ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڏهن سالن تائين سياست ۽ حڪومت عورتن حوالي ڪجي

Editorial-Article-Kaleem Butt

سنڌي ٻولي جي مشهور اديب ۽ ڊراما نويس عبدالقادر جوڻيجو هڪ هنڌ لکيو: “جڏهن اديب سياست تي ڳالهائيندو آهي ته سياست جو ٻيڙو ٻڏندو آهي ۽ جڏهن وري سياستدان ادب تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو آهي ته ادب جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي.”
خير پاڻ واري هن رانديگر سياستدان نه رڳو سياست جو پر آئين کان ويندي ادارن تائين هر شيءِ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، امير المومنين ۽ مسلمانن جو اڳواڻ ٿيڻ جي چڪرن ۾ همراهه ڪوڙو خط هوا ۾ لوڏي سفارتڪاريءَ جي به تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي آهي. پر مان قادر صاحب جي ڳالهه سان متفق آهيان ته اديب کي سياست تي گهڻا تجزيا ۽ تبصرا نه ڪرڻ گهرجن ۽ منهنجي گهڻي ڀاڱي شعوري ڪوشش به اها ئي رهي آهي ته مان سياست تي پنهنجي علم جو درياهه نه وهايان، پاڻ کي افسانوي ادب جي هن جادوئي دنيا ۾ مصروف رکي چوندو آهيان: سياست اوهان جو ڪم ۽ ان سان اوهين ئي ڄاڻيو، پنهنجو ڇا وڃي ڪير آيو ڪير ويو سان؟
رشدي هڪ تقرير ۾ چيو هو: “اسين اهڙي زماني ۾ رهون پيا، جتي افسانا نگار سچ ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ سياستدان افسانا ٻڌائڻ چاهي ٿو.”
اوهان سان هي حوال ڪندي منهنجي به حالت ڪجهه اهڙي ئي ٿي پئي آهي. تڏهن به اسان هڪ اهڙي ملڪ ۾ رهون پيا جنهن ۾ ايڏي ته سياسي اٿل پٿل رهي ٿي جو نه چاهيندي به اسان کي سياست تي تبصرو ڪرڻو پئجي وڃي ٿو. ڪجهه ڏينهن کان ملڪي سياسي صورتحال کي ڏسندي منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال آيو ۽ پنهنجي اظهار جي آزادي جي حق کي سامهون رکندي اوهان سان ونڊيان ٿو. اسين به آهيون ته درويش، جنهن ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شيءِ نه رهي هجي، آئين کي نظر انداز ڪري غير آئيني طريقي سان اسمبلي ئي ختم ڪئي وئي هجي، جتي وفاقي سان گڏ هاڻي پنجاب اسميبليءَ کي به تالا هنيا ويا هجن، جتي 66 سيڪڙو عوام جي ووٽ کڻي آيل نمائندن کي آئين جي آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏئي غدار قرار ڏنو ويو هجي ۽ وري انهن غدارن کي چئجي ته اچو هاڻي چونڊن ۾ مقابلو ڪريو. ڇا غدارن کي وري چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو چئبو آهي يا کين سزا ڏني ويندي آهي؟ ۽ جتي فواد چوڌري هڪ صحافي جي سوال جو جواب ڏيڻ بدران اهو چئي ته هو ڀاڙي جو صحافي آهي، اهڙي ملڪي صورتحال ۾ پاڻ وري پنهنجي اظهار جي آزادي جي ڳالهه پيا ڪريون! پر ڇا ڪجي ڳالهه ته ڪرڻي ئي آهي پو ڀلي اسان کي ڳالهائڻ جو حق ڏنو وڃي يا نه!
ها ته مون اوهان سان اهو خيال پئي ونڊڻ چاهيو ته جيڪي اسان جي ملڪ جا مرد سياستدان آهن، انهن کي رکي رکي امير المومنين ٿيڻ جو شوق جاڳيو پئي نه رڳو اهو پر جيئن ئي کين ڪرسي ملي ٿي ته کين لڳي ٿو سموري مسلمان دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جو ٺيڪو هنن کي ملي ويو آهي ۽ سندن اجائي مردانگيءَ جي ڪري هي ملڪ تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي. اهي جيڪي سڄو ڏينهن اسان کي رڳو سچو ۽ پڪو مسلمان ڪرڻ لا درس ڏئي رهيا آهن، اهڙن مردن تي گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن تائين سياست ڪرڻ تي پابندي هڻي هن ملڪ جون واڳون ان عرصي تائين عورتن حوالي ڪيون وڃن. هونئن به ڏٺو وڃي ته فطري طور مرد تڪڙو ۽ جذباتي هوندو آهي، هر ننڍي وڏي ڳالهه هن لا غيرت جو مسئلو ٿي پوندي آهي ۽ مرڻ مارڻ تائين لهي ايندو آهي. ٻئي پاسي عورت فطري طور بردبار ۽ صبر واري هوندي آهي ۽ هن ۾ برداشت جو مادو مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي، جنهن ڪري هو ٿڌي دماغ سان سوچي سمجهي فيصلا ڪري سگهي ٿي.
هي خيال ڪو هوائي نه آهي، ويجهڙ واري تاريخ ۾ ان جا ڪجهه مثال به ملن ٿا. اڃا به دنيا ۾ اهڙا ملڪ آهن جن جي سربراهي عورتون ڪري رهيون آهن ۽ انهن عورتن جي زبردست پاليسين جي ڪري اهي ملڪ ترقيءَ جي نئين منزلن تي وڃي پهتا آهن.
ان حوالي سان جيڪو سڀ کان پهرين ملڪ جو نالو ذهن ۾ اچي ٿو، اهو فن لينڊ آهي، سال 2019ع ۾ ٿيل چونڊن دوران فن لينڊ جي وزير اعظم طور ثنا ميرين نالي عورت جنهن جي ان وقت عمر رڳو 34 سال هئي چونڊجي آئي ۽ هن جي ڪيبنيٽ ۾ چئن اهم عهدن تي عورتون ئي آهن، جن ۾ لي اينڊرسن (ان وقت 32 سالن جي)، ڪيٽري ڪلماني (ان وقت 32 سالن جي)، ماريه اشيلو (ان وقت 34 سالن جي)، ۽ اينا ما جا هينرڪسن (ان وقت 54 سالن جي) شامل هيون. ان حوالي سان عالمي معيار جي رسالي “Forbes” سال 2019ع ۾ اسٽوري هلائي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ثنا ميرين جي فن لينڊ جي نئين وزير اعظم ٿيڻ واري خبر سموري دنيا ۾ هن جي جنس ۽ عمر جي ڪري پکڙجي وئي آهي. 34 سالن جي ثنا هن وقت دنيا جي ننڍي عمر واري وزير اعظم آهي. سڄي ملڪ ۾ ان ڳالهه تي جنشن ملهايو پيو وڃي ته نئين چونڊيل وزير اعظم هلندڙ مسئلن جا بهتر ۽ نوان حل ڳولي لهندي.
ان رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته فن لينڊ ۾ 12 وزارتون عورتن کي جڏهن ته رڳو 7 وزارتون مردن کي ڏنل آهن. اهڙي ريت فن لينڊ جي پارليامينٽ ۾ 47 سيڪڙو عورتون آهن.
فن لينڊ هن وقت دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جنهن جو وڌ کان وڌ ڌيان موسمي تبديلين ڏانهن آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته 2030ع تائين فن لينڊ انهن مڙني موسمي تبديلين مان پيدا ٿيل مسئلن کان آجو ٿي ويندو. جيڪڏهن فن لينڊ جي تعليمي نظام جي ڳالهه ڪجي ته ان کي دنيا جو بهترين تعليمي نظام سمجهيو پيو وڃي ۽ سال 2021ع ۾ ان حوالي سان فن لينڊ هاڻي دنيا ۾ 3 پوزيشن تي پهچي چڪو آهي.
فن لينڊ جي حوالي سان دي گارجين 2021ع جي هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو ويو ته هن وقت فن لينڊ دنيا جو خوشحال ترين ملڪ آهي، جڏهن ته اتان جي وزير اعظم ثنا ميرين خيال ظاهر ڪندي چيو ته فن لينڊ هڪ فلاحي رياست وارو سفر هر حال ۾ جاري رکندي ۽ سندس حڪومت جي ڪوشش آهي ته ماحولياتي خطرن تي قابو ڪري سگهجي، جڏهن ته هن جي رياست هر حال ۾ سڀني انساني حقن جي پاسداري ڪندي رهندي. انهي مضمون ۾ ميرين جو حوالو ڏيندي لکيو ويو ته ڪجهه ئي وقت ۾ پرينٽ ليو جو هڪ نئون نظام ايندو جنهن ۾ والدين کي 54 بدران 97 ڏينهن جي موڪل جي اجازت هوندي جيئن اهي وڌ کان وڌ وقت سندن ننڍن ٻارن سان گذاري سگهن. ان ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به آهي ته جيئن ٻئي ما ۽ پيءُ ٻارن سان هڪ جيترو ئي وقت گذاري سگهن ۽ سندن ٻار هنن جي ڪريئر ۾ رنڊڪ نه بڻجن، ان جو ٻيو مقصد اهو به آهي ته صنفي اڻبرابري واري پگهار واري خال کي ڀريو وڃي. هن جي حڪومت هائوسنگ فرسٽ نالي هڪ اسڪيم شروع ڪئي آهي ۽ سندس ارادو آهي ته 2027ع تائين فن لينڊ ۾ ڪو به ماڻهو اهڙو نه هوندو جنهن وٽ پنهنجو گهر نه هجي. جڏهن ته هن حڪومت جي ڪري فن لينڊ 2030ع تائين دنيا جو پهريون ڪاربن نيوٽرل ملڪ ٿي ويندو ۽ هو ان مقصد تائين باقي يورپ کان 15 سال اڳ ۾ پهچي ويندو. ميرين ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته هن جي حڪومت جو رڳو هڪ ئي مقصد آهي ته هڪ اهڙو سماج قائم ڪجي جيڪو برابري ۽ انصاف کي هٿي ڏيندڙ هجي.
اها آهي هڪ عورت جي سوچ، جيڪا دنيا ۾ رڳو برابري ڏسڻ گهري ٿي. اهڙي ريت نيوزي لينڊ جي وزير اعظم Jacinda Ardern جو مثال به اسان جي سامهون آهي، جيڪا 2017ع کان اتان جي وزير اعظم آهي. هن به نيوزي لينڊ ۾ مذهبي برابري کان ويندي چائيلڊ پاورٽي، خانداني نظام کان ويندي ڪيترائي اهڙا سڌارا آندا آهن، جيڪي رڳو هڪ عورت ئي آڻي سگهي ٿي، جيڪا سچ عوام کي پنهنجو اولاد سمجهي ۽ ان سان ما وارو پيار ڪري.
فن لينڊ ۽ نيوزي لينڊ ته اسان کان ڏاڍا پري آهن، پر 1971ع تائين پاڪستان جو حصو رهندڙ ۽ هاڻوڪي بنگلاديش ۾ به هڪ عورت شيخ حسينه جي حڪومت آهي، هن جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ڪمال وري اهو آهي ته هن بنگلاديش کي هڪ سيڪيولر رياست جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته هن به بنگلاديش ۾ ماحوليات دوست پاليسي ڏني آهي. ان کان سوا هو بنگلاديش کي ڪنهن به جنگ ۾ ڌڪڻ نٿي چاهي، اتي مذهبي انتهاپسنديءَ جو خاتمو گهري ٿي.
دنيا جي عورت اڳواڻن جي اهڙن ڪارنامن کي ڏسندي منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته هاڻي جڏهن هتان وارو امير المومنين پاڻ خلاف ٿيندڙ عالمي سازش ناڪام ڪري وفاق ۽ پنجاب جي اسيمبلين کي تالا هڻائي ويٺو آهي ته هاڻي اهو بهترين موقعو آهي ته هن جهڙن سڀني امير المومنين ٿيڻ جو شوق رکندڙ مردن جي سياست تي پابندي هڻي، سياست ۽ حڪومت جون واڳون عورتن حوالي ڪجن!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button