ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مينديءَ جي پوک ۽ ان جا هاڪاري معاشي اثر

Editorial-Article-Amir Soomro

هاريءَ جو بنيادي مقصد مناسب انتظامي عملن ۽ پيداواري ٽيڪنالاجي ذريعي اعليٰ پيداوار حاصل ڪرڻ آهي. ڪنهن به ڪموڊٽي جي پيداوار جو دارومدار مختلف لاڳت ۽ وسيلن جي مڪمل پهچ هجڻ تي مشتمل آهي.
مينديءَ جو ٻوٽو تمام گهڻو سائو ٿئي ٿو جنهن جي اوچائي 3 کان 5 فوٽ ٿيندي آهي. هي ٻوٽو ميهڙ کان پو ٺارو شاهه ضلعي نوشهري فيروز ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ٿي رهيو آهي. هن ٻوٽي جي پيداوار معاشي طور تي تمام لاڀائتي ثابت ٿي آهي. ٺارو شاهه ضلعي نوشهري فيروز جي ماڻهن جو خيال آهي ته مينديءَ جي ٻوٽي جي پيداوار بنسبت ٻين علائقن جي هن علائقي ۾ بهتر ٿئي ٿي نه فقط بهتر ٿئي ٿي پر ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ مينديءَ جي پيداوار لاءِ هتان جي زمين انتهائي زرخير ثابت ٿي آهي.
مينديءَ جي پوک ڪندڙن پاران اختيار ڪيل پيداوار جي عملن جي معيار ۽ مقدار لاءِ هن تجزيي تي زور ڏنو ويو آهي ۽ ان جي پيداوار ۾ ٽيڪنيڪل ۽ سماجي-اقتصادي عنصرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به هڪ جديد تحقيق جو دائرو گهربل آهي جيڪو محدود وسيلن جي ڪري استعال هيٺ نه آيو آهي نتيجتن مينديءَ جي پوک جيڪا وسيع پئماني تي ٿيڻ گهرجي، اها نه ٿي سگهي آهي.
مينديءَ جي پوک لاءِ زمين جي تياري ابتدائي ڪم آهي. اهو عمل هڪ هاريءَ کان ٻئي تائين مختلف آهي اڪثر پوک ڪندڙ زمين جي مٿاڇري کي کولڻ لاءِ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ گهرا هر ڏين ٿا. اونهي هر کان پوءِ زمين کي هوا ۽ سج جي روشنيءَ لاءِ ڪجهه ڏينهنِ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو ۽ زمين کي وڌيڪ تيار ڪرڻ لاءِ وٿاڻ جو ڀاڻ پڻ ڏنو وڃي ٿو. زمين جي اهڙي تياريءَ لاءِ هارين جي اڪثريت، 98 سيڪڙو پنهنجي زمين جي برابري ڪري ٿي جڏهن ته 2 سيڪڙو اهڙو عمل درآمد نه ڪري رهيا آهن. هڪ هاري اٽڪل 4000 رپيا في ايڪڙ زمين جي برابريءَ لاءِ خرچ ڪري ٿو جيڪو ننڍي آبادڪار لاءِ انتهائي مهانگو عمل ٿيو وڃي.
ٻج جي شرح هڪ فارم کان ٻئي فارم تائين ۽ هڪ کان ٻئي هاريءَ تائين مختلف آهي، جيڪا 10 کان 20 ڪلوگرام جي وچ ۾ اوسط 15 ڪلوگرام في ايڪڙ آهي. هاري ٻج جي صلاحيت پنهنجي، پاڙيسري آبادگارن ۽ مقامي مارڪيٽ مان سڃاڻي ٿو. ٻج جي قيمت لڳ ڀڳ 40 کان 50 رپيا في ڪلو آهي، سراسري طور اهڙي قيمت 50 رپيا ڪلوگرام ٿئي ٿي.
مينديءَ جي پيداوار سياري توڙي سانوڻ ۾ ڪري سگهجي ٿي اونهاري جي موسم ۾ پوکيءَ جي تياريءَ جا مهينا مارچ، اپريل وڌيڪ موزون آهن جنهن جي لاباري جا مهينا جون، جولاءِ آهن. سياري جي موسم ۾ پوکيءَ لاءِ آگسٽ مهينو وڌيڪ موزون ثابت ٿيو آهي جڏهن ته لاباري لاءِ آڪٽوبر، نومبر بهتر آهن.
مينديءَ جي فصل کي وڌائڻ لاءِ علائقي ۾ وڏي گنجائش موجود آهي ڇو ته وڏا هاري هن فصل کي وڌائڻ جو ارادو رکن ٿا ڇاڪاڻ ته، هڪ ڀيرو هي فصل قائم ٿي ويندو آهي ته ان جي پيداوار ابتدائي قيمتن کان سواءِ گهڻي عرصي تائين رهي ٿي. وڏا آبادگار هارين کان نجات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ڇاڪاڻ ته هن فصل کي هن علائقي ۾ پوکيل ٻين موسمي فصلن جي مقابلي ۾ پورهيت مزدورن جي مالڪيءَ سان آساني سان سنڀالي سگهجي ٿو.
ان جي پروسيسنگ ۽ مارڪيٽنگ جو نظام ڀرپاسي وارن شهرن جھڙوڪ ٺارو شاهه ۾ مينديءَ جي فيڪٽرين جو قائم هجڻ آهي. جتان هول سيلرز زمين مان پيداوار ٿيل ميندي خريد ڪندا آهن، ان ڪري هارين کي پيڪنگ، ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ ٻيا اضافي خرچ برداشت ڪرڻا نٿا پون.
فصل جي بهتر پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيميائي ڀاڻ، جراثيم مار دوائن ۽ آبپاشي جو بروقت ۽ مناسب استعمال ضروري آهي. اهڙي قسم جي دستيابي ۽ روايتي طور تي منظم ڪيل آپريشنز بنيادي عنصر آھن جيڪي هن علائقي ۾ پيداوار کي محدود ڪن ٿا.
هن علائقي ۾ مينديءَ جي آبادگارن لاءِ قرض جي ڪا خاص سهولت موجود نه آهي جيڪا سندن ڪارڪردگيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. تنهن ڪري، اهو تجويز ڪجي ٿو ته ادارن جي ذريعي موسمي قرضن جي فراهمي جهڙوڪ ڪمرشل بئنڪ ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ، آبادگارن ۽ پروسيسنگ ڪارخانن کي اهڙا قرض مناسب انٽريسٽ تي فراهم ڪري ته جيئن اهڙي فصل جي پيداوار ۾ اضافو ٿئي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اهڙي فصل جي پوک کي توسيع ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button