ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اڳتي ڇا ٿيندو؟

Editorial-Article- Asar Imam

ملڪ اندر موجود سياسي، آئيني ۽ پارلياماني بحران لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي. بري خبر اها آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيل سويلين وزيرِ اعظم پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهيو آهي پر سٺي خبر اها آهي ته چونڊيل اسيمبلي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري رهي آهي. اڳوڻي وزيرِ اعظم پاران قومي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سپريم ڪورٽ اسيمبليءَ کي بحال ڪري ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر اڳوڻي وزيرِ اعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ وارو معاملو اينگهڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ رات جو ٻارهين وڳي تائين به کليل رهي ۽ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ معزز جج صاحبان عدالتي ڪمري ۾ موجود رهيا. سپريم ڪورٽ جي اهڙي چُستي ۽ سرگرميءَ منجهان اهو ثابت ٿيو ته جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ جي عدالتن اندر لکين ڪيس التوا جو شڪار بڻيا پيا آهن پر جيڪڏهن صورتحال بدليل هجي ته پوءِ اسان جو عدالتي سرشتو ايترو چُست ۽ سرگرم به ٿي ويندو آهي. عوام جا ڪيس ڀل سالن تائين فائيلن ۾ بند رهن، عوام جي ڪيسن ۾ ڀل حاضريءَ پٺيان حاضري ملندي رهي. ايتري تائين جو ڪجهه معاملن ۾ ته فرياديءَ جي حياتيءَ کان پوءِ ئي ڪيس جو فيصلو ڏنو ويندو هجي پر جڏهن معاملو عوام بدران خواص جو هجي ته پوءِ عدالتون پاڻ مرادو نوٽيس به وٺنديون آهن. پوءِ عدالتون اڌ رات جو به کوليون وينديون آهن ۽ عدالتون ڪنهن به اڻ وڻندڙ سرڪاري نوٽيفيڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ جو فيصلو اڳواٽ ئي ٽائيپ ڪرايون ويٺيون هونديون آهن.
خير، اسٽيبلشمينٽ ۽ معزز عدالت سڳوريءَ جي مهربانيءَ سان گڏيل مخالف ڌر پاران عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي عهدي تان هٽائڻ واري مهم ڪامياب ٿي وئي آهي. هاڻي سندس نالي اڳيان اڳوڻو وزيرِ اعظم لکيو ۽ پڙهيو وڃڻ ضروري بڻجي پيو آهي. نتيجي ۾ هُو به سپريم ڪورٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي نڪري پيو آهي. ڪلهه ڪلهوڪي ڳالهه آهي. اهو عمران خان عدالتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي اک جو تارو هئو ۽ ميان نواز شريف مجهي ڪيون نڪالا؟ وارو سوال کنيون در در جون ٺوڪرون کائي رهيو هئو پر هاڻي ساڳيو سوال عمران خان جي زبان تي آهي ۽ ڪير ٿو ڄاڻي ته اڄ جيڪي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي عمران خان کي گهر موڪلي چڪا آهن سڀاڻي انهن کي اهو ساڳيو سوال نه دهرائڻو پوندو!
عمران خان جو هيرو منجهان زيرو بڻجڻ وارو سفر گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال اڳ شروع ٿي چڪو هئو. ملڪ جي ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جا معاملا هجن، معاشي توڙي سياسي پاليسيون هجن ۽ ايتري تائين جو ملڪ جي اڪيلي سگهاري اداري جا اندروني معاملا هجن، عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ساڳي پيج تي بيهڻ جي هام ته هڻندو رهيو پر ان سان گڏجي بيٺو ڪونه. اسٽيبلشمينٽ وڏي محنت سان کيس ان مقام تائين پهچايو هئو ان ڪري اها به لڳاتار ڪوشش ڪندي رهي ته کيس ٻيڙي هلائڻ جو هنر سيکاري وجهي. پر خان صاحب منجهان سواءِ مايوسيءَ جي ٻيو ڪجهه پلئه نه پوڻو هئو سو نه پيو. جنهن کان پوءِ ان منجهان جان ڇڏائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو.
عمران خان پنهنجي حڪومت جا چار سال مخالفن کي گاريون ڏيڻ، ادارن کي هيڻو ڪرڻ ۽ سماج ۾ نفرت ۽ بدتميزي پکيڙڻ ۾ پورا ڪري ڇڏيا. کيس عملي طرح جيڪي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت هئي سو نه ڪيائين. عوام سان سچي ڳالهه ڪرڻ بدران ساڻن ڪُوڙا واعدا ڪندو ۽ دلاسا ڏيندو رهيو. ان ڪري هاڻي جيڪا حڪومت جُڙي آهي. ان کي عمران جي غلطانن منجهان سکڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. نئين حڪومت کي هڪڙي پاسي سمورن ادارن وچ ۾ تعاون ۽ اعتماد واري فضا قائم ڪرڻي پوندي ته ٻئي پاسي کيس گذريل حڪومت پاران ماحول ۾ ڀريل نفرت ۽ ڪروڌ وارو زهر ختم ڪرڻو يا گھٽ ۾ گھٽ گھٽائڻو پوندو.
نئين حڪومت کي اليڪشني قانون ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا. ڪجهه اهڙي قانون سازي ڪرڻي پوندي جنهن سان اليڪشن کي جيترو ٿي سگهي صاف شفاف ۽ قابلِ قبول بڻائي سگهجي. حڪومت کي نيب جهڙي اداري منجهان جان ڇڏائڻي پوندي جنهن جو حڪومت اعلان به ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن ان اداري کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي تڏهن به نيب جي قانون ۾ اهڙيون ترميمون ڪرڻيون پونديون جنهن سان ان جو غلط استعمال خاص ڪري سياسي مخالفن جي خلاف استعمال کي روڪيو وڃي. ان کان علاوه حڪومت کي مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻو پوندو ته جيئن عوام کي اڳين حڪومت پاران ڏنل سُورن جو ڪو درمان ٿي سگهي. ملڪ جي معاشي پاليسي اهڙي نموني جوڙڻي پوندي جنهن جي نتيجي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران به مزي ۾ هجن پر عوام تائين به ڪجهه پهچي ته جيئن عوام نئين حڪومت کي پراڻيءَ کان بهتر سمجهڻ لڳي. موجوده حڪومت کي ايندڙ عام چونڊن ۾ سوڀ ان بنياد تي ئي ملڻي آهي. هن وقت واري حڪومت ۾ 9 مختلف پارٽيون ۽ ڌريون شامل آهن. ان ڪري انهن جو هڪ ٻئي سان ٺهي هلڻ به تمام وڏو ۽ ڏکيو هدف آهي پر جيڪڏهن ميان شهباز شريف اهو بار نه کڻي سگهيو ته ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڇرڪائيندڙ به اچي سگهن ٿا.
تحريڪِ انصاف پيدائشي طور تي نه پر بعد ۾ گود ورتل ڪنگز پارٽي هئي. ظاهر آهي ان جو مقدر به اهڙو ئي ٿيڻو آهي جهڙو ٻين ڪنگز پارٽين جو ٿيندو رهيو آهي. منهنجو مطلب آهي ايندڙ عام چونڊن تائين پي ٽي آئي، مسلم ليگ قاف ۽ عوامي مسلم ليگ ۾ ڪو گھڻو فرق نه رهندو. هوريان هوريان ڪري تحريڪِ انصاف جا باقي بچيل ماڻهو به مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آئي وغيره ۾ شامل ٿي ويندا. هن وقت اسٽيبلشمينٽ ان انتظار ۾ آهي ته نئين حڪومت ٻه ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي. ان کان پوءِ خان صاحب جي اڳيان اسپيڊ بريڪر آندا ويندا. کيس اها اجازت نه هوندي ته ڪنٽينر تي چڙهي بيهي ملڪ جي سگهارن ادارن خلاف زهر اوڳاڇي. هيءُ ڪو زرداري ۽ نواز شريف جي حڪمرانيءَ وارو پراڻو دور ڪونهي نه وري خان صاحب اهو ساڳيو لاڏلو رهيو آهي. جيڪڏهن هُو نه مُڙيو ته صادق ۽ امين نه هئڻ جي ڏوهه ۾ تاحيات نااهليءَ جي سزا به سندس مقدر بڻجي سگهي ٿي. تحريڪِ انصاف جيئن ته ڪڏهن به حقيقت پسند نه رهي آهي. ان ڪري اڳتي به ان جي حقيقت پسنديءَ جا امڪان گھٽ آهن. نتيجي طور ان لاءِ پنهنجي غلطين ۽ غلطانن کي درست ڪرڻ جا امڪان به گھٽجي وڃن ٿا.
عمران خان جي ناڪاميءَ اهو ثابت ڪيو آهي ته هن ملڪ ۾ گڏيل حڪمراني، صلاح مصلحت کي اهميت ڏيڻ ۽ سڀني کي ساڻ ڪري هلڻ واري پاليسي ئي ڪامياب رهندي. انقلابي لفاظي پنهنجي جاءِ تي پر ڊگهي عرصي کان سياستدانن پاڻ پنهنجي غلطين يا لالچ جي ڪري اسٽيبلشمينٽ کي سگهارو پئي بڻايو آهي. ان ڪري هاڻي اهو ممڪن ڪونهي ته کيس هڪڙي ڌڪ سان اڻ ڌريو بڻايو وڃي. ان لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اوترو ئي وقت گھربل آهي جيترو وقت اسٽيبلشمينٽ کي سگهه ڏيڻ ۾ لڳو آهي. ڪو به سياستدان اڪيلي سر ۽ فوري طور تي اهو مقصد نه ماڻي سگهندو. سياستدانن کي گھرجي ته سموري ڪوشش پارلياماني سرشتي جي جٽاداريءَ تي لڳائين. سرشتي جي بقا ۽ جٽاداريءَ سان ئي ڪجهه نه ڪجهه اميد جاڳي ٿي ته هڪڙي ڏينهن سياستدان اسٽيبلشمينٽ کي سچ پچ ۽ هميشه لاءِ اڻ ڌريو بڻائي ڇڏيندا.
آخري ڳالهه اها ته عوام کي موجوده حڪومت ۾ تمام گھڻيون اميدون به نه رکڻ گھرجن. ان ڪري جو اها بهرحال اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان ئي ڪامياب ٿي آهي. ظاهر آهي ته ان کي اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي ئي هلڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته ان جو مقدر به تحريڪِ انصاف واري حڪومت جهڙو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button