اهو هڪ تاريخي ڏينهن هو. جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ ”نظريه ضرورت“ کي دفن ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي مڪمل بينچ متفق فيصلو ٻڌائيندي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي غيرآئيني قرار ڏيندي، تحليل ٿيل قومي اسيمبليءَ کي بحال ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ اسپيڪر کي حڪم ڏنو ته هو 9 اپريل ڇنڇر جي ڏينهن اجلاس گهرائي، عدم اعتماد جي تحريڪ کي عمل ۾ آڻي. اهڙي طرح عمران حڪومت جا سمورا فيصلا غيرقانوني قرار ڏنا ويا. عمران خان ٽن ڏينهن لاءِ بلڪه پوڻن ٽن ڏينهن لاءِ يا اڍائي ڏينهن لاءِ پنهنجي ڪابينا سميت وزيراعظم ته بڻجي ويو آهي پر هن جي اهڙي قانوني شڪست هن جي سياسي شخصيت کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي. عام طور تي تاثر اهو هو ته سپريم ڪورٽ ”چلتيءَ کي چلائيندي“ پر سپريم ڪورٽ عمليت پسنديءَ کان وڌيڪ انصاف پسنديءَ جو ثبوت ڏيندي، هڪ آڪڙ خان ٽائيپ وزير اعظم کي هن جي غيرقانوني حيثيت مان مڪمل طور تي هوا ڪڍي ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ هو هن وقت به ملڪ جو وزيراعظم آهي پر هن جي حالت ان لغڙ جهڙي آهي، جنهن جي ڏور ڪٽجي وڃي ۽ اهو هوا جي رحم ڪرم تي سڪل پن وانگر اڏامندو نظر اچي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي انهن تنقيدن کي تباهه ڪري ڇڏيو، جيڪي سپريم ڪورٽ جي سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون هيون. ان فيصلي کان پوءِ ظاهر آهي ته عمران خان زخمي شينهن وانگر وڏيون گجگوڙون به ڪندو پر سپريم ڪورٽ جو هن جي مٿان لڳل ٺپو، ڪڏهن به لهي نه سگهندو. سپريم ڪورٽ هن جي ”انٽرنيشنل سازش“ واري ٿيوريءَ جي ٿوڻي ڪڍي اڇلائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي عمران خان جي پوري ٽڪساٽ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي هو ڀلي اهو چوندو ڦري ته هن سان ناانصافي ٿي آهي. پر هن جون اهڙيون دانهون ڪوڪون ٻڌڻ وارا هن جا اهي مايوس حامي ئي هوندا. جڏهن ته ان فيصلي سبب مخالف ڌر کي اهو حق حاصل ٿي چڪو آهي ته اها ڀلي پنهنجي عدالتي فتح جا جشن ملهائي ۽ عوام کي ٻڌائي ته هو حق تي هئا. جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مڪمل طور تي ناحق تي بيٺل هئي.
انصاف جي وصف تمام گهڻي وسيع آهي. پر ان سموري وسعت کي جيڪڏهن ڪجهه لفظن ۾ سهيڙيو وڃي ته انصاف قانونن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جو نالو آهي. اهو ئي سبب آهي ته عالمي طور تي ”تارازي“ جي علامت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. انصاف جي ديويءَ جون اکيون ڀلي ٻڌل ڏيکاريون وڃن پر پوءِ به منصف تي لازم آهي ته هو حالتن ۽ قانون جي وچ ۾ اهو توازن پيدا ڪري، جنهن سان مظلوم جي مک تي مسرت جي ريکا به اچي ۽ ظالم کي قانون شڪنيءَ جي سزا به ملي. اها تارازي جيڪا عدالت جي علامت آهي، ان جا ٻيئي پاسا اهڙي طرح هڪ ٿي بيهن جو ڳڻن جي ڳنيءَ ۾ ڪنهن پاسي به ڪنهن قسم جو تفاوت نظر نه اچي.
عمران خان جي شخصيت توڙي سياست تضادن جو مجموعو رهي آهي. هن وقت هن جي شخصيت ۽ سياست جو اهم ترين تضاد اهو اڀري آيو آهي، جن هن تي هو اڄ به شدت سان زور ڏئي رهيو آهي. هن سدائين چيو آهي ۽ هو هن وقت به چئي رهيو آهي ته معاشرن جي ترقيءَ ۽ تباهيءَ جو سبب اهو آهي ته جنهن معاشري ۾ قانون طاقتور طبقن جي لاءِ هڪ ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ ٻيو رهيو آهي، اهي معاشرا سدائين تباهه ٿيا آهن. جڏهن ته انهن معاشرن سدائين ترقي ڪئي آهي، جن معاشرن ۾ ڪمزور توڙي طاقتور جي لاءِ قانون ساڳيو رهيو آهي.
ڇا عمران خان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسندو؟ ڇا هو ٻڌائي سگهندو ته هن جي ان مشهور ڊائلاگ جو اطلاق خود هن جي ذات تي ٿئي ٿو يا نه؟ جيڪڏهن هن ملڪ جو هڪ غريب شهري ميونسپالٽيءَ جو قانون به ٽوڙي ٿو ته هن کي سخت کان سخت سزا ملي ٿي پر عمران خان پنهنجي پارٽيءَ سان گڏجي ملڪ جو آئين ٽوڙيو ۽ ان باري ۾ ملڪ جي سمورن چڱن مٺن رڙيون ۽ دانهون ڪيون. ملڪ جي قانوني ماهرن توڙي سياسي مبصرن گڏيل طور تي چيو ته عمران خان آئين ٽوڙڻ جو ڏوهه ڪيو آهي. ڇا اسان کي معلوم ناهي ته آئين ٽوڙڻ جي جرم جي ڪهڙي سزا آهي؟ ڇا عمران خان پنهنجو پاڻ کي ان سزا جي لاءِ پيش ڪيو؟ هن ته پنهنجي ڪيل ڏوهه کي ڏوهه به نه سمجهيو. هن ته مخالف ڌر پاران ڪورٽ جو ڪڙو کڙڪائڻ واري عمل کي به غلط سمجهيو. هن جو خيال هو ته مخالف ڌر جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، اهو غلط آهي. پر هن کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ کپندي هئي ته جيڪڏهن هن جو عمل ڏوهه جهڙو نه هجي ها ته سپريم ڪورٽ هن جي ان عمل جو سوئوموٽو نوٽيس ڇو وٺي ها؟ سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته سپريم ڪورٽ هڪ عمل کي قانون جي حوالي سان غور ڪرڻ جهڙو عمل سمجهي ٿي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي نظر ۾ اهو عمل غور ڪرڻ جهڙو نه هجي ها ته ڇا سپريم ڪورٽ آچر جي ڏينهن عدالت کي لڳل تالا کولڻ جو حڪم صادر ڪري ها؟ عدالت موڪل واري ڏينهن ۽ رمضان جي پهرين روزي تي ڏينهن جو کلي ۽ چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ جا جسٽس عدالت ۾ آيا ۽ انهن ڪيس جي شنوائي شروع ڪئي.
عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ ڪبينيٽ ڊويزن پاران وزير اعظم نه رهڻ وارو نوٽيفڪيشن نڪرڻ جي باوجود به وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو ۽ هن پنهنجي حق ۾ رياست جا اختيار آخر تائين استعمال ڪيا. هن نه صرف وفاقي حڪومت جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن کي غلط طرح سان استعمال ڪيو پر هن پنجاب اسيمبليءَ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه به ڪيو اهو جيڪڏهن ڏاڍ نه هو ته ٻيو ڇا هو؟ عمران خان قانون کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جو ڏوهاري ثابت ٿيو. هن جي ذات ۽ هن جي سياست ۾ اهو اهڙو تضاد آهي، جنهن کي هو ڪنهن به طرح سان جسٽيفاءِ ڪري نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته هن سدائين ”قانون سڀني جي لاءِ ساڳيو“ جي ڳالهه ڪئي آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هو اها ڳالهه هن مهل به ڪري رهيو آهي. ڇا اهو عجيب تماشو ناهي ته هڪ ماڻهو چوري به ڪندو هجي ۽ ”چور چور“ جون رڙيون به ڪندو هجي. اهڙو کليل ۽ تمام خراب تضاد تاريخ عمران خان جي کاتي ۾ لکيو آهي پر ان لکت جي پاڪستاني سياست ۾ ڪهڙي اهميت آهي؟ اسان جي ملڪ ۾ تاريخ کي جوڙيو نه ويو آهي پر وڏي شوق سان تاريخ کي ٽوڙيو ويو آهي. اسان جي ملڪ ۾ آئين کي عمل سان ڳنڍي جوڙيو نه ويو آهي پر آئين کي عمل کان ڪٽي ٽوڙيو ويو آهي. عمران خان ملڪي آئين سان اهو ئي ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو ڪجهه آمر ڪندا آيا آهن.
عمران خان پنهنجن مخالفن کي ڀلي ڪجهه به چوي. عمران خان جو اهو چيو ڀلي ڪيترو به صحيح ڇو نه هجي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته عمران خان آئين سان ائين راند کيڏي جيئن هو سڄي عمران ڪرڪيٽ جي بال سان راند ڪندو رهيو آهي. عمران خان سياست ۾ نه صرف ڪرڪيٽ جي معرفت حاصل ڪيل شهرت کي استعمال ڪيو پر هن سياست ۾ ڪرڪيٽ جا محاورا به متعارف ڪرايا. ڪنهن جي وڪيٽ ڪرڻ يا آخري بال تائين مقابلو ڪرڻ يا امپائر جي آڱر جو اشارو هجڻ وغيره! اهي سڀ لفظ ۽ اهي سڀ جملا ڪرڪيٽ جي راند جي سلسلي ۾ استعمال ٿيندا آهن. جڏهن ته عمران خان اهي سياست ۾ داخل ڪيا. اهو مناسب عمل ته نه هو. ڇو ته هر عمل جي الڳ ٻولي هوندي آهي. پر هو ان ٻوليءَ کي ميڊيا معرفت قبول به ڪرائي ويو. اهو ٺيڪ ٿيو يا نه ٿيو؟ پر اهو ٺيڪ ته بلڪل به نه ٿيو. ڪنهن طرح سان به نه ٿيو جو هن ملڪ جي آئين سان اهو حشر ڪيو، جيڪو ڪرڪيٽ ۾ بال ۽ بيٽ سان ڪيو ويندو آهي.
عمران خان ڀلي ڪيترو به ڀلو رانديگر ڇو نه هجي پر هن کي ملڪي آئين سان کيڏڻ جو حق ڏئي نه ٿو سگهجي. اهو عمل سراسر غلط ۽ ملڪي وجود لاءِ تمام گهڻو هاڃيڪار آهي. ڇو ته اهو ملڪ هجي يا معاشرو هجي، اهو ڪڏهن به قانون کان سواءِ پنهنجي وجود کي قائم رکي نه ٿو سگهي. قانون وڏي کان وڏي ملڪ ۽ ننڍي کان ننڍي اداري جي هلڻ جو واحد بنياد هوندو آهي. قانون، قاعدا ۽ اصول لازمي هوندا آهن. انهن کان سواءِ ڪا شيءَ بهتر طرح سان نتيجو ڏئي نه سگهندي. جڏهن به قانون کي ٽوڙيو ويندو آهي، تڏهن ان قانون سان لاڳاپيل سمورو سرشتو چڪناچور ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسان جي ملڪ جو معاشي ۽ معاشرتي طور تي برو حال آهي ته ان جو سبب اهو ئي آهي، جيڪو عمران خان بيان ڪندو رهيو آهي ته هتي آمر حڪمرانن آئين سان ائين راند کيڏي آهي، جيئن هاڻي عمران خان پاڻ کيڏي رهيو آهي. ٻين تي تنقيد ڪرڻ تمام آسان هوندي آهي پر عملي طور تي پاڻ کي قانون کي توازن ۾ رکڻ مشڪل هوندو آهي ۽ عمران خان پنهنجي لاءِ آسانيون ته چونڊيون پر هو مشڪل معاملن کي اڪلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. جيڪڏهن هو ان رخ ۾ سوڀارو ٿئي ها ته هن جي سرڪار کي ڀلي وقت نقصان پهچي ها پر هو ڊگهي مدي لاءِ سرخرو ۽ سوڀارو ثابت ٿئي ها. اهي ماڻهو هن مهل ماٺ آهن. جيڪي وڏي فخر سان چوندا هئا ته عمران خان ٻين جهڙو ناهي. عمران خان هن وقت پاڻ کي انهن حڪمرانن جي صف ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، جن پنهنجي مفاد لاءِ ملڪ جي آئين کي نقصان پهچايو. ملڪي آئين کي نقصان پهچائڻ جو مطلب ملڪ کي نقصان پهچائڻ هوندو آهي. عمران خان ان ڏوهه جو ڏوهاري آهي. هن کي ان جرم سبب تاريخ جو ڪاتب ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ عمران خان اهو چئي به سگهي ٿو ته هن کي تاريخ جي ڪاتب جي ڪا پرواهه ناهي. ڇو ته آئين سان اهڙو حشر ڪندڙ حڪمران اڪثر اهوئي چوندا آهن. جيڪڏهن عمران خان به اهو چيو ته ڇا ٿي پيو؟