ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمر ضياءَ جي واپسي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪالهه جيڪو تماشو پارليامينٽ ۾ لڳايو ويو، ان جو مثال ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ورلي ئي ملندو. پي ٽي آءِ حڪومت خلاف اپوزيشن پارٽين عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي هئي، جنهن جي ڪالهه ووٽنگ ٿيڻي هئي. اپوزيشن پارٽين وٽ حڪومت کان وڌيڪ انگ هئا ۽ حڪومت کي اها پڪ ٿي وئي هئي ته اها عدم اعتماد مان پار نه پئجي سگهندي. ان ڪري اجلاس کي هلڻ ئي ڪونه ڏنو ويو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، اسپيڪر اسد قيصر جو لکيل فيصلو پڙهي ڇڏيو. جنهن موجب عدم اعتماد کي عالمي سازش قرار ڏنو ويو، جيڪو آئين جي ٽڪراءُ ۾ آهي. تنهنڪري هن عدم اعتماد واري رٿ کي اجلاس ۾ هلڻ ئي ڪونه ڏنو.
جڏهن ته هڪ ڀيرو عدم اعتماد جمع ٿي وڃي ته ان تي عمل ڪيو ويندو آهي. عدم اعتماد واري معاملي کي عمران خان نيازي ايترو ته دل تي ورتو جو هن ان کي عالمي سازش قرار ڏنو ۽ اهو چوندو رهيو ته آمريڪا اپوزيشن پارٽين کي پئسا ڏنا آهن ته جيئن سندس حڪومت ختم ڪئي وڃي. هو ڪجهه ڏينهن کان هڪ اهڙي خط جو ذڪر ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته اهو کيس حڪومت هٽائڻ لاءِ لکيو ويو آهي. پر جڏهن اهي سڀئي معاملا حڪومت جي اهم عهديدارن ۽ فوج جي آڏو رکيا ويا ته اهڙي ڪابه ڳالهه سامهون نه آئي، جنهن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت خلاف ڪا سازش ٿي رهي آهي. سينيئر صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته ملڪ جي انٽيليجنس ادارن ان سڄي معاملي جي جاچ ڪئي ۽ عمران خان نيازيءَ کي آگاهه ڪيو ته اهڙي ڪابه سازش ناهي ۽ نه ئي ان جا ڪي ثبوت مليا آهن. هنن کيس چيو ته جيڪڏهن هن وٽ ڪي اهڙا ثبوت آهن ته ڏنا وڃن پر وزير اعظم ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.
هاڻ هڪ خط کي بنياد بڻائي ان کي آمريڪا جي سازش قرار ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته آمريڪا خلاف نيريٽو جوڙڻ سان هو پنهنجي ساک بحال نٿو ڪري سگهي. پاڪستان آمريڪا جو پراڻو اتحادي آهي. اهو نه رڳو جنگين ۾ گڏ رهيو آهي پر واپار جي حوالي سان آمريڪا پاڪستان لاءِ هڪ بهتر ملڪ رهيو آهي. ان کان سواءِ ملڪي معيشت کي ٽيڪو ڏيڻ ۾ آمريڪا جو وڏو سهڪار رهيو آهي. جيڪڏهن عمران خان نيازي سمجهي ٿو ته هو آمريڪا مخالف ماحول ٺاهي ايندڙ چونڊون کٽي سگهي ٿو ۽ عوام ۾ ايترو مقبول ٿي ويندو جو کيس ڪير به شڪست نه ڏئي سگهندو ته اها فقط هڪ خواهش آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ آرمي چيف قمر جاويد باجوه نه رڳو آمريڪا کي پنهنجو اتحاد چيو پر هن اهو به چيو ته روس پاران يوڪرين تي ڪيل حملو هڪ غلط عمل هو. هن قسم جا بيان ڏيڻ رياست جي سربراهه جو ڪم هوندو آهي پر اها ڊيوٽي به آرمي چيف ڪري رهيو آهي. جڏهن ته رياستي پاليسيءَ کي بيان ڪرڻ سويلين حڪمرانن جو ڪم آهي. پر هن وقت تائين پي ٽي آءِ رڳو فوج جي ٽيڪ وٺي هلندي رهي آهي، جنهن جي ڪري اها پنهنجي ٻل تي هلڻ لاءِ تيار ڪانهي. تنهنڪري ڪالهه جيڪي ڪجهه پارليامينٽ ۾ ٿيو آهي. ان کي عمران خان نيازي ڀلي سرپرائيز سمجهندو هجي پر هن آئيني ڀڃڪڙي ڪرڻ سان گڏوگڏ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان نيازي خوش لڳي رهيا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ جو هن بحران کي حل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿيڻ ضروري هو. جنهن هنگامي بنيادن تي ان معاملي تي مختصر شنوائي ڪئي ۽ اڄ ڌرين کي پيش ٿيڻ جو چيو آهي. سپريم ڪورٽ اها هدايت پڻ ڪئي آهي ته ڪوبه آئين کان مٿانهون اپاءَ نه وٺي. پي ٽي آءِ اڳواڻ ڀلي اهو چوندا رهن ته سپريم ڪورٽ اسپيڪر جي فيصلي کي چيلينج نٿي ڪري سگهي پر قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ اسپيڪر جا اختيار لامحدود ڪونه آهن. جڏهن معاملو آئين سان ٽڪراءُ ۾ هجي يا آئيني مسئلو بڻجي وڃي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ان معاملي کي جاچي سگهي ٿي. ان ڪيس کي ٻڌي ان بابت فيصلو به ٻڌائي سگهي ٿي. عدم اعتماد واري رٿ جمع ڪرائڻ کان پوءِ وزير اعظم جو اختيار ان وقت تائين استعمال نٿا ڪري سگهجن جيستائين اها رٿ عمل ۾ نٿي اچي وڃي. پر تنهن هوندي به ڪالهه عمران خان نيازي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز صدر عارف علوي کي موڪلي ڏني، جنهن اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون آهن. هن وقت شيخ رشيد جهڙا اهي ڳالهيون ڀلي چوندا هجن ته اپوزيشن عمران خان نيازيءَ کي مقبول ڪري ڇڏيو آهي، پر مسئلو اهو آهي ته ڇا واقعي به هن فيصلي کان پوءِ عمران خان نيازي مقبول ٿي ويندو. سندس ڪيل غير آئيني فيصلي کان پوءِ هو ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ ٿي ويو آهي.
اقتدار ۽ اختيار ڪنهن به ماڻهوءَ کي هٻڇي ڪري ڇڏيندو آهي. ان ڪري عمران خان نيازيءَ کان به اقتدار نه پيو ڇڏجي. تنهنڪري هو نه رڳو پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ هر غير آئيني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ملڪ ۾ جمهوري سرشتي جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جو ماحول پڻ پيدا ڪري رهيو آهي. پر کيس اهو احساس هجڻ گهرجي ته هو جهڙي ريت حڪومت پيو وڃائي، ان کان پوءِ ايندڙ حڪومت لاءِ معاملا هلائڻ ايترا سولا نه هوندا. هڪ فاسٽ بالر کي سٺو بال اڇلائڻ لاءِ جهڙي ريت پويان وڃڻو پوندو آهي، اهڙي ريت هڪ سياستدان کي به حالتون ڏسي پويان پير ڪرڻ گهرجن ته جيئن جڏهن هو واپس اچي ته ڀرپور تياريءَ سان اچي.
عمران خان نيازي شايد اهو سمجهي ورتو آهي ته کيس وري ڪڏهن به اقتدار نه ملندو، ان ڪري هو ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. پنهنجي هر تقرير ۽ خطاب ۾ اولهه جا مثال ڏيندڙ عمران خان پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ وقت هڪ آمر بڻجي ٿو وڃي ۽ ان کي هر ماڻهو غدار ٿو لڳي. ان ڪري عدالت جيڪو به فيصلو ڪري اهو اپوزيشن به قبولڻ لاءِ تيار آهي. پر ڪالهوڪي حرڪت کان پوءِ اهو ته طئي ٿي ويو آهي ته عمران خان نيازي پنهنجي مزاج ۾ نه رڳو هڪ فاشسٽ آهي پر هو آمراڻي طبيعت رکندڙ ماڻهو آهي. جنهن ڪالهه آمر ضياءَ جي ياد کي تازو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button