
حڪومت جي تبديليءَ کانپوءِ ڪالهه شهباز شريف ملڪ جي 23هين وزير اعظم طور چونڊجي ويو آهي. اها هڪ سٺي روايت آهي جو هڪ جمهوري طريقي سان پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ هاڻ وري جمهوري طريقي سان ايوان مان نئون وزير اعظم چونڊيو ويو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جمهوريت اڃا به ارتقائي مرحلي مان گذري رهي آهي، ان ڪري جمهوريت جو ڦل عوام تائين حقيقي نموني ڪونه پهچي سگهيو آهي. پر اها بهتر ڳالهه آهي ته ڪالهوڪي اجلاس ۾ جيڪي به پارٽيون موجود هيون انهن جي پاڻ ۾ ٻڌي نظر آئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو پي ٽي آءِ جمهوري رويي جو مظاهرو ڪندي مقابلو ڪري ها پر ان نه رڳو اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو پر پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها جمهوري طريقي سان حڪومت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ هاڻ اها روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ ٿي چاهي.
وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورن ساٿين جي ڪاوشن سان رب پاڪ پاڪستان کي بچائي ورتو آهي. اهو تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪنهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي ۽ باطل کي شڪست ۽ حق جي فتح ٿي. سندس چُوڻ هو ته اڄوڪو ڏينهن پوري قوم لاءِ عظيم ڏينهن آهي. ايوان سليڪٽيڊ وزيراعظم کي گهر جو رستو ڏيکاريو. عوام لاءِ خوشيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالهه هوندي ته اڄ ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو 8 روپيه مٿي ويو. ڊالر 190 کان 182 تي واپس اچي ويو آهي. چيو ويندو هو ته ڊالر هڪ روپيو به مٿي وڃي ته وزيراعظم ڪرپٽ هوندو آهي. ڊالر هاڻ 8 روپيه هيٺ ٿي ويو آهي ته چيو ويندو ته عوام ۽ ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته مان سپريم ڪورٽ کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو هن آئين جي ڀڃڪڙي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ضرورت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪوڙ ڳالهايو پئي ويو ۽ ڊرامو ڪيو پئي ويو ته ڪو خط آيو آهي. مون کي اڃان تائين خط ناهي ڏيکاريو ويو نه مون خط ڏٺو. ان حوالي سان سموريون ڳالهيون چٽيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته عوام ايوان جي ميمبرن کي سڃاڻڻ چاهي ٿو. هن خط جي حقيقت ڇا آهي. بي اعتمادي رٿ حوالي سان اسان ڪيترائي ڏينهن اڳ فيصلو ڪري چڪا هئاسين. جيڪڏهن اهو ڪوڙ آهي ته سڀني جي سامهون اچڻ گهرجي ته اهو بحث هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي. مان بطور چونڊيل وزيراعظم جي چوان ٿو ته پارليامنيٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ ۾ خط پيش ڪيو جنهن ۾ هٿياربند فوج جا سربراهه به موجود هجن. جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ اهو سفير به هجي. مان بنا ڪنهن خوف جي ترديد ڪندي چوان ٿو ته جيڪڏهن ان حوالي سان ٿورو به ثبوت ملي وڃي ته اسان ڪنهن پرڏيهي سازش جو شڪار ٿياسين يا اسان کي ڪنهن پرڏيهي وسيلن مان مدد ملي ته مان هڪ سيڪنڊ ۾ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي گهر هليو ويندس. وزير اعظم گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار پگهار، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ هڪ لک کان جنهن جي پگهار وڌيڪ آهي، ان ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ جو اعلان ڪيو ۽ اٽو سستو ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي.
اسين سمجهون ٿا ته پهرين ڏينهن تي هي هڪ سٺو رليف آهي. پر اصل مسئلو وري به ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ حڪومت لاءِ وڏو امتحان هوندو. ان کانسواءِ ڪنهن به انتقامي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي. معاملن کي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. نئين سيڙپڪاريءَ لاءِ ماحول بهتر ڪيو وڃي ۽ عوام لاءِ وڌ کان وڌ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ڪيا وڃن. نيب جهڙي اداري جا اختيار گهٽايا وڃن ته جيئن اهو ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿي سگهي.