جڏھن به حڪمرانن ذاتي ڀلائيءَ لاءِ ملڪ خلاف ڳاٽي ٽوڙ فيصلا ڪيا آھن ته انھن اڳتي ھلي سڌي يا اڻ سڌي ريت ملڪ جي بربادي آندي آھي. ماضيءَ ۾ آئين خلاف غلط فيصلا ڪيا ويا ھئا ۽ مسئلو سپريم ڪورٽ ۾ ويو ھو ته ڪورٽ انھن فيصلي کي ته غلط قرار ڏنو ھو پر بدليل صورتحال کي ڏسي نيون چونڊن ڪرائڻ جي به اجازت ڏئي، ناجائز فيصلي کي اڻسڌي ريت جائز قرار ڏنو ھو. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب جيڪڏھن غلط فيصلن کي بلڪل رد ڪيو وڃي ھا ۽ نئين چونڊن جي اجازت نه ڏجي ھا ته ھن ملڪ ۾ تازو اھڙي خطرناڪ پاليسي به اختيار نه ڪئي وڃي ھا.
مثال: قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ گهربل لازمي ۽ آخري ووٽ وٺڻ بدران ظلم جي حد ڪري ڇڏي. سندس فيصلي جي آجيان ڪندي، وزير اعظم عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽيءَ سان لاڳاپيل ملڪ جي صدر عارف علوي نئين چونڊن ڪرائڻ جا فيصلا ڪري ملڪ لاءِ مصيبت کڙي ڪري ڇڏي آھي. پراڻي ڪارروائيءَ جو مثال اڳيان رکي ڏسجي ته ملڪ لاءِ کليوکلايو ڌانڌلي ڪئي وئي آھي. جيڪڏھن قومي اسيمبليءَ ۾ اھڙي ڌانڌلي اختيار ڪئي ويندي ته پوءِ ڌانڌلين جو ڌنڌو اڳتي ھلي وڌي ويندو ۽ ٻيا حڪمران به اھڙو ناٽڪ رچائيندا رھندا.
بھرحال، ويجهڙائيءَ ۾ سڄي ملڪ کي ڳاٽي ٽوڙ برباديءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو آھي جيڪو ملڪ جي 23 ڪروڙ عوام لاءِ مجموعي طور سخت ڳڻتي جوڳو داستان آھي ڇاڪاڻ ته انھيءَ ڪري سڄي ملڪ جي عوام جو اڳتي ھلي مجموعيءَ طور جيئڻ وڌيڪ جنجال ٿي ويندو ۽ ملڪ به برباديءَ ڏانھن وڌي ويندو.
انھيءَ دکدائڪ ڪھاڻيءَ جو نوٽيس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به ورتو آھي جنھن جي، ڀلائيءَ جو جذبو رکندڙ سڀني کي آجيان ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ڪھڙو فيصلو ڏيندي سو اڳواٽ اھڙو تبصرو ڪرڻ مناسب ناھي. بھرحال، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو اھو به چوڻ آھي ته اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏئي به، بي اعتماديءَ رٿ نٿو رد ڪري سگهجي. اسپيڪر وٽ اختيار ناھن، ڪوشش آھي ته ڪيس جو جلد فيصلو ڪريون، سمورين سياسي پارٽين جو احترام آھي. هي سٽون لکڻ تائين سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
ڪيترن سياسي اڳواڻن اھو تاثر ڏنو آھي ته ملڪ جي صدر عارف علوي، ملڪ جي وزيراعظم عمران خان نيازي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوريءَ کليو کلايو ناجائز ۽ ملڪ دشمن پاليسيون اختيار ڪري تازو سڄي ملڪ کي تباھيءَ جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آھي. اھا سچائي آھي ته قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، وزيراعظم عمران خان نيازي خلاف گهربل ووٽنگ جي آخري ڏينھن تي به ظاھري طور کليو کلايو ناجائز ڪارروايون ڪري، لازمي ووٽن جي اجازت ڪونه ڏني، جڏھن ته قومي اسيمبلي ميمبرن کان قانوني طور ووٽن وٺڻ جو اھو آخري ڏينھن ھو. ٻئي طرف، عمران خان پنھنجو گڙٻڙ جو اصل ڊرامو ميدان تي آندو ۽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چئي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي ۽ پاڻ به وزيراعظم طور استعيفيٰ ڏنائين جڏھن ته صدر عارف علوي کيس عارضي طور وزيراعظم طور ڪم جاري ڪرڻ لاءِ چيو آھي. تازو عمران خان نيازيءَ اھو به بيان ڏنو آھي: غلطيون ٿيون آھن، سزا ڀوڳي اٿئون. اليڪشن ۾ مخالف ڌر جي “سياسي قبر” بڻجندي.
ٻئي طرف، عمران خان نيازي نگران وزيراعظم طور جسٽس (ر) گلزار احمد جو نالو ڏئي ڇڏيو پر فيس بوڪ تي منھنجي پوسٽ تي ھڪ معزز شخص تبصرو ڪيو ته رٿيل نگران وزيراعظم، عمران خان جو مائٽ آھي. ٻئي طرف، قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف چواڻي: سڄو عمل غيرقانوني آھي جنھن جو حصو ڪونه بڻجنداسين.
اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عمران خان اڳ چيو ھو ته “استعيفيٰ ڪونه ڏيندس پر ووٽنگ کان ھڪ ڏينھن اڳ سرپرائيز ڏيندس” پر حيرت انگيز طور ھن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاءِ، پنھنجي وعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي، غلط فيصلا ڪيا ۽ پوءِ وزيراعظم طور استعيفيٰ به ڏني جڏھن ته اھا سچائي آھي ته پنھنجن چئن ورھين جي دور دوران، ھن ڪوڙن مٿان ڪوڙ کوڙ ۽ لاڳيتا ڳالھايا پر چڱائيءَ وارن پنھنجن کوڙ اعلانن تي عمل ڪڏھن به ڪونه ڪيو.
سندس اھم پر پراڻو وعدو به دھرائڻ ضروري آھي. سندس وڊيو وائرل موجب ھن دعويٰ ڪئي ھئي ته مان اقتدار ۾ آيس ته انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) کان قرض نه وٺندس پر ورتم ته مان آپگهات ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيندس. اھا حيرت جهڙي ڳالھه آھي ته ھن اقتدار ۾ اچي، آءِ ايم ايف کان عام نه پر ڏکين شرطن تي نه رڳو ملڪ لاءِ قرض ورتو پر پبلڪ ۾ اڳ ۾ ڪيل اعلان موجب پنھنجي ذات جو وعدو به پورو ڪونه ڪيائين. تازو ھن وزيراعظم طور استعيفيٰ ڪونه ڏيڻ جو، پبلڪ ۾ به وعدو ڪيو ھو پر ملڪ کي لاڳيتو ڳاٽي ٽوڙ مصيبت، مھانگائي، بيروزگاري وغيرہ ۾ وجهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين، يعني قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر تي شايد زوردار دٻاءُ وجهي، قانون موجب گهربل پر آخري ووٽنگ به ڪرڻ ڪونه ڏنائين.
منھنجو سينيئر صحافيءَ طور تبصرو آھي ته عمران خان وزيراعظم طور ملڪ کي سڌارڻ بدران ملڪ جي برباديءَ جو ڪارڻ آھي، جڏھن ته سندس ظلم پاڪستان جي ھاڻوڪي توڙي آئيندي تاريخ ۾ وسارڻ سان ڪونه وسرندا.
ملڪ جي اٽڪل 75 ورھين جي تاريخ ۾ جيڪي به سيويلين حڪمران رھيا آھن، عمران خان نيازي پنھنجي ڪارڪردگيءَ مان ثابت ڪيو آھي ته ھو سڀني کان وڌيڪ بدترين ۽ ناڪام حڪمران رھيو آھي. اھا سچائي آھي ته عمران خان ملڪ اندر غلط ۽ ناجائز پاليسين جي ڪري 22 ڪروڙين عوام کي ڳاٽي ٽوڙ زخم پھچايا آھن. ڪن دوستن ته تبصرو ڪيو تہ ملڪ اندر “سياسي آپگهات” واري پاليسي اختيار ڪري ملڪ کي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو اٿس. سندس ڪارروائيءَ مان ته ائين لڳي ٿو تہ سندس”نئون پاڪستان” ۽ عوام جي چواڻي “پراڻو پاڪستان” ٻيئي تباھيءَ جي ڪناري تائين پھچائي ڇڏيا اٿس. بھرحال، عمران خان نيازي عوام توڙي ملڪ دشمن کوڙ غلط پاليسيون اختيار ڪري، نيٺ استعيفيٰ ڏني آھي سو ڪنھن جو تبصرو سو سيڪڙو ٺيڪ لڳي ٿو ته”سليڪٽيڊ ڪپتان” سازش ذريعي ڀڄي ويو آھي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته “وفاقي حڪمران سياسي خودڪشي ڪئي آھي.” مون جڏھن ڪيترن ماڻھن کان عمران خان جي گذريل ۽ ھاڻوڪي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ پڇيو ته عام طور عوام اھو تبصرو ڏنو ويو: خان صاحب سرڪار، عوام دشمن آھي ۽ سندس ڪارڪردگي 75 ورھين جي تاريخ ۾ سڀ کان گندي رھي آھي. اھا به سچائي آھي ته ڪنھن ھڪ به سندس واکاڻ ڪانه ڪئي.
عمران خان جي ڪارڪردگيءَ جو ڪاٿو انھيءَ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي باغي اڳواڻ عليم خان جو اھم بيان لاھور ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا ۾ ڇپيو آھي ته “غدار نڪتس ته پاڻ کي گولي ھڻندس، نه ته عمران خان پاڻ کي ھڻي.”
سندس اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ سندس پي ٽي آءِ جا ڪيترا اڳواڻ بيانن ذريعي گندي ٻولي ڪم آڻيندا رھيا آھن جنھن جو ھڪ مثال ڏيڻ مناسب آھي: اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي ٻاھران سينيئر صحافين سان گندي ٻولي ڪم آندي جنھنڪري صحافين، سپريم ڪورٽ جي ٻاھران زوردار احتجاج ڪيو. ميڊيا موجب فواد چوڌري سينيئر صحافيءَ سان بدتميزي ڪئي. صحافين احتجاج ڪيو ۽ کيس معافي وٺڻ لاءِ چيو پر فواد چوڌري بدتميزيءَ باوجود معافي وٺڻ کان انڪار ڪيو. سندس بدتميزيءَ کي ڏسي ڪن جو چوڻ ھو ته فواد چوڌي اصل ۾ فراڊ چوڌري آھي.
بھرحال، عمران خان نيازيءَ جا ڪجهھ “ڪارناما” ٻيھر دھرائڻ به مناسب آھن تہ جيئن عوام کي صورتحال سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي، سي آھن: ملڪ اندر سندس اقتدار ۾ ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي جڏھن ته بيروزگاري گهڻو وڌي وئي آھي. اھا سچائي آھي ته ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ بدران غلط ۽ ناجائز پاليسين سبب بدنام ڪيو ويو آھي. سندس ڏيھي توڙي پرڏيھي پاليسيون بدترين ۽ ناڪام رھيون آھن. عمران سرڪار پرڏيھي پاليسيءَ جو ٻيڙو غرق ڪيو آھي، پرڏيھي قرض به گهڻو وڌيل آھن، جڏھن ته ڊالر جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڪرنسي گهڻو وڌيل آھي، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي. ملڪ اندر مھانگائيءَ ڪري فقيرن جو انگ ڳاٽي ٽوڙ وڌي ويو آھي.
اھا سچائي آھي ته عمران خان نيازي سرڪار پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ سڀ کان بڇڙي ھئي ۽ آھي. مون عمران سرڪار جي اقتدار ۾ اچڻ کان ڪجھه مھينن کان پوءِ سنڌ ايڪسپريس ۾ ڪالم لکي کيس “بڇڙي سرڪار” سڏيو ھئم. بھرحال، عمران خان ملڪ اندر جيڪا ڳاٽي ٽوڙ تباھي آندي آھي، تنھن مان ترت نڪرڻ ڏکيو ڪم آھي. عمران خان ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ٻڙي بڻيل آھي ۽ ڪنھن جو اھو چوڻ ٺيڪ لڳي ٿو ته: ملڪ کي لُٽي ڇڏيو نيازي!!
بھرحال، اھا خوشخبري آھي ته عمران خان نيازيءَ مان ملڪ جي جان ترت ڇٽڻ واري آھي پر اھا به تلخ سچائي آھي ته سندس سرڪار جي خطرناڪ پاليسين جي ڪري قوم اڳتي ھلي گهڻو ڀوڳيندي رھندي.