ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمهوري ڪرشما ۽ اتحادي حڪومت وارا نظارا

Editorial-Article-Ali Mohammad Memon

ملڪ ۾ جمهوريت جا ڪرشما تيزيءَ سان ظاهر ٿي رهيا آهن، ملڪ جي جادوگرن جي جادومنتر واري اثر جو خاتمو ٿيندي ئي آخرڪار، ملڪ تي قبضو ڪندڙ رانديگرن واري سرڪار جو به خاتمو ٿي ويو ۽ جادو واري ڦوڪڻي مان هوا نڪرندي ئي ملڪ جي پارليمان ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿي ويو ۽ پارليامان جي اڪثريت جي حمايت کان محروم ٿيڻ کان پوءِ ملڪ مان به سونامي سرڪار جو خاتمو ٿي ويو. وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ آزادي ۽ سرهائي واري روڪيل بهار جي هٻڪار گهلي وئي آهي. ملڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ڪپتان جي حڪومت جو خاتمو ٿيڻ کان پوءِ وفاق ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، بي اين پي مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ ٻين اتحادي ڌرين جي گڏيل حڪومت قائم ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ سياسي صورتحال تيزيءَ سان اٿل پٿل جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ هن وقت ملڪ جي وفاق ۽ پارليمان ۾ ڊرامائي تبديليون ٿي رهيون آهن، يقينن، حيرت انگيز طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اٿاريل عوامي هلچل ۽ سياسي طوفان جي نتيجي ۾وفاق ۾ اتحادين جي اڪثريتي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. ميان نواز شريف جي هر قسم جي مخالفت جي باوجود بلاول ڀٽو زرداريءَ جو نامزد ڪيل وزير اعظم ميان شهباز شريف ملڪ جو وزير اعظم بنجي ويو آهي ۽ پنجاب ۾ به حمزه شهباز وزير اعلي چونڊجڻ وارو آهي. يقينن، سياست واري ڪارخاني، سائنس، ڪاريگري، فارمولن واري هنرمندي جا اچرج ۾ وجهندڙ عجب رمزون ۽ نظارا نروار ٿي رهيا آهن. واهه سائين واهه!
پارليامان جي اڪثريت جي ووٽ سان چونڊجي آيل اتحادي حڪومت جي وزيراعظم شهباز شريف کان پنهنجي عهدي جو قسم کڻائڻ لاءِ صدر مملڪت عارف علويءَ تي جڏهن وقت آيو ته، افسوس ته هن جي صحت جواب ڏئي وئي ۽ صدر صاحب پنهنجي هٿان ٽوڙيل قومي اسيمبليءَ جي سپريم ڪورٽ طرفان بحالي کان پوءِ پارليامان جي چونڊيل وزير اعظم جو ديدار نه ڪري سگهيو ۽ سندس جاءِ تي قائم مقام صدر مملڪت، چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي طرفان نئين وزير اعظم کي قسم کڻائي آئين موجب حڪومت جون واڳون حوالي ڪرڻيون پيون. يقينن اهڙي قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي مضبوط دل ۽ جگر جي ئي ضرورت هوندي آهي. ان کان اڳ رانديگرن جي سرڪار جو اسپيڪر پڻ حالتن جي سٽ نه سهندي پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏئي ويو. ان کان پوءِ صوبن ۾ اڳوڻي رانديگرن جي سرڪار جي گورنرن جي استعيفائون ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. خيبرپختون خواهه جو گورنر شاهه فرمان پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏئي ويو آهي ۽ ان کان پوءِ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ کان پوءِ گورنر هائوس تيزيءَ سان خالي ڪرڻ ۽ پنهنجو سامان گهر منتقل ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اهڙي ريت، پنجاب ۽ بلوچستان صوبن جا گورنر پڻ پنهنجا تڏا ويڙهڻ ۾ مصروف آهن.
وفاقي حڪومت جي ڪابينا ڊويزن طرفان هن کان اڳ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ ان جي 52 رڪني ڪابينا جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. جنهن لاٽ ۾ شامل 25 ٿلها متارا وزير، 4 مملڪتي وزير ۽ 4 صلاحڪار به شامل آهن، جڏهن ته ڪپتان خان جا آڙيڪاپ قسم جا 19 خاص مددگار به فارغ ٿيا آهن ۽ هاڻي هو پڻ پنهنجن پنهنجن شهرن جا چوڪ وڃي وسائي چڪا آهن. ملڪ تي راڄ ڪندڙ لڳاتار چئن سالن جي بدمست حڪمراني ۽ مخالفن جي لتاڙ ڪندڙ بي لغام وزيرن ۽ عملدران جي هٿن مان ائين وقت کان اڳ حڪومت جو ڦرجي وڃڻ ۽ اکيون پور ۽ پٽ ۾ هيڏا سار 4 سال ائين اک ڇنب ۾ گذاري وڃن ۽ وزارتن جا مزا اڌ ۾ ڇڏي بي اختيار ٿي وڃڻ وارا معاملا يقينن، رانديگرن جي فوج، ظفر موج لاءِ تمام گهڻن صدمن ۽ سورن جو سبب بنجي ويا آهن ۽ هاڻي سندن روڄ راڙن سان ملڪ جا شهر ۽ ڳوٺ گونجي رهيا آهن. دعا آهي ته خدا سندن حالت تي رحم ڪري ۽ سندن روحن ۽ طبيعتن کي قرار ملي.

وفاق ۾ اتحادين جي حڪومت قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ هاڻي پنجاب جي صوبائي حڪومت جي تبديلي وارو عمل پڻ مڪمل ٿيڻو آهي. پنجاب ۾اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان تازو مقرر ڪيل گورنر عمر سرفراز ۽ وزير اعليٰ لاءِ نامزد ڪيل چوڌي پرويز الاهي ٻئي سموري صوبي ۽ ملڪ ۾ وڏو تماشو بڻجي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ گورنر عمر سرفراز پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ کڻي پنهنجي جماعت جي ڪپتان عمران خان وٽ وڃي پهتو پر ڪپتان پنهنجي ڪرڪيٽ واري سياست جي فلسفي تحت آخري بال تائين راند کيڏيندو رهڻ ۽ چوڌري پرويز الاهي جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻ تائين کيس ٽيڪ ۽ حوصلو ڏيڻ وارو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪري واپس موٽائي ڇڏيل. اهڙي ريت، هاڻي پنجاب ۾ حڪومت سازي وارو دنگل شروع ٿيڻ وارو آهي. پنجاب جي ايوان ۾ 78 سالن واري پراڻي پهلوان چوڌري پرويز الاهيءَ جو 35 سالن واري نوجوان ملهه حمزا شهباز سان شايد 16 اپريل تي مقابلو ٿيڻو آهي. پنجاب ۾ ٿيندڙ هن مقابلي کان اڳ ئي نتيجي جو اندازو ته اڳواٽ ئي آهي ته بزرگ پهلوان، پنهنجي سرپرست ڪپتان خان جي عبرتناڪ شڪست کان پوءِ سندس وڏي خوف ۽ ڏڪڻيءَ جو شڪار هئڻ  لازمي ڳالهه آهي پر اسان به سندس مخالف نوجوان پهلوان مان اميد رکون ٿا ته هو وڏي ۽ بزرگ جي صحت جو خيال رکندو ۽ سندس ڪابه بي ادبي نه ڪندو.

وفاق ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي گڏيل اتحادي حڪومتن جا ملڪ ۽ خاص طور تي صوبن جي حقن جي حفاظت جي حوالي سان بهتر فيصلن ۽ فوري نتيجا سامهون اچڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. اتحادين واري حڪومت جي نئين چونڊيل وزير اعظم شهباز شريف طرفان پنهنجي چونڊن جي موقعي تي پارليمان کي پهرين خطاب ۾ قوم کي رليف ڏيڻ وارا ڪجهه اعلان ته ضرور ڪيا ويا آهن. خاص طور تي پورهيت جي گهٽ کان گهٽ اجرت 25 هزار روپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي جاري رکڻ ۽ بهتر ڪرڻ جا اعلان ڪري سٺي شروعات ڪئي وئي آهي. ملڪ جي وفاق ۽ وفاقي حڪومت جي تبديليءَ کان پوءِ صوبن جي بحرانن جي خاتمي جو پڻ وقت آهي ۽ اتحادين تي مشتمل نئين وفاقي حڪومت مان صوبن کي اميديون وڌيون آهن ته، سندن ٿيل حق تلفين جو ازالو ڪيو ويندو.
ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته، اسان جو سنڌ صوبو، اڳوڻين ٻن حڪومتن جي دورن ۾ تمام گهڻي عتاب، عذاب ۽ ظلمن جو شڪار رهيو آهي. جنهن موجب، 2017ع ۾ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف جي حڪومت ۾سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت 25 سالن کان پوءِ ملڪ ۾ ٿيل آدمشماري ۾ سنڌ جي عوام جي اڻپوري ڳڻپ ڪرڻ ۽ سنڌ جي 2 ڪروڙ آبادي جي ڳڻپ نه ڪرڻ ۽ آدمشماري واري رڪارڊ ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ پنجاب سان لاڳاپيل سنڌ صوبي جي سرائيڪي ڳالهائيندڙ آباديءَ کي پنجاب ۾ درج ڪرڻ واري ٿيل ظلم جو بنا دير ازالو ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي اڻپوري ڳڻپ واري تڪرار سبب اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسيءَ جي باقي هڪ سال واري حڪومت ۾ آدمشماري جي 5 سيڪڙو بلاڪن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي سنڌ جي آباديءَ کي درست ڪرائڻ واري پارلياماني جماعتن جي ٿيل فيصلي تي عملدرآمد نه ڪيو ويو. اهڙي ريت، ان کان پوءِ عمران خان واري حڪومت ۾ پڻ سنڌ سان ساڳي ظلم ڪيو ويو ۽ وزير اعظم طرفان اڻپوري ڳڻپ کي درست ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ شماريات کاتي جي اڻپوري ڳڻپ رپورٽ جي منظوري ڏئي سنڌ جي تمام وڏي حق تلفي ڪئي وئي. جنهن جي نيتجي ۾ مالي وسيلن ۾ سنڌ جي وڌندڙ حصي کي نه فقط گهٽ ڪيو ويو پر رهيل 2 ڪروڙ آبادي ذريعي قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌ صوبي جي وڌندڙ سيٽن ۽ وفاقي حڪومت ۽ ادارن ۾ سنڌ کي پنهنجي حق ۽ حصي کان به محروم رکيو ويو آهي. صوبي جا قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ تحت وفاق وٽ روڪيل رقمن جي صوبي کي ادائيگي ڪئي ويندي. معدني وسيلن جي مالڪي ۽ حقن جي حاصلات ۽ سنڌ صوبي جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيندو. خاص طور تي وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ کي ان جي آئيني سرشتي تحت درست ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button