بدامني نه رڳو هاڻ پر وڏي وقت کان وٺي هن ملڪ جو اهم ترين مسئلو رهي آهي. شهر هجن يا ٻهراڙيون، ماڻهن لاءِ هڪجهڙو ئي عذاب آهي. ڇاڪاڻ ته پوليس جهڙي ريت شهرن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ان کان پوءِ ته اهو طئي ٿي ويو آهي ته شهرن ۾ ماڻهو پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت پاڻ ڪن ڇاڪاڻ ته شهرن ۾ بدامني ايتري ته وڌي وئي آهي جو اهي ڏينهن ڏٺي جو به ڦرجي رهيا آهن. پر جيڪڏهن انهن ڦوروئن کي پوليس جو ڪو خوف هجي يا وري انهن کي اهو اندازو هجي ته جيڪڏهن اهي ڪوبه ڏوهه ڪندا ته جهلجي پوندا ته اهي بلڪل اهڙي قسم جو عمل نه ڪن پر انهن کي به اهو اندازو هوندو آهي ته پوليس پنهنجي پر ۾ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندي آهي ۽ ماڻهو پوليس ٿاڻي تي رڳو داد فرياد داخل ڪرائي پنهنجو فرض پورو ڪندا ۽ پوءِ ان ڪيس جي ڪا پوئواري ڪانه ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري ملڪ ۾ بدامنيءَ جو سلسلو جاري رهندو پيو اچي. حيدرآباد به بدامنيءَ کان بچيل ڪونهي ۽ هتي به شهري ڦُوروئن جو شڪار ٿيندا پيا اچن. ڪالهه به حيدرآباد ۾ بدامنيءَ جا واقعا ٿيا آهن ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ به ٿيا آهن. ان مان خبر پوي ٿي ته حيدرآباد ۾ امن امان جو مسئلو وڌي رهيو آهي ۽ عوام پوليس جي آسري ڦرجي رهيو آهي.
خبر موجب حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي فراز ولاز ۾ ڏينهن ڏٺي جو 4 هٿياربند شوروم مالڪ معيز کان هٿيارن جي زور تي 30 لک روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ناڪابندي نه ڪئي وئي ۽ ڦورو آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. ساڳئي وقت حيدرآباد جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي گهر ويندڙ رضوان نالي نوجوان کي موٽر سائيڪل تي سوار هٿيابندن يرغمال بڻائي 21 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هن ڦر واقعي جا ڦورو پڻ آسانيءَ سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس ناڪابندي نه ڪئي. ڄاڻايل ٻن وارداتن جي رپورٽ حد جي ٿاڻن تي داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڦر واقعن کانپو شهرين جو ساهه مٺ ۾ آيل آهي. پوليس تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان کان سواءِ قاسم آباد ۾ پوليس آڏو ڏينهن ڏٺي جو ڦر مزاحمت دوران ڦورن هٿان درزي ۽ هڪ واٽهڙو کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو، مزاحمت تي ڦورو به گولي لڳڻ دوران زخمي ٿي پيو. زخمي کي ساٿي ڦورو کڻي فرار ٿي ويو. خبر موجب قاسم آباد ۾ درزي عباس ميمڻ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي نڪتو ته ٻِن ڦورن پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت هڪ واٽهڙو پڻ گولي لڳڻ دوران زخمي ٿي پيو، زخمين کي قاسم آباد تعلقي اسپتال آندو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب واردارت واري هنڌ پوليس جي موجودگي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو به زخمي ٿي پيو، جنهن کي وري سندس ساٿي ڦورو موٽر سائيڪل تي کڻي فرار ٿي ويو. ڦر واقعي جي سي سي ٽي وي پڻ سامهون اچي وئي آهي. ڏينهن ڏٺي جو پوليس جي سامهون واردات ڪرڻ تي پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان لڳي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڦورو ٻن ڄڻن کان 50 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. هنن ٻنهي خبرن مان اهو پتو پوي ٿو ته حيدرآباد جا مختلف علائقا اڄڪلهه ڦوروئن جي رحم ڪرم تي آهن ۽ اهي جڏهن ۽ جتي چاهين ماڻهن کي ڦري سگهن ٿا، انهن کي گوليون هڻي زخمي ڪري سگهن ٿا. ڇا اهڙي صورتحال ۾ پوليس جو فرض نٿو بڻجي ته اها شهر ۾ انهن خلاف آپريشن شروع ڪري ڏئي. پر هتي رڳو عارضي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڪنهن ڪم جي ڪانه هوندي آهي. جنهن جي ڪري عام ماڻهو وري به بدامنيءَ جو شڪار پيو ٿيندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. حيدرآباد جي شهرين جو امن سان رهڻ حق بڻجي ٿو. تنهنڪري نه رڳو ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث ماڻهن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي پر انهن ڏوهارين تي به نظر رکي وڃي، جيڪي هاڻوڪن ڏينهن ۾ وارداتون ڪري عوام جو جيئڻ حرام ڪري رهيا آهن. پوليس کي روايتي سستي بدران اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.