ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رمضان شريف ۾ واپارين جي من مستي

Editorial

پاڪستان ۾ رمضان هڪ اهڙو مهينو هوندو آهي، جنهن ۾ شين جا اگهه سڀ کان وڌيڪ مهانگا ٿي ويندا آهن. عام واهپي جون شيون ماڻهن جي پهچ کان چڙهي وينديون آهن. جنهن جي ڪري عوام دانهون پيون ڪندو آهي ته ڀاڄين، ميون ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جا اگهه گهٽ ڪيا ويندا آهن پر هتي موجود واپارين جي ملي ڀڳت جي ڪري نه رڳو اگهه گهڻا وڌي ويندا آهن پر اهي اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو مجبور ٿي مهانگي اگهه تي شيون خريد ڪندو آهي. هن سال به اها ئي حالت ٿي آهي. رمضان اچڻ کان اڳ ۾ جيڪي شيون سستي اگهه تي وڪامي رهيون هيون. انهن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. جڏهن ته پرائيس ڪنٽرول اٿارٽي توڙي ضلعي انتظاميه جي اها ذميواري هوندي آهي ته اها مقرر ڪيل اگهن تي عمل ڪرائي، واپارين کي ريٽ لسٽون يا گهوتريون فراهم ڪيون وينديون آهن پر انهن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي ۽ واپاري پنهنجي من مستي ڪندي پنهنجا ئي اگهه مقرر ڪري ڇڏيندا آهن. ڪالهه اگهن جي حوالي سان جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي سا به اهو بيان ڪري رهي آهي ته شين جا اگهه ڪيترا وڌي ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڀلاري مهيني رمضان جي آمد سان گڏ ئي ميون جا اگهه وڌي ويا آهن. جڏهن ته سبزي منڊيءَ ۾ اگهه وڌڻ جو جواز بڻائي شهر ۾ ميوو وڪرو ڪندڙن پنهنجي مرضيءَ جون قيمتون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون. رمضان کان هڪ ڏينهن اڳ 60 رپيا ڪلو وڪرو ٿيندڙ گدرو 80 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو، ڪيلا هڪ سئو رپيا درجن کان وڌي 140 رپيا درجن ٿي ويا، صوف جيڪي اڳ ئي اڻ لڀ هئا، هاڻي وڌيڪ مهانگا ٿي ويا. گولڊن صوف جي قيمت 300 رپيا ڪلو ٿي وئي، هنڌاڻا، گرمو به مهانگو وڪامڻ لڳو، هر سال وانگر هن سال به رمضان جي آمد سان ئي عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿي ويون، شهري انتظاميا جي سموري دعويٰ غلط ثابت ٿي، دڪاندارن هڪ ڏينهن اڳ ئي پنهنجي مرضيءَ جي قيمت وصول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، ميوو وڪرو ڪندڙن ٻڌايو ته رمضان ايندي ئي سبزي منڊي ۾ ميوو مهانگو ٿي وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڪمشنر ڪراچي 7 مارچ کان پوءِ ميون جو سرڪاري اگهه نامو جاري ناهي ڪيو، رمضان جي آمد جي باوجود ڪوئي سرڪاري اگهه نامو تيار ناهي ٿي سگهيو، جنهن سان دڪاندارن جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿي رهيا آهن. شهر ۾ داليون بيسڻ، چڻا ۽ مصالحه به سرڪاري اگهه کان وڌيڪ اگهه تي وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪمشنر ڪراچي 30 مارچ تي ڪريانه شين جي پرائس لسٽ جاري ڪئي، جڏهن ته دڪاندارن جو چوڻ آهي ته سرڪاري اگهه نامو تيار ڪرڻ ۾ هول سيلرز ۽ جوڙيا بازار جا واپاري انتظاميه جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۾ ڪامياب رهيا. شهر ۾ معياري بيسڻ 22 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح ڪارن چڻن جي قيمت 150 رپيا ڪلو مقرر ڪئي وئي، جيڪي بازار ۾ 170 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. رمضان ۾ ماش ۽ مڱن جي دال جا پڪوڙا ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن سان مڱ ۽ ماش جي دال جي طلب وڌي وڃي ٿي. ڪمشنر ڪراچي سرڪاري اگهه نامي ۾ ماش جي دال پهرين درجي جي قيمت 245 ۽ ٻئي درجي جي 205 رپيا مقرر ڪئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ ماش جي دال 225 کان 280 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته سرڪاري قيمت 145 رپيا مقرر آهي.
هن صورتحال ۾ هڪ عام ماڻهو ڪهڙي ريت ايتري مهانگائي برداشت ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ عام ماڻهو عام ڏينهن ۾ ئي ميوا خريد ڪونه ڪري سگهندو آهي پر داليون ۽ بيسڻ جهڙا اسم ان جي روزاني استعمال جا هوندا آهن. پر جيڪڏهن انهن جا اگهه به چوٽ چڙهي وڃن ته پوءِ اهي شيون به انهن جي پهچ کان پري ٿي وينديون آهن. پر رمضان هڪ اهڙو مهينو آهي، جنهن ۾ عام واهپي جي شين جو وڪرو وڌيڪ ٿيندو آهي. جڏهن شين جي کپت وڌيڪ آهي ته پوءِ انهن جا اگهه به مناسب هجڻ گهرجن. پر هتي تي صورتحال اهڙي آهي جو ماڻهو جنهن شيءِ کي هٿ لائي ٿو ان کي باهه لڳي پئي آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته واپاري سرڪاري اگهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهي انتظاميه کي ڪنهن ليکي ۾ به نٿا آڻين.
اسين سمجهون ٿا ته هي عوام سان دوکو آهي. تنهنڪري عوام کي مناسب اگهن تي اسم فراهم ڪرڻ لاءِ لازمي آهي. جيڪڏهن حڪومت عوام کي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته اها ڪڏهن انهن کي رليف فراهم ڪندي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ هونئن به ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿيندي رهي آهي، مٿان رمضان جي مهيني ۾ عوام جو رت ائين نپوڙيو ويندو ته پوءِ اهي ماني ڳڀي لاءِ به سڪي ويندا. تنهنڪري واپارين جي من مستي جو انتظاميه ترت نوٽيس وٺي ۽ اگهن کي گهٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button