ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو سرپرائيز ۽ آئيني بحران

Editorial-Article-Ali Thaheem

ڪوئي کي هريڙ هٿ آئي ته هو پاڻ کي پساري سمجهڻ لڳو. بلڪل ائين 2018ع ۾ هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي اقتدار ڏياريو ويو، جيڪو ڪنهن به ريت وزيراعظم جي منصب جي قابل نه هو. ان کي ڪن مان وٺي وزيراعظم پاڪستان بڻايو ويو. اسان ان وقت به دانهون پئي ڪيون ته هي ملڪ هاڻي وڌيڪ تجربا برداشت ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي، پر اڃا تائين ملڪ ۾ سياسي تجربن جو سلسلو هلندڙ آهي. پاڪستان ۾ عمران خان جي شڪل ۾ جيڪو هائبرڊ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، ان سان ملڪ جو نقصان ٿيندو. بهرحال تجربي گاهه مان گذاري عمران خان کي 18 آگسٽ 2018ع تي هن کي 22هين وزير اعظم طور اهم منصب تي ويهاريو ويو.
عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ پر ڪڍڻ شروع ڪيا، کيس شايد ٻئي ڪنهن ڪم لاءِ نه پر مخالف ڌر کي چور، ڌاڙيل، غدار، ڪوٺڻ لاءِ آندو ويو هو. وزيراعظم ٿيڻ کان اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان تائين مخالف ڌر جي ليڊرشپ کي غدار غدار چئي تقرير ختم ڪيائين. مخالف ڌر جڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي هئي ته ان وقت عمران خان هڪ جلسي ۾ خدا جو شڪر ادا ڪندي چيو هو ته سٺو ٿيو انهن بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي، هاڻي انهن کي بري شڪست ڏيندس. جيئن جيئن ڏينهن اڳتي گذرندا ويا، حڪمرانن کي خبر پوندي رهي ته اسان جي پيرن هيٺان اقتدار کسڪي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ڏسي حڪمرانن جي بيانيي ۾ فرق اچڻ لڳو ۽ وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن مشيرن پاران مخالفن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان سواءِ انهن تي غداريءَ جا الزام هنيا. عمران خان هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ادارن تي به الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. نيوٽرل بابت قرآن شريف جو حوالو ڏيئي حديث ٻڌائي ادارن کي نشانو بڻائيندي چيو هو ته نيوٽرل ته جانور هوندو آهي. جيئن جيئن وقت اڳتي گذرندو ويو، عمران خان ۽ سندس ٽيم جو پارو چڙهندو ويو.
آخر وزيراعظم اسلام آباد جلسي دوران هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ڪڍي لهاريندي چيو هو ته هڪ ملڪ مون کي ڌمڪي ڏني آهي ته اڳتي هلي قوم کي خطاب دوران هن آمريڪا جو نالو به کنيو. هن الزام هنيو ته مخالف ڌر غير ملڪي مطلب آمريڪي فنڊنگ ذريعي منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ آندي آهي، ان پئسي سان ميمبرن کي خريد ڪيو پيو وڃي. عمران خان ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان آمريڪا خلاف ايڏو وڏو الزام لڳائي ڇڏيو جنهن سان پاڪ -آمريڪا لاڳاپا به خراب ٿي پيا سگهن. بي اعتمادي واري رٿ بابت اسپيڪر اسد قيصر پاران ڪجھه ڏينهن پهرين اجلاس گهرايو ويو هو، جيڪو فوت ٿي ويل اسيمبلي ميمبر جي فاتح پڙھڻ کان پوءِ ملتوي ڪيو ويو هو ۽ 3 اپريل آچر جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو. ان ڏينهن اجلاس ٿيو عمران خان اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ سڄو ڏينهن ميڊيا وارن سان ڪچهريون ڪيون. ان ۾ بار بار هو چوندو رهيو ته سڀاڻي سرپرائيز ڏيندس. عمران خان جي ان اعلان کان پوءِ تجزيي نگارن پاران دعوائون ڪيون ويون هيون ته بي اعتمادي واري رٿ واري ڏينهن سرڪاري ميمبر، مخالف ڌر جي ميمبرن سان اسيمبلي اندر جهيڙو ڪندا. جيئن اسپيڪر ان جهيڙي کي جواز بڻائي اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين وڌائي ڇڏي. مختلف تجزيا پيش ڪيا پئي ويا پر عمران خان ۽ هن جي ٽيم پاران اسيمبلي اجلاس وقت نئون سرپرائيز ڏنو ويو. جنهن تي قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ سندس ٽيم قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. انهن خلاف آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ٿيندي.
اها بعد جي ڳالھه آهي. پ پ پ، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ ۽ ٻين پارٽين پاران قانوني ويڙهه لاءِ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ قومي اسيمبليءَ ۾ ڌرڻو هڻي ويهڻ سان گڏ مخالف ڌر پاڻ مرادو قومي اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلائڻ شروع ڪري ڇڏي هئي. هنن جو چوڻ هو ته جيستائين اسيمبلي بحال نٿي ٿئي اسان جو اسيمبلي اندر ڌرڻو جاري رهندو. يقينن جيستائين هي آرٽيڪل توهان جي هٿن ۾ پهچندو، تيستائين اسلام آباد ۾ وڏيون تبديليون ٿي چڪيون هونديون. بهرحال ڳالهھ پئي هلي ڪپتان جي سرپرائيز جي، اصل ۾ عمران خان وزيراعظم جي حيثيت ۾ اڪثر چوندو هو ته اسان کي ڏهه سال موقعو ملڻ گهرجي، پنج سان سکڻ لاءِ پنج سان ترقي لاءِ.
وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ شايد اهو سمجهي ويهي رهيو ته هي ملڪ کيس مقاطعي تي مليو آهي، هتي اڇي ڪاري جو مالڪ آئون ئي آهيان. اقتدار واري ڪرسيءَ کي ڄڻ ته ايلفي هڻي ويهي رهيو ۽ اقتدار ڇڏڻ لاءِ بلڪل تيار نه آهي. مختلف حيلا بهانا ڳوليندو رهيو پر هر وقت اهوئي چوندو هو ته سرپرائيز ڏيندس. ان دوران هن عسڪري قيادت کي تجويز ڏيئي مخالف ڌر وٽ موڪليو جنهن ۾ عمران خان استعيفيٰ ڏئي، جلدي چونڊن سميت ٽي تجويزون ڏنيون آهن. جڏهن ته مخالف ڌر انهن تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو. جڏهن کيس اها خبر پئي ته هن هڪ ڪوڙي خبر پکيڙي ڇڏي ته عسڪري قيادت مخالف ڌر بابت هي پيغام ڏنو آهي جنهن ڪوڙ خلاف عسڪري قيادت جو موقف اچي ويو ته اها تجويز عمران خان جي هئي. بي اعتمادي رٿ کان جهڙي ريت عمران خان ۽ سندس ٽولي ڀاڄ کاڌي آهي پر لڳي ٿو اها ڀاڄ به کين بچائي نه سگهندي. ڇو ته قانون جو رستو کليل آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران پنهنجي گهر ترت جج صاحبان کي مشاورت لاءِ طلب ڪري ورتو هو. اتي ڪهڙا ٿا فيصلا ٿا ٿين اهو به هتي بيان نٿو ڪري سگهجي.
قانوني ماهرن ته قانون جي اهڙي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 لڳڻ جي ڳالهھ ڪئي آهي. قوم ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي ته عمران خان، اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر پاران غير قانوني قدم ڇا لاءِ کنيو ويو آهي. قوم به آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهي آهي. ملڪ کي انهن وڏي آئيني بحران ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اصل ۾ عمران خان جي جيڪا ذهني حالت آهي، ان ۾ هو سوچي ٿو ته هن ملڪ جو اقتدار سدائين هن وٽ هجي. ٻي مخلوق کي اقتدار جو ڪوبه حق نه هئڻ گهرجي. هن پنهنجي آخري تقرير ۾ مخالفن کي جتي غدار ڪوٺيو اتي هن اهو به چيو ته وزيراعظم ٿيڻ لاءِ جن واسڪوٽيون سبرايون آهن، اهي واپس ٽنگي ڇڏين. سندس مرضي آهي ته هو نه ته ٻيو ڪوبه نه. ان ڪري هن اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهھ ڪئي. قانوندان سمجهن ٿا ته عمران خان جي ان قدم کي عدالت غير قانوني غير آئيني قرار ڏيئي عدم اعتماد واري تحريڪ کي ڪامياب قرار ڏيندي. ڇو ته هي آئيني رستو آهي. بهرحال ڪپتان جي سرپرائيز سندس سياسي ڪيريئر تي ڪئين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ غيرآئيني اپاءَ کڻڻ جي ڪوبه حمايت نٿو ڪري سگهي. هاڻ سڄو معاملو اعليٰ عدليه حوالي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته هن قانوني ويڙهه ۾ ڪير ٿو سوڀارو ٿئي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button