اھا ھڪ حقيقت آھي ته سنڌي سماج ھڪ زرعي سماج آھي ۽ زرعي سماج ھجڻ جي ڪري ھتان جي ماڻھن جي مزاج ۽ ڪاروباري سوچ تي وڏو فرق پيو آھي. جاگيرداري نظام جون پاڙون گھرائيءَ سان سماجي تاڃي پيٽي ۾ کتل آھن، جنھن ۾مخصوص قسم جي سوچ ھجڻ جي ڪري نه زراعت سڌري سگهي آھي ۽ نه ئي زراعت سان لاڳاپيل ڌريون جنھن ۾ ھاري، مزدور وغيرہ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪي بھتري آڻي سگهيا آھن.
گلوبلائزيشن جي اثرن ۽ قومي سطح تي زراعت دوست پاليسيون نه ھجڻ جي ڪري ڏينھون ڏينھن سنڌ جي زرعي پيداوار گهٽجي رھي آھي. ڦٽين جي پوک سنڌ جي ڏاکڻئين حصي ۾ گهڻي ٿيندي ھئي ۽ ڪپھه جا ڪارخانا تمام گهڻا لڳايا ويا ھئا، پر تازي سروي مطابق سانگهڙ ۾ قائم 160 ڪارخانن مان 50 سيڪڙو ڪارخانا بند ٿي چڪا آھن جنھن جو سبب ڦٽين جي گهٽ پيداوار، پاڻيءَ جي کوٽ، موسمي تبديليءَ جي ڪري سوڪھڙو يا برساتي ٻوڏن جو بار بار اچڻ شامل آھي.
سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي ماڻھن جو گذران کيتي ۽ چوپائي مال تي رھيو آھي. مال کي پالڻ لاءِ به گاهه وغيرہ زرعي پيداوار سان جڙيل آھي.
گذريل ٻن ڏھاڪن کان ھتان جو ننڍو زميندار، ھاري پنھنجي پوکيءَ جي خرچ ڪڍڻ کان به قاصر آھي، ھر سال قرض کڻڻو پوي ٿو ۽ فصلن جي اپت وقت نقصان کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. زراعت کان سواءِ سرڪاري ۽ خانگي نوڪريون روزگار جو ذريعو آھن، تعليم جو معيار بھتر نه ھجڻ جي ڪري ھتان جو نوجوان مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري نٿو سگهي، انھي ڪري خانگي نوڪرين ۾ به ڪا چڱي نوڪري ملڻ مشڪل آھي، پٽيوالي يا چوڪيداري سطح جون نوڪريون وڏن شھرن ۾ ملن ٿيون جتي شھرن جي ڳرن خرچن جي ڪري پنھنجي ڪٽنب کي پالڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو.
انسان آبادي جي وڌڻ جي ڪري ھر ڪٽنب معاشي طور پريشان حال آھي، ھڪ ڪمائڻ واري فرد تي 8 ڀاتين واري ڪٽنب کي پالڻ جو وزن آھي. وڌندڙ مھانگائي غريب خاندان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. گھر جي ڀاتين لاءِ ھڪ مڻ اٽو خريد ڪرڻ جي صلاحيت به نه بچي آھي. انھي ڀيانڪ صورتحال ۾ ماڻھن لاءِ نوان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي.
سنڌ جي ماڻھن خاص طور تي نوجوانن جي سوچ ۾ ڪاروبار جي اھميت پيدا ڪرڻ ۽ پنھنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪرڻ تمام وڏو چئلينج آھي، انھي کان پوءِ گهر جي ڀاتين کي راضي ڪرڻ ته ھو انھي ڪاروبار کي ھلائڻ لاءِ مدد ڪن ۽ اھي به انھي ڪاروبار جو حصو ٿين. ملڪ جي معاشي صورتحال ھر نوجوان کي مجبور ٿي ڪري ته ڪجهھ ڪجي، پنھنجي ڪاروبار ڪرڻ کان سواءِ ٻئي ڪا واهه ناھي.
سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۾ ڪھڙي قسم جي گهريلو صنعت کي متعارف ڪرائجي؟ انھي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪھڙي قسم جي ھنرن جي ضرورت آھي؟ ڪچو مال ڪٿان ملي سگهي ٿو؟ ۽ تيار ڪيل مال جي مارڪيٽ ڪٿي ممڪن آھي؟ انھن سمورن سوالن جا جواب ڳولڻ لاءِ پنجاب جي مختلف ضلعن ۽ ڳوٺڻ جو دورو ڪيو ويو. انھي دوري دوران ھيٺيان مشاھدا ۽ نيون ڳالھيون سامھون آيون.
- پنجاب جي ٻھراڙي توڙي شھري علائقن ۾ اڄ کان 4 ڏھاڪا اڳ ۾ ننڍي سطح تي گهريلو صنعت جي شروعات ٿي ھئي. ڳوٺن ۾ ماڻھن نوان ھنر سکيا ۽ پنھنجن گهرن ۾ ننڍيون ننڍيون شيون ٺاھي مارڪيٽ تائين آنديون. انھي گھريلو صنعت ھاڻي ننڍين فيڪٽريز جي صورت اختيار ڪري ورتي آھي.
- گهريلو صنعت کي ھٿي وٺرائڻ ۾لاڳاپيل ضلعن ۾ قائم ڪيل وڏين فيڪٽريز جو وڏو ھٿ آھي، ھر فيڪٽري کي ننڍين ننڍين شين کي تيار ڪرائڻ لاءِ مدد درڪار ھوندي آھي ۽ اھي شيون گهريلو سطح تي تيار ڪرايون وينديون آھن.
- پنجاب جي گهرن ۾ ٺاھيل فيڪٽريز کي به ڪچو مال ڪراچيءَ کان آڻڻو پوي ٿو ۽ وڪري جي لاءِ به وڏي مارڪيٽ ڪراچي ئي آھي.
- لاھور جا وڏا واپاري پنجاب جي ڳوٺن ۾ آرڊر تي شيون ٺھرائين ٿا ۽ ملڪ کان ٻاھر وڪري جي لاءِ شيون موڪلڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ڪنٽينر موڪلين ٿا.
- پاڪستان ۾ متعارف ٿيل وڏن برانڊس جون شيون به گهرن ۾ ٺاهيل ننڍيون فيڪٽريز ٺاهين پيون۔ برانڊس پاران هڪ ڪوالٽي ڪنٽرولر ويٺل آھي، جيڪو معياري شين کي پيڪ ڪرائي پنهنجي گدام ڏانهن پيو موڪلي۔ 5000 لاڳت سان تيار ڪيل شيءِ برانڊ جي دڪان تي 15000 ۾ ملي ٿي۔ گهڻين فيڪٽرين جو ڪچو مال ڪراچي شھر مان اچي ٿو ۽ وڪري لاءِ وري واپس ڪراچي وڃي ٿو۔
- خانيوال جي نوجوانن گهريلو صنعت جي آسانيءَ لاءِ ڳرين ۽ مهانگين مشينن جي متبادل طور پنهنجون مشينون تيار ڪيون آھن، جيڪي سرف، صابڻ، جوس، هر قسم جو تيل، اٽو ۽ چپل وغيره ٺاهڻ لاءِ پاڪستان ۾ 11 ورڪشاپ ٺاهيا آھن ۽ 8000 کان وڌيڪ ماڻھن کي ڌنڌي لڳايو آھي۔
- پلاسٽڪ مان ٺهندڙ سموريون شيون پلاسٽڪ جي ننڍڙي ڪيميائي داڻي مان ٺاهيون وڃن ٿيون۔ انهن داڻن کي تيار ڪرڻ جو ڪم به پنجاب ۾ ٿئي پيو۔ ڪچري مان گڏ ٿيندڙ پراڻين بوتلن ۽ ٻين پلاسٽڪ جي شين کي ٽوڙي انهن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ لاءِ داڻن جي صورت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي۔ چائنا مٽي جي پائوڊر مان ڪراڪري جون مختلف شيون مشينن جي مدد سان ٺاهين پيا۔
- شين کي مارڪيٽ ڪرڻ جي آسانيءَ لاءِ ھڪ ڳوٺ ۾ ھڪ يا ٻن قسمن جو شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون.
- گهڻي عرصي کان ڪم ڪرڻ جي ڪري ھر ننڍي وڏي فيڪٽري وٽ ڪم جي کوٽ ناھي، لاڳاپيل ڌرين جو اھڙو نيٽ ورڪ ٺھيل آھي جو ھر وقت ڪم ھلندڙ آھي.
- پنجاب جي صنعتي علائقن يعني ضلعن جي سڃاڻپ به ھاڻي تيار ٿيندڙ شين جي پٺيان آھي جيئن وزيرآباد ڪٽلريءَ جو سامان، سيالڪوٽ فوٽ بال ۽ ميڊيڪل، گجرانوالا سينيٽري ۽ پلاسٽڪ جو سامان، گجرات اليڪٽرانڪ جو سامان وغيرہ.
- سنڌ جا وڏا واپاري مختلف قسم جو سامان سستي آرڊر تي گجرانوالا، گجرات، وزيرآباد، فيصل آباد، لاھور ۽ سيالڪوٽ ۾ موجود فيڪٽرين کي ڏين ٿا ۽ تمام گهڻو منافعو لڳائين ٿا.
- حڪومت پاران فيڪٽرين کي ھر قسم جي مدد فراھم ڪئي ٿي وڃي ۽ وڏا سرمائيدار گهڻو ڪري حڪومت جو حصو ھوندا آھن.
مٿئين مشاھدي جي بنياد تي سنڌ ۾ گھريلو صنعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سرندي وارن کي ڪجھه گذارشون عرض رکجن ٿيون. - سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي پنھنجي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪن ۽ گھربل ھنر لاءِ تربيت جو بندوبست ڪن.
- سنڌ ۾ موجود سرندي وارن کي پلاٽن ۽ بنگلن تي سيڙپڪاري ڪرڻ بدران ننڍيون فيڪٽريون لڳائڻ لاءِ آمادہ ڪجي ۽ انھي سلسلي ۾ پنجاب جي مختلف فيڪٽرين جو وزٽ پلان ڪجي.
- ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۽ ڪچي مال ملڻ جي مختلف ذريعن جي ڄاڻ بابت ڪا اسٽڊي ڪجي ۽ انھي ڄاڻ تائين رسائي سڀني کي ڏجي.
- پنجاب ۾ اسٽيٽ بئنڪ پاران ڪاروبار ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪئي پئي وڃي. انھي سلسلي ۾ نوجوانن جي رھنمائي ڪئي وڃي جيئن ڪاروبار لاءِ گهربل مالي مدد ٿي سگهي.
- سنڌ ۾ موجود ھنري مرڪزن کي گهريلو صنعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل نون ھنرن سيکارڻ لاءِ ڪورس شروع ڪرڻ گهرجن، پنجاہه سال پراڻا ھنر سيکارڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
- سنڌ حڪومت سنڌ يوٿ پاليسيءَ تي عمل ڪرائيندي نوجوانن جي ھنري سکيا لاءِ اسپيشل پروگرام ترتيب ڏي ۽ روزگار لاءِ فنڊ مقرر ڪري جيئن نوجوان معاشي طور مستحڪم ٿي سگهي.