ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شهباز شريف جي حڪومت گهڻو وقت ڪڍندي؟

Editorial-Article-Omar Kazi

هيءَ حڪومت ڪيترو هلندي؟ اهو اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب حڪومت وٽ به ناهي. پر جيڪڏهن عمران خان جي حڪومت تمام گهٽ اڪثريت هجڻ جي باوجود به هلي سگهي ٿي ته شهباز شريف جي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڇو نه ٿي ڪري سگهي؟ جيڪڏهن عمران خان حڪومت جي خلاف هٿ ڌوئي پيو آهي ته ڇا مسلم ليگ ن ۽ پ پ عمران خان جي حڪومت پويان پيل نه هئا؟ آخر ڪهڙو فرق آهي، انهن ٻنهي حڪومتن ۾ جنهن جي ڪري پهرين حڪومت تي ڪنهن کي ڪو اعتراض ڪو نه هو پر هن حڪومت جي حوالي سان هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو خدشو آهي ته هيءَ حڪومت هلي سگهندي يا نه؟

اسان کي هن حڪومت جي باري ۾ هڪ ڳالهه جي پڪ هجڻ گهرجي ته هيءَ حڪومت ان ماڻهوءَ جي هٿن ۾ آهي، جنهن کي حڪومت هلائڻ جو تمام گهڻو تجربو رهيو آهي. هو تمام گهڻي وقت تائين پنجاب جو وڏو وزير رهيو آهي ۽ نه رڳو وڏي وقت تائين هن پنجاب جي وڏ وزارت سنڀالي آهي پر هو پنجاب جي حڪومت هلائڻ جي حوالي سان ڪافي مقبول به رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پوري پنجاب کي فوڪس ڪرڻ بدران گهڻو ڌيان لاهور تي ڏنو. پر سوال آهي، تجربي جو! سو ان حوالي سان هن مهل ملڪ جي حڪومت نئين نه پر تجربي وارن هٿن ۾ آهي. اهو شخص جنهن جو نالو ميان شهباز شريف هو، جيڪو پاڻ کي پنجاب جو “خادم اعليٰ” ڪوٺرائيندو هو، سو هاڻي پاڻ کي پاڪستان جو “خادم اعليٰ” ڪوٺرائي ٿو. هن جي وزيراعظم ٿيڻ شرط ملڪ ۾ تمام وڏي تبديلي اچڻ جو ته ڪوئي امڪان ناهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي اچڻ سان گهٽ ۾ گهٽ هن جو ۽ آصف زرداريءَ جو خاندان نيب جي دهشت مان وڏي حد تائين نڪري ويندو. پر اهو سڀ ڪجهه ته تڏهن ٿيندو، جڏهن هن جي حڪومت سال سوا تائين هلي. هن جي حڪومت جي سلسلي ۾ جيڪي به اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ اڪثر اڳڪٿيون ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪنهن نه ڪنهن معاملي جي حوالي سان مشروط آهن. مثال جي ڳالهه ته جڏهن هن جي حڪومت جي سلسلي ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته اها ڪيترو وقت هلندي؟ تڏهن فوري طور تي اهو جواب اچي ٿو ته جيترو وقت پيپلز پارٽيءَ مسلم ليگ ن جو ساٿ هلي سگهيو. جيڪڏهن مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي پاڻ ۾ نه ٺهيون ته پوءِ اها حڪومت نه هلندي. ڇو ته ان حڪومت جو سهارو آصف زرداري آهي. آصف زرداري ڪنهن سان به رعايت نه ڪندو آهي. ان ڪري هو ميان شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جون سموريون ڪسرون ڪڍندو. پر ساڳي جاءِ تي اهو به سچ آهي ته ميان شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءَ ميان نواز شريف جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪس سهڻ وارو آهي. هن ۾ عمليت پسندي وڌيڪ آهي. اهو ئي سبب آهي ته ميان نواز شريف جا سدائين ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان معاملا بگڙجي پوندا هئا پر ميان شهباز شريف تي اها تهمت ڪوئي به لڳائي نه ٿو سگهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي ضد يا ان ڪري اسٽيبلشمينٽ سان ڦٽايو هجي. جڏهن به ڪو معاملو پيش آيو آهي ته ميان شهباز شريف ان کي انا جو مسئلو بڻائڻ جي بدران ان کي بهتر طرح سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي اها خوبي هن جي ان گڏيل حڪومت لاءِ هڪ سٺي ۽ بهتر ڳالهه ٿيندي. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ميان شهباز شريف جي به هڪ حد آهي. جيڪڏهن آصف زرداريءَ هن کان وڌيڪ گهريو ته هو ڏيڻ جي سلسلي ۾ اڪيلو ناهي. آخر هن جي به پارٽي آهي. هن جي ان پارٽيءَ جي قيادت اڄ به هن جي وڏي ڀاءَ ميان نواز شريف وٽ آهي. جيڪو پنهنجي سخت بيانن سبب هن وقت به اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ قابل قبول ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ميان شهباز شريف پوري ڪوشش ڪندو ته هو ڪنهن طرح سان اسٽيبلشمينٽ ۽ پنهنجي وڏي ڀاءَ جي وچ ۾ پيدا ٿيل وٿيءَ کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري. پر ان جو دارومدار به ميان نواز شريف جي مٿان آهي. هن مهل ته مريم نواز جيڪا پاڻ وزارت اعظميٰ جي اميدوار هئي، ان کي ڪجهه به نه مليو آهي. جيڪڏهن پنجاب جي وڏوزارت آهي ته اها به شهباز شريف جي پٽ حمزا شريف جي حصي ۾ اچي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ميان نواز شريف جي فيمليءَ کي ڇا مليو ۽ ڇا ملڻ جو امڪان آهي؟ پر پوءِ به جيڪڏهن انهن کي رليف به ملي ٿو ته اها وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته هو ڪافي وقت کان وٺي جنهن ڪيفيت مان گذريا آهن، اها ڪيفيت تمام گهڻي ڪٺن هئي، جڏهن ته ماضيءَ جي ڀيٽ هن وقت انهن جي حالت تمام گهڻي بهتر آهي.

مسلم ليگ ن هڪ پارٽي هجڻ سان گڏ هر پارٽيءَ جيان پنهنجي اندر ۾ ڪجهه لابيون ته هر صورت ۾ رکي ٿي. جيڪا لابي ميان شهباز شريف جي رهي آهي اها ته منڍ کان وٺي عمليت پسند ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهي هلڻ واري آهي. پر جيڪا لابي ميان نواز شريف جي آهي، هڪ ته اها وڏي آهي ۽ ٻيو ته اها ميان نواز شريف وانگر سخت گير آهي. اها هر صورت ۾ پنهنجا شرط مڃائڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهي. ان ڪري هن حڪومت کي ان سلسلي ۾ پنهنجو توازن برقرار رکڻو پوندو.

هن تازو وجود ۾ آيل حڪومت ۾ عددي اعتبار سان ته قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو تعداد سڀ کان اول مسلم ليگ ن جو آهي ۽ ان کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جو نمبر آهي پر اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته هيءَ حڪومت صرف انهن ٻن پارٽين جي پيداوار ناهي. ميان شهباز شريف ۽ آصف زرداريءَ سان گڏ هن حڪومت قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان جو اهم ڪردار آهي. جيتوڻيڪ هو پاڻ به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ناهي ۽ هن وٽ عددي حوالي سان ميمبر به گهٽ آهن پر ان جي باوجود هو هن حڪومت کان وڏو حصو گهرندو. ساڳي طرح سان هن حڪومت جي جوڙجڪ ۾ اها ايم ڪيو ايم به شامل آهي، جيڪا هاڻي به خوش ناهي. اها ڪڏهن به خوش نه رهي آهي. ان کي خوش ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل به آهي. پر صرف ايم ڪيو ايم ته ناهي. بلوچن جو به هن حڪومت جي حوالي سان اهم ڪردار رهيو آهي. ساڳي طرح سان آزاد ميمبرن کي به حڪومت پاران حصو کپندو. جڏهن ته هن حوالي سان وڏي ۽ اهم ڳالهه وري به اها آهي ته ڇا عمران خان هن حڪومت کي آسانيءَ سان هلڻ ڏيندو؟

عمران خان حڪومت ۾ هجڻ وقت ايترو مقبول به هو پر حڪومت مان نڪرڻ بعد هن جي مقبوليت جو گراف تمام گهڻو بلند ٿي ويو آهي. هن وقت عمران خان جي شخصيت ۾ جيڪا ڪشش آهي، اها اڳ ۾ ڪڏهن نه هئي. خاص طور تي جهڙي طرح سان عمران خان جي حمايت ۾ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني به نڪتا آهن. ان سان عمران خان کي وڏو حوصلو مليو آهي. عمران خان پنجاب ۾ ته حڪومت ڪري نه ٿو سگهي پر خيبرپختون خوا ۾ هن جي اڄ به حڪومت آهي. جڏهن ته هو اسيمبليءَ ۾ به وڏي طاقت رکي ٿو پر هن اسيمبليءَ مان استعفائون ڏئي ۽ حڪومت سان روڊن ۽ رستن تي مهاڏو اٽڪائڻ جي جيڪا پاليسي اختيار ڪئي آهي، اها شهباز شريف جي حڪومت کي تمام گهڻي مشڪل ۾ آڻي سگهي ٿي. ڇو ته ڪا به حڪومت ايترو گهڻو احتجاج برداشت ڪري نه ٿي سگهي. خاص طور تي جڏهن حڪومت کي حزب اختلاف نه هجي ته پوءِ اها قانوني گهرجون ڪيئن پوريون ڪندي. ان سلسلي ۾ تمام دلچسپ صورتحال پيدا ٿي پئي آهي.

اسان کي اها به سمجهڻ گهرجي ته جڏهن به ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ٿيندا آهن، تڏهن ننڍيون ڌريون بيحد اهم ٿي وينديون آهن، جي ڊي اي ڪا وڏي سياسي ڌر نه آهي پر هن وقت اها حڪومت لاءِ اهم ٿي وئي آهي. حڪومت ان جي سهاري سان حزب اختلاف جوڙي سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته ڇا جي ڊي اي عمران خان جو ساٿ نه ڏيندي؟ هي ته سياست آهي. هن ۾ ماڻهو واعدا گهٽ ۽ مفاد وڌيڪ پورا ڪندو آهي. جيڪڏهن ميان شهباز شريف جي ڊي اي کي هن جي من پسند مفاد سان نوازيندو ته جي ڊي اي عمران خان کان ڦري شهباز شريف جو پاسو وٺڻ ۾ ڪا دير ئي نه ڪندي. هن کي اهو چوندي ڪا تڪليف نه ايندي ته اڳ ۾ به هوءَ حڪومت جو حصو هئي ۽ هاڻي به حڪومت جو حصو آهي. پر جيڪڏهن جي ڊي اي حڪومت جو حصو بڻجي وئي ته اها مخالف ڌر جو ڪردار ڪيئن ادا ڪري سگهندي؟ پر سياست هڪ اهڙي دنيا آهي، جنهن ۾ ڪي نه ڪي رستا نڪري ايندا آهن. جيڪڏهن جي ڊي اي کي وفاق ۾ مخالف ڌر جي سيٽن تي براجمان ڪرڻو آهي ته هن کي سنڌ ۾ سيٽ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ان قربانيءَ جي نتيجي ۾ آصف زرداري جيڪو حصو گهرندو ان تي مسلم ليگ ن جي ميان نواز شريف واري لابي خوش نه ٿيندي. هونءَ به ميان نواز شريف ۽ هن جي لابيءَ جي نظر ۾ آصف زرداري ڪوئي پسنديده شخص ناهي. ساڳي طرح سان آصف زرداريءَ کي به معلوم هو ته ميان شهباز شريف ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ تفاوت به آهي ۽ ڪي اختلاف به آهن. ان ڪري هن انهن اختلافن جو فائدو وٺي پنهنجو ڄار اڇلايو ۽ هن وقت ته هو سياسي طور تي ڪامياب نظر اچي رهيو آهي. پر سوال پوءِ به اهوئي آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف جي حڪومت هلندي رهي ته ان سان آصف زرداريءَ جو به ڀلو ٿيندو پر جيڪڏهن اها حڪومت نه هلي سگهي ته آصف زرداريءَ کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو مدو پورو نه ٿي سگهڻ جو به ذميوار سمجهيو ويندو پر ان سان ڇا ٿيندو؟ ڇا پيپلز پارٽيءَ ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو آهي؟ جيڪو آصف زرداريءَ کان پڇاڻو ڪري سگهي؟ آصف زرداري به هڪ عملي ماڻهو آهي. هو شهباز شريف جي حڪومت سان اجايو ڦڏو نه ڪندو. پر جيڪو ڪجهه هو هن کان گهرندو هو ڪجهه هو ڏئي سگهندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button