جڏهن گهُگھه اونداهي راتيون راڪاس بڻجي ڪنهن ديس تي ڇانئجي وينديون آهن. تڏهن انهن اونداهين جو زهر ان وطن ۾ وسندڙ ماڻهن جي باشعور ذهنن ۾ لهي ويندو آهي، جو اهي وقت تي پنهنجي مستقبل بابت پرک پروڙ ڪرڻ جي سگھه وڃائي ويهندا آهن.
چارلس نيپيئر جي چڙهائي کان پوءِ سنڌ جي اجري آڪاس تي مسلسل اماس رات ئي رهي. سو سالن تائين جي انهي ڊگهي رات سنڌ جي مدبر سياسي اڳواڻن جي ذهنن کي به مائوف ڪري وڌو هو. جو انهن سورهيه بادشاهه جي اها ڳالھه مڃڻ ۽ سمجهڻ کان نابري واري ڇڏي هئي. جيڪا ڳالھه هئي. “سنڌ جي مسئلي جو حل نڪي ڪانگريس وٽ آهي نه وري مسلم ليگ ۾. ان لاءِ سنڌ کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ الڳ ئي جدوجهد ڪرڻي پوندي.”
جيڪا ڳالهھ سنڌ جي ھڪ وڏي سياسي اڳواڻ سمورا حُربا هلائڻ کان پوءِ 1972ع ۾ ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي روم نمبر تيرنهن تان اٿي آڳنڌ ۾ اچي ڪئي هئي. اها ڳالهھ هئي سنڌ جي باهمي بقا ۽ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي ۽ اهو سياسي اڳواڻ هو سائين جي ايم سيد.
جيڪو اڳ ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر ۽ سنڌ ۾ جناح صاحب جو ويجهو رهيو هو. سيد جي انهي سڏ کي سنڌ جي نئين نسل ۽ جوان جذبن وارن نوجوان ئي ورنايو. انهن نوجوانن ۾ خطرناڪ انقلابي شهر لاڙڪاڻي جي رتي ديري جو هڪ ڳڀرو نوجوان به شامل هو. جنهن 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي جي هڪ اٽي جي چڪي هلائي پيٽ گذارو ڪندڙ هڪ غريب شخص غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو هو. جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي قوم پرست سياست جو هڪ نرالو نانءُ بڻيو. اڄ سڄي سنڌ کيس شهيد بشير خان قريشي (وڏي) جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. ان زماني ۾ هي جفاڪشيءَ سان تعليم پرائي. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام پهتو. جتان 1976ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊٽس فيڊريشن (جساف) جو ميمبر ٿي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ ساهه جي آخري سڳي تائين جيئي سنڌ جي سياست سان سلهاڙيل رهيو. سندس سموريون سگهون ۽ صلاحيتون دل جي اٿاهه سچائين سان سنڌ جي آزادي ۽ سنڌي قوم جي خوشحالي خاطر خرچ ٿيون. 1976ع کان 1992ع تائين شاگرد سياست ڪندي هو سيد جو ڏنگو ٻار ئي رهيو. پر جڏهن هو شاگرد سياست کي خير آباد چئي عوامي سياست ۾ آيو ته هڪدم سندس طعبيت ۾ ڦيرو اچي ويس. جيئي سنڌ جي سياست ۾ هن پنهنجو هڪ الڳ پر منفرد سياسي انداز متعارف ڪرايو.
1995ع ۾ سن ۾ سيد جي چاليهي تي جيئي سنڌ جي سڀني تنظيمن جي جيڪا گڏيل پارٽي جسقم وجود ۾ آئي. تنهن جو پهرين هو ڊپٽي ڪنوينر پوءِ مرڪزي جنرل سڪريٽري ۽ پوءِ 1998ع کان 7 اپريل 2012ع تائين ان جو چيئرمين رهيو.
هن مضمون ۾ اسان فقط سندس انهي سياسي انداز جو ئي ذڪر ڪنداسين. جنهن انداز سنڌ ۾ تمام وڏي ۽ شاندار ڪاميابي ماڻي. جسقم سنڌ جي اندر ٽيون نمبر وڏي سياسي جماعت طور اڀري آئي ۽ سندس شخصيت ھڪ سحرانگيز شخصيت بڻجي وئي. جنهن سبب هو سنڌ جي صدين کان آسروند اکڙين لاءِ سڀاڳي صبح جي اميد بڻيو.
جنهن جو اهم سبب اهُوئي هو جو شهيد بشير خان قريشي لطيف جي هن ڳالهھ کي صحيح معنيٰ ۾ پرکيو ۽ پروڙيو هو.
وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هُوت کي
لڪيو ڪين لطيف چئي ٻارچو ٻئي پار
ٿي ستي ٻڌ سندرو پرت پنهون سين پار
نائتي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو
ان ڪري ئي هن سنڌ وطن جي عظيم آدرش ۽ سنڌي قوم جي باهمي بقا لاءِ نه ڪنهن ٻاهرين قوت ڏانهن هٿ وڌائي واجهايو، نه ئي ڪا مدد ورتي. پر هن حقيقت ۾ سنڌي عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهيو. انهن ڏانهن ئي واجهايو. هن سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجو بڻايو ۽ ڏک توڙي سُک ۾ حال حبيبان پيش پريان وانگي انهن جو ٿيو.
مون سنڌ جي جنهن به شهر کي اکين سان چميو آهي، جنهن چئن دڪانن واري اسٽاپ کي محبوب جي ياد وانگي دل ۾ سمائڻ لاءِ ڪي پل اتي بيهي ساهي پٽي آهي، يا جنهن به سرسبز ڳوٺڙي کي محبوبه جي بدن جيان ڳراٽي پاتي آهي. اتان جي ميزبان ۾ ڪا نه ڪا اهڙي جڳھه ضرور ڏيکاري آهي، جتان بشير خان قريشي ڀيرو ڪيو آهي. اهو لطيف جيان سموري سنڌ ۾ ويو، گهر گهر گهٽي گهٽي سنڌ ۽ سنڌين جي واهر لاءِ وانجهائين.
ِ هڪ شعر هتي هوبهو هن لاءِ ٺهڪي ٿو اچي.
اي ڌرتي تنهنجو درد کڻي مان بستي بستي ڀٽڪيو آن
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾ مان جگنو بنجي جھرڪيو آن
اي ڌرتي تنهنجا ڳيت چئي هر دل کي مون ڌڙڪايو آ
هر دل ۾ تنهنجو درد ڀري مون جنتا کي جايو آ
آئون سمجهان ٿو ننڍي کنڊ ۾ اهڙا فقط ٻه اڳواڻ پيدا ٿيا آهن. جيڪي عوام سان ايئن ميلان ميل ٿيا آهن ۽ سندن سڏ تي ايڏي انگ ۾ ماڻهو ميڙي آيا آهن. انهن مان هڪڙو هو ننڍي کنڊ جو پيغمبر صفت، عظيم المرتبت انسان موهن داس ڪرمچند مهاتما گانڌي، ٻيو هو بشير خان قريشي. جيتوڻڪ ٻنهي جي شروعات تعليم، تربيت ۽ نفسيات ۾ وڏو فرق آهي. پر ٻنهي جي سياست ۾ سچائي ۽ سادگي ساڳي هئي. جنهن کين عوام ۾ مقبول ۽ محبوب بڻائي ڇڏيو هو. شايد هنن عوام جي صدين کان جاري رهندڙ صدا کي سمجهي ورتو هو.
جيڪا صدا آهي.
مرڻ مون سين هل ته پُٺي تو پنڌ ڪيان.
۽ انهي صدا جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي چيو هو.
مٿي اُتي منهنجي جي ڪوڙين هون ڪپار
ته واريو واريو وڍيان سيءَ کي سو وار
ته پڻ تند تنوار، موهان مٿائون مڱڻا.
اها سرويچي واري سوچ رکي سر جو سانگو لاھي، اعليٰ آدرشن جي حاصلات لاءِ پنهنجي تند تنوار سان تن جهونا ڳڙه جلايو هو. تنهنڪري ئي سندن سڏ تي ماڻهو 11 مارچ 1930ع تي سالٽ مارچ ۾ نڪري آيا هئا يا وري بشير خان قريشيءَ جي آخري سياسي سڏ آزادي مارچ ۾ نڪري آيا هئا.
پر ننڍي کنڊ جي سرزمين ٻنهي عوامي اڳواڻن کي پنهنجا مقصد ماڻڻ کان اڳ ئي پنهنجي هنج ۾ لولي ڏئي سمهاري ڇڏيو.
ڌرتي به ماءُ آهي. ماءُ کي پنهنجي ٻچي جي ٿڪ ۽ اوجاڳي جو احساس نه ٿيندو ته ٻيو ڪنهن کي ٿيندو. شايد ان ئي احساس جي شدت سان املھه انسانن کي ڇڪي ڇاتي ساڻ لاتو. ظاهري طور گانڌيءَ کي گوڊسي جي گولي گهائي، ابدي آرام ڏئي ڇڏيو ۽ سنڌ جي هن باعمل سياسي اڳواڻ کي يونان جي سقراط ۽ فلسطين جي ياسر عرفات جيان زھر جو پيالو پياريو ويو.
جنهن زهر 7 اپريل 2012ع جي اڀاڳي رات جو اثر ڏيکاريو. سموري ديس جي دل تي ڄڻ ڪو ايٽم بم ڪيرائي وڌو ۽ رتي ديري جي دلربا مٽي کيس مٺي ڏئي پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو.
پر بقول ڪنهن شاعر جي اهڙا مانجهي مرڻا ناهن. ويس مٽائي ورڻا آهن. سو سنڌ وري پنهنجي ڪُک مان ڪنهن بشير خان کي جنم ڏيندي.
اياز جي هنن اميد ڀرين لفظن سان ان ڏينهن جو انتظار ڪري سگهجي ٿو.
آئون ٿو ڏسان ڀون تي اڄ به سو انسان
اڀري ايندو باک سان جيڪو سج سمان
ناھي تـــر به گمان ڳھلا انھي ڳالهه ۾
( شيخ اياز)