خالي سليٽ جيان هوندا آهيون؟ انسان ذات وڌيڪ ضروري ڇا آهي، قانون جي پاسداري يا آزادي؟ ڇا فطري طور اسين سماجي جانور آهيون يا فطري طور اسان هيڪلائي واري سڃاڻپ رکون ٿا؟ ڇا اسان ڪائنات جي سڀني سچن کي ڄاڻي سگهون ٿا؟ ڇا اسين خودپسند ۽ خودغرض آهيون؟
اهڙي ريت ادب ۾ انساني حالت جي حوالي سان ٽيون اهم سوال آهي، انساني سماج ڇا آهي؟
زندگي گڏ گذارڻ جو سڀني کان بهترين طريقو ڪهڙو آهي؟ ڇا اسان کي غريبن ۽ مسڪين جي مدد ڪرڻ گهرجي يا انهن کي سندن حال تي ڇڏي ڏجي؟ هڪ فطري سماج ڪهڙو هوندو آهي؟ برابري وارو يا حاڪم ۽ محڪوم وارو؟ ڇا تهذيب مثبت آهي يا منفي؟ ۽ سماج جو ماحول ڏانهن ڪهڙو رويو هجڻ گهرجي؟
انهن مڙني سوالن کي ادب ۾ انساني حالت (Human Condition) ۽ مختلف فطري ۽ غير فطري سببن جي ڪري انساني حالت تي فرق ايندا رهن ٿا. تهذيبن ۽ ثقافتن تي اثر پئي ٿو. جيئن جيئن انساني حالت تي هاڪاري يا ناڪاري اثر پوندا آهن ته اهي اثر ادب جو مرڪزي نقطو بنجي ويندا آهن. جيڪڏهن 21 صدي جو مثال وٺجي ته جنهن شيءِ سڀني کان وڌيڪ انساني حالت کي متاثر ڪيو آهي، ٽيڪنالاجي آهي، ان نه رڳو انساني سماج کي پر خود انساني وجود کي به ڏاڍو متاثر ڪيو آهي ۽ دنيا ۾ انسان پڄاڻان (post-human) جهڙا نظريا به دنيا ۾ اچي ويا آهن، جن ۾ اهو بحث ٿي رهيو آهي ته هاڻي انسان هن ڪائنات مرڪزي نقطو نه آهي ۽ جيڪڏهن انسان هن ساڳي شڪل صورت ۾ هن دنيا ۾ نه رهيو، تڏهن به هن دنيا تي ڪو فرق نه پوندو ۽ باقي سڀ مخلوقون به انسان جيتريون ئي اهم آهن، انهن جي پنهنجي هڪ الڳ جيوت آهي ۽ انهن کي انسان جي ڪري تخليق نه ڪيو ويو آهي، اهو چوڻ به غلط آهي ته ڪو انسان اشرف المخلوقات آهي، ڪنهن به مخلوق کي ٻي مخلوق تي شرف حاصل نه آهي. ان سان گڏوگڏ دنيا هڪ ٻيو اهم نظريو ايڪو سينٽرڪ ورلڊ جو به هلي رهيو آهي، جنهن وري اهو بحث ڪيو وڃي ٿو ته انسان جي ڪري ماحوليات ۽ فطرت تي ڪهڙا ڪهڙا ناڪاري اثر پيا آهن ۽ فطرت ۽ ماحوليات کي ڪيئن بچائجي؟
ان سان گڏ افسانوي ادب ۾ به نوان لاڙا پڙهڻ لا ملن ٿا، جن ۾ پيرا نارمل ادب، ميٽا هيومن، ائروٽيڪه (نيو ايڊلٽ فڪشن)، مڪسڊ جنائرز، ۽ ملٽي سينسريءَ کي اهم سمجهيو پيو وڃي، هتي اسين انهن جو ذڪر ڪريون ٿا.
پيرانارمل ادب: هن مان مراد اهڙو افسانوي ادب آهي جنهن جي سيٽنگ ۽ ماحول ته حقيقي دنيا جو ڏيکاريل هجي پر ان ۾ اهڙيون ورتائون ڏيکاريل هجن جن جو حقيقي دنيا سان ڪوبه واسطو نه هجي ۽ انهن جي سائنسي اصولن موجب ڪابه سمجهاڻي نه هجي. مثال ڪو اهڙو ڪردار جنهن ۾ جن گهڙي وڃي يا ڪو اهڙو ڪردار جيڪو مختلف وحشي جانورن جو روپ مٽائي وٺي، يا اهڙيون ڪهاڻيون جن ۾ جنن، غيباتن ۽ اهڙي ڪنهن ٻئي مخلوق جو انسان سان واسطو پئي. اهڙي قسم جي ادب کي پيرانارمل سڏجي ٿو. مثال طور وئمپائر ڊائري نالي ناول کي ان حوالي سان اهم ناول سمجهيو وڃي ٿو، اهڙي ريت گوٿڪ ادب پيرانارمل ادب آهي جنهن ڀوائتيون (Horror) ڪهاڻيون، ناول ۽ فلمون اچيو وڃن.
ميٽا هيومن: تازو نيٽفلڪس In from Cold نالي هڪ ويب سيريز ٺاهي آهي جنهن ۾ هڪ اهڙي روسي جاسوس کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي جسم ۾ سرد جنگ دوران خاص چپ داخل ڪئي وئي جنهن جي مدد سان ان مائيءَ ۾ اهڙي طاقت اچي وئي جو هو جنهن سان به هٿ ملائي ٿي ته هن ۾ ان ماڻهو جو روپ وٺڻ جي صلاحيت اچيو وڃي، پر سرد جنگ کانپو روس ٽٽي پئي ٿو ۽ هو گم ٿي وڃي ٿي ۽ آمريڪا ۾ هڪ عام عورت واري زندگي گذارڻ لڳي ٿي. وڏي عرصي کان سي آ اي کي هن جي ڳولا آهي ۽ نيٺ اهي کيس ڳولي به لهن ٿا ۽ ان کان وري جاسوسي ڪرائين ٿا ۽ هو وري پنهنجي ان روپ مٽائڻ واري صلاحيت کي استعمال ڪري، پر جڏهن به روپ مٽائي پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي ٿي ته ڏاڍي ڪمزور ٿي پئي ٿي.
اهڙي ريت ڊي سي ڪامڪس ۽ مارويل ڪامڪس ۾ آئس مين، سپرمين، بيٽ مين، ونڊر وومن، اسپائيڊر مين، راز الغول، فليش وغيره جهڙا ڪردار پڙهڻ لا ملن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ٽيڪنالاجيءَ جي ڪري غيرفطري صلاحيتون حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ انهن کي مات ڏيڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، اهي سڀ ڪردار ميٽا هيومن جي زمري ۾ اچن ٿا.
ان حوالي سان ديپڪ چوپڙا ڪتاب ”ميٽا هيومن“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته ميٽا يوناني لفظ آهي جنهن جي معنى پري، مٿانهون يا ڏورانهون آهي ۽ ميٽا هيومن ٿيڻ مان مراد هڪ اهڙي حقيقت ڏانهن وک وڌائڻ آهي جيڪا وڌيڪ پراثر آهي. هو ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
“The experience of the physical world is a result of perceptual activity in consciousness. The five senses have been recently shown to provide quantum information to the brain”
ائروٽڪه (نيون ايڊلٽ فڪشن): ڪجهه سالن کان جنسي تسڪين جي حوالي سان لکيل ناولن ۽ ڪهاڻين کي خاص اهميت ملي رهي آهي. ان حوالي سان اي ايل جيمز جي ٽرائلاجي ففٽي شيڊز آف گري، جنهن جو پهريون ناول 2011ع ۾ ڇپيو، کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. هن ناول ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري جي زندگي جو احوال ڏنو ويو آهي، جيڪا هڪڙي سهڻي ۽ نفيس قسم جي بزنس مين سان جنسي تعلق رکي ٿي. جڏهن هو ان جي ويجهو اچي ٿي ته کيس خبر پئي ٿي ته ان همراهه کي BDSM واري جنسي لاڳاپي ۾ وڌيڪ تسڪين ملي ٿي، ان مان مراد اهڙو جنسي عمل آهي جنهن ۾ ساٿي سان ڏاڍ، جبر ڪجي ۽ جنسي عمل دوران ان کي اذيت ڏجي. هن ناول کي برطانيا سان گڏ آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ به ڏاڍي مشهوري ملي.
اهڙي ريت آمريڪي ليکڪه ڪولين هوئر جا ناول اگلي لو، مي بي ناٽ، ڪنفيس وغيره به ان صنف ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، انهن کي ينگ ايڊلٽ فڪشن يا نيو ايڊلٽ فڪشن به چيو وڃي ٿو. اهڙي ريت حنيف قريشي نالي مشهور برطانوي ناول نگار جو تازو ناول دي نٿنگ به ائروٽڪه ناولن ۾ ڳڻيو پيو وڃي. هن ناول ۾ زي نالي عورت جي جنسي زندگي جو احوال پڙهڻ لا ملي ٿو.
مڪسڊ يانرا: هن ۾ ليکڪ مختلف لاڙن ۽ ڌارائن کي هڪ ئي ڪهاڻيءَ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جهڙوڪر ڪهاڻي حقيقت نگاري يا سماجي حقيقت نگاريءَ کان شروع ٿيندي آهي، پر ان ۾ وجوديت، ابسرڊٽي، سررئلزم، ميجڪ ريئلزم ۽ سائنس فڪشن به اچي ويندو آهي. ان حوالي سان برطانوي ناول نگار مئٽ هيگ جا ناول جهڙوڪر دي مڊ نائيٽ لائبريري، ڊي ڪامڪ ايرو وغيره جو ذڪر اچي ٿو. مئٽ هيگ جي ناولن کي اسپيڪليٽو فڪشن جي صنف ۾ به ڄاڻايو وڃي ٿو. اهڙي ريت مشهور جاپاني ناول نگار هيراڪو موراڪامي جي ناولن جهڙوڪر نوروجين وڊز يا آ ڪيو 84 کي به مڪسڊ يانرا ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
ملٽي سينسري: هن قسم جي لکڻي جو ليکڪ پوسٽ ماڊرن فلسفي سان گڏ فلمن ۾ ٿيل منظر نگاريءَ کان متاثر هوندو آهي ۽ اهڙي طريقي سان لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جو پڙهندڙ جي اڳيان ڪردار ڄڻ هلڻ ڦرڻ لڳندا آهن. ان ليکڪ کي لفظن جي اهڙي جادوگري کان ڪم وٺندو آهي جو پڙهندڙ جي ذهن اهي لفظ فلم جيان تصور ٺاهيندا ويندا آهن، پر ان هوندي به هو جديديت پچاڻان واري اثر کي برقرار رکيو ايندو آهي.
جيئن جيئن دنيا جي ٻين شعبن ۾ مختلف قسمن جون تبديليون اچي رهيون آهن، ائين افسانوي ادب ۾ به وڏيون وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن ۽ سنڌي اديبن کي عالمي معيار جو ادب تخليق ڪرڻ لا هنن جديد لاڙن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button