
جديديت پُڄاڻان جو دور اڄ جي انسان لاءِ وڏي مونجهاري جو دور آهي ڇو ته هن دور ۾ هر شيءِ جو تصور تبديل ٿي ويو آهي بلڪه هٿ سان مصنوعي طور تي تبديل ڪري انسان کي ڪوڙا تصور ڏنا ويا آهن. اڄ جي دور ۾ خوشي، پيار، چاهت، سچائي، ايمانداري، انصاف، پيار ۽ وفا، ديانتداري ۽ اهڙن ٻين انساني جذبن جي صحيح پرک ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي. تنهنڪري اڄ دور ۾ انهن جذبن کي ٻيهر عقلي ۽ سائنسي طور تي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي.
فرينچ مفڪر آندري ڪونت جو ڪتاب “اعليٰ گُڻ” پڻ انسان جي اِنهن جذبن ۽ گُڻن کي سمجهڻ جي هڪ ڀرپور ڪوشش آهي، جنهن جو ترجمو سنڌ جي گهڻ پڙهئي ليکڪ، صحافي ۽ ترجمي نگار جاويد راڄپر ڪيو آهي. هن ڪتاب جو بنيادي مقصد انسان جي ٽن بنيادي سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش آهي، جيڪي هي آهن.
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اسان کي ڇا هجڻ گهرجي؟
اسان کي ڪئين جيئڻ گهرجي؟
بقول ليکڪ جي ته “انسان جي انهن بنيادي سوالن کي سمجھڻ لاءِ اسان کي اخلاقيات جي اهم پاسي “انساني گُڻن” کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.” هاڻي سوال آهي ته گُڻ ڇا آهي؟ ليکڪ پنهنجي مهاڳ ۾ ان سوال تي لکي ٿو ته “اهو هڪ قوت آهي جنهن جو ڪو اثر هجي يا ٿي سگهي ٿو يا هڪ شيءِ يا وجود جو گُڻ اهو آهي، جيڪو ان جي قدر ٺاهي ٿو. ٻين لفظن ۾ ان جي منفرد خوبي کي ٺاهي ٿو.” يا وري مونٽين لکيو ته “ڪابه شيءِ ايڏي عمدي ۽ ايڏي واجبي ناهي جيڏو ماڻهوءَ جو سهڻي ۽ مناسب نموني هلڻ ” ائين ڪرڻ پنهنجو پاڻ گُڻ آهن.
هاڻي جڏهن پاڻ ڄاڻي ورتوسين ته گُڻ هڪ خوبي آهي، جنهن ذريعي اسان پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهون ٿا ۽ ٻين سان سٺي هلت هلي سگهون ٿا. تڏهن سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهي گُڻ فطرت طرفان انسان کي ملن ٿا يا پنهنجي پاڻ ۾ پيدا ڪري سگهجن ٿا؟ ان سوال تي جئين ته ليکڪ ماديت پسند آهي، تنهنڪري هن جو خيال آهي ته “جيتوڻيڪ فطري گُڻ طور اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي.” پر اهُي گُڻ ڪوشش سان ۽ خواهش سان حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ انهن کانسواءِ اسين اڻپورا آهيون بلڪه اُهي گُڻن حاصل ڪرڻ سان ئي اسان مڪمل انسان ٿينداسين.
ان کانپوءِ پنهنجي مهاڳ ۾ گُڻن بابت بحٽ ڪرڻ کان پوءِ ليکڪ ارڙهن انساني گڻن بابت بحث شروع ڪري ٿو، جنهن جي شروعات فضيلت کان ۽ ختم پيار تي ڪري ٿو.
ليکڪ جو خيال آهي سڀني گُڻن جو بنياد فضيلت آهي ۽ آئون پاڻ سمجهان ٿو ته اڄ جي دور ۾ فضيلت کي سمجهڻ اهم آهي ڇو ته ھن دور ۾ لفظن جي ردوبدل سان “فضيلت” تي تمام گهڻو ڳالهايو ويندو آهي. اڄ اسان کي موٽيويشن جي ڪتابن توڙي ٽي وي پروگرامن ۾ ان تي گهڻو بحث ملندو جنهن ۾ ماڻهو کي سيکاريو ويندو آهي ته ماڻهن سان پنهنجو رويو ڪيئن رکجي ماڻهن کي ڪيئن متاثر ڪجي، ماڻهن کي ڪئين پنهنجو ڪجي، پنهنجو رويو ۽ سوچ مثبت ڪيئن رکجي. مطلب ته اُهي ڪتاب ۽ ٽي وي شو ماڻهو کي پوري ريت منافق ٿيڻ سيکاريندا آهن ۽ انهن جو خيال هوندو آهي ته مثبت رويي سان انساني دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. سُکن ڀري زندگي گذاري سگهي ٿو پر آندري ڪونت فضيلت جي ان انداز کي رد ٿو ڪري ۽ ان تي پنهنجا منفرد خيال پيش ڪري ٿو. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو ته “نازي ۽ هٽلر جا پيروڪار ڪيڏا به فضيلت وارا ٿي وڃن. تڏهن به انهن جي وحشتن بابت منفي راءِ ۾ڪوبه بدلاءُ نه ايندو.” ان جو وڌيڪ اظهار صفحي چار تي هن ريت ڪري ٿو. “نازين لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن مان ڪجھه اُن ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي (مطلب ته فضيلت سان ماڻهن جو ڪوس ڪرڻ ۾ مهارت) اُها بربريت جيڪا ڪڏهن فضيلت (واري ڏيک) جي ڪري شايد وڌيڪ ملامت جوڳي، ان جي انساني صورتن جي ڪري وڌيڪ غير انساني ۽ مذهب پڻي جي ڍونگن جي ڪري وڌيڪ بربريت واري هئي.”
تنهنڪري ليکڪ اسان کي خبردار ڪري ٿو ته سڀ کان اول فضيلت هٿان بيوقوف نه ٿجي. ڪوڙي ۽ منافقي واري فضيلت تي بحث ڪري ليکڪ وري ان نقطي تي اچي ٿو ته آخر سڀني گُڻن کان پهرين فضيلت گُڻ ڇو؟ ان سوال تي ليکڪ جو خيال آهي ته فضيلت ئي اُهو گُڻ آهي، جيڪو هڪ فرد جي اخلاقي واڌاري ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن لاءِ ليکڪ هڪ ٻار کي سامهون رکي بحث ڪري ٿو ته هڪ ٻار وٽ ڪي به اخلاقي معيار نه هوندا آهن ۽ انهن کي جڏهن اسان بُرن ڪمن کان روڪيون ٿا ته انهن کي اُها پابندي لڳندي آهي ڇو ته سماج ۾ اُن ٻار جا مِٽ مائٽ، پاڙي وارا ۽ ٻيا فرد اُهي ساڳيا ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ٻار انهن جو نقل ڪندو آهي، تنهنڪري ٻارن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان وڏن کي ڏيکاءُ نه پر عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ صفحي اٺ تي ليکڪ ڪانٽ جو حوالو ڏي ٿو ته ” جيڪو ڪم ٻار پاڻ نٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ ان لاءِ ڪابه جبلت نه هوندي آهي. (اُهي ڪم) ٻين کي، ان لاءِ ڪرڻا پون ٿا ۽ ائين ئي هڪڙو نسل ٻئي نسل کي سکيا ڏئي ٿو.”
تنهنڪري ليکڪ جو پڻ اھو خيال آهي ته “ايندڙ نسلن کي سُٺا گُڻ سيکارڻ لاءِ اسان کي پاڻ کي سُٺا گُڻ سکڻا ۽ انهن تي فرض سمجهي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ائين اسان هڪ بهتر ماڻهو ليکيا وينداسين ۽ جڏهن اسان اُهي فرض سمجهي عمل ڪريون ٿا ته اُهي گُڻ اسان جي طبيعت، مزاج ۽ لاڙي جو حصو ٿي وڃن ٿا ته اسان جي زندگي بهتر ۽ بامقصد گذري ٿي.
بامقصد ۽ بهتر زندگيءَ جي ڪوشش ڪرڻ ڏانهن فضيلت گُڻ ئي مائل ڪري ٿو. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجن ايندڙ نسلن کي ايماندارڻي فضيلت سيکارڻ گهرجي، جيڪا هڪ اهڙي ننڍڙي شيءِ آهي، جيڪا وڏين شين لاءِ رستو ٺاهي ٿي.”
پيار جنهن تي مختلف، مفڪرن ۽ نفسياتدانن تمام گهڻو لکيو آهي، جنهن ۾ نفسيات جي ابي سگمنڊ فرائڊ جو خيال آهي ته پيار اصل جنس جي پيداوار آهي، جڏهن هڪ مرد کي ڪا خوبصورت عورت وڻي ٿي، جڏهن اهو انسان اُنهي عورت کي ماڻڻ چاهيندو آهي يا ان سان جنسي عمل ڪرڻ جي خواهش ڪندو آهي ته هُو ان خواهش کي پيار ذريعي تڪميل تي پهچائيندو آهي. بلڪل عورت به ائين ئي ڪندي آهي ۽ ان جذبي کي اُهي پيار جو نالو ڏيندا آهن، پر آندري ڪونت جو پيار جي حوالي سان هڪ جدا نقطه نظر آهي. ليکڪ 312 تي پيار تي ڳالهائيندي لکي ٿو ته “پيار جون پاڙون ٿي سگهي جنسيت ۾ ھجن جيئن فرائيڍ سوچيو ۽ جيئن مان مڪمل طور مڃان ٿو پر ان کي جنسيت تائين سوڙهو نٿو ڪري سگهجي. ڪنهن به ريت اهو اسان جي ننڊين ۽ وڏين شهوت پسند راحتن کان مٿانهون وڃي ٿو. جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻ سان پيار نه ڪريون ها ته اسان ڪيئن ايڏا خود غرض يا پاڻ پسند ٿي سگهياسين پئي! اسان ڪم ڇو ڪنداسين جيڪڏهن ڏوڪڙن، آرام يا پنهنجي ڪم سان پيار نه ڪندا هجون، اسان فلسفو ڇو پڙهون. جيڪڏهن اسان ڏاهپ سان پيار نه ڪندا هجون؟ ۽ جيڪڏهن مان فلسفي سان پيار نٿو ڪريان ته هي سڀ ڪتاب ڇو؟”
مطلب ته ليکڪ پيار جي هڪ وسيع معنيٰ ٻڌائي آهي. اهو پيار ئي آهي، جيڪو دنيا ۾ غير معمولي ڪم ڪرائي ٿو. اهو پيار آهي جيڪو حسين تخليقون تخليق ٿو ڪرائي. اهو پيار ئي هو جنهن ڪري سُقراط سچ ۽ ڏاهپ جي ڪري ذهر جو پيالو پيتو ۽ اهو پيار ئي هو جنهن مارڪس کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ هيڏو غير معمولي پورهيو ڪرايو. ليکڪ به هن ڪتاب ۾ سڀ وڌيڪ ۽ ڳوڙهو بحث پيار تي ئي ڪيو ويو آهي ۽ ليکڪ جو خيال آهي ته پيار سڀني گُڻن جي ابتدا ۽ انتها آهي. ائين هن ڪتاب ۾ اسان کي انساني گڻن فضيلت، وفا، دانائي، ديانتداري، انصاف ۽ ٻين تي وڏو بحث ملي ٿو، جيڪو اسان کي انهن تي سوچڻ، انهن کي سمجهڻ ۽ پوءِ پنهنجي پاڻ ۾ کوٽن، ڪمزورين ۽ خاصيتن جي سُڌ ڏي ٿو ته جيئن اسان پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجي زندگيءَ کي تبديل ڪريون. هي ڪتاب يقينن جاويد راڄپر جو هڪ غير معمولي پورهيو آهي، جيڪو اسان کي تبديل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو. تنهنڪري سنڌ جي هر ماڻهو کي هي ڪتاب بار بار پڙهڻ ۽ ان سمجهڻ گهرجي.