ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران کي ٽڪراءُ مان ڪجهه نه ورندو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

اڳوڻو وزير اعظم عمران خان دنيا جي مھذب سياسي ليڊرن جيان جيڪڏھن ڦڏيبازي ڪرڻ بنا، آئين ۾ طئي ٿيل طور طريقي مطابق Gracefully ووٽنگ ڪرائي پنهنجي شڪست قبولي وٺي ھا ته سندس مان مٿانھون ٿئي ھا ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي مداخلت ڪرڻ جي لوڙ نه پوي ها.
نه ئي آئي ايس پي آر کي ڪور ڪمانڊرس ڪانفرنس کان پوءِ هڪ تفصيلي بيان جاري ڪري اھو چوڻو پوي ھا ته فوج ۽ عوام وچ ۾ ويڇا وجھڻ جي ڪوشش کي سختيءَ سان چيڀاٽي ڇڏبو.
ھي بيان سومر جي شام ڪور ڪمانڊرس جي گڏجاڻيءَ کان پوءِ جاري ڪيو ويو آهي جنھن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون جي حفاظت خاطر جيڪي به فيصلا ڪرڻا پيا سي ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اھي قومي سلامتيءَ سان سلهاڙيل آهن.
انھيءَ بيان ۾ سوشل ميڊيا تي عمران خان جي حامين پاران عسڪري ادارن خلاف ڪيل زھريلي پروپيگنڊا کي به سختيءَ سان ننديو ويو آهي. جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ھيٺ تڪڙ ۾ سڏايل سمورن فارميشن ڪمانڊرس فوجي قيادت طرفان آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم رکڻ لاءِ ظاهر ڪيل عزم تي سڀني عسڪري آفيسرن مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. بيان ۾ وڌيڪ چيل آهي ته ھي گڏجاڻي پاڪستان جي سموري فوج جو آواز آهي. سوشل ميڊيا تي فوج ۾ ڏڦيڙ بابت ڪوڙ لکيو ويو آهي ۽ اھڙا ڪوڙ گھڙيندڙ وطن دشمنن کي ڳولي هٿ ڪيو ويو آهي.
بعد ۾ ٽيليويزن جي خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انھن ستن ڄڻن کي لاھور، پشاور ۽ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو آهي جن اندر ويڇا وجھڻ جي ڪوشش ڪئي.
فيس بڪ (ميٽا) ڪمپني وارا پنهنجي ھرھڪ ڪلائنٽ کي سندن ڪجھه سال اڳ لکيل پوسٽون يادگيرين جي البم ذريعي اماڻيندا آهن. ٻه ڏينهن اڳ پنهنجين انھن پراڻين لکڻين کي پڙهي رهيو هئس ته منهنجو ٻه سال پراڻو ڪالم سامھون اچي ويو. سوچيم ته پڙھي ڏسان ته انھيءَ ڪالم ۾ مون ڪھڙا ڦاڙھا ماريا ھئا. اھو 11 اپريل 2020 وارو ڪالم پڙهي دنگ رهجي ويس. مون لکيو هو ته، “جيڪڏهن چين ۾ پکڙيل ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ ماڻهن تي موتمار حملو نه ڪري ھا ته وزير اعظم عمران خان کي واڳ ڌڻي گذريل مارچ ۾ ئي گھر ڀيڙو ڪري ڇڏين ها پر ھو ڪورونا وائرس مان اوچتو پيدا ٿيل خوفناڪ حالتن جي ڪري بچي ويو آهي.”
پڙھندڙن کي ياد ڏياريان ٿو ته نومبر 2021 ڌاري جمعيت علما اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ پنهنجي وردي پوش انصار الاسلام فورس سان گڏ جيڪو لٺ بردار ڌرڻو هڻي ويهي رهيو، ان کي ختم ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ چوڌري شجاعت حسين کي امين ڪري مولانا کي ڌرڻو ھٽائڻ لا اھو وچن ڏنو ھو ته ايندڙ مارچ واري مھيني ۾ عمران خان کي وزير اعظم جي عهدي تان هٽايو ويندو.
مولانا فضل الرحمان چوڌري شجاعت جي زبان تي سدائين اعتبار ڪندڙ ھو جنھن اھا آڇ قبول ڪري ورتي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي واپس پنهنجي پنهنجي شھرن ۽ ڳوٺن ڏانهن روانو ڪيائين. ڊسمبر ڌاري چائنا ۾ ڪورونا وائرس حملو ڪيو ۽ چين مان ھوائي جھازن وسيلي سفر ڪرڻ وارن منجھان ھي جيوڙا ايشيا، آفريقا ۽ يورپ کان آمريڪا تائين ڦهلجي ويا. سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري زندگي مفلوج ٿي ويئي ۽ ڌنڌا ڪاروبار تباھه ٿيڻ لڳا.
ھر ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي. پاڪستان ۾ اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون. اھڙي ڀوائتي صورتحال ۾ واڳ ڌڻين کي پنهنجو وچن پورو ڪرڻ جو وجهھ نه ملي سگهيو.
ھاڻي اچون ٿا ملڪ جي ھاڻوڪين سنگين حالتن تي جيڪي ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا به ماڻهن جا ھانو ڏارينديون، ڇاڪاڻ ته عمران خان جي ھوڏ ۽ ھوڙھيائي جي ڪري پاڪستان اندر جمھوري ڪلچر وڌڻ ويجهڻ بدران پوئتي ڌڪجي ويو آهي. جيڪڏهن مڃي وٺون ته کيس وزير اعظم جي عهدي تان هٽائڻ جي سازش آمريڪي حڪومت سٽي آھي ته ان جو بدلو کيس آمريڪا جي حڪمرانن کان وٺڻ گھرجي. ھو ملڪ اندر مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ ھڙتالون ڪرائي وڳوڙ ۽ افرا تفري پيدا ڪري آخر ڇا حاصل ڪري سگهندو؟ آمريڪا جي سازش کيس رڳو ھڪ ڏيڍ سال واسطي هٽائڻ لا ته ڪونه رٿيل ھوندي. ھو ھڪ ڀيرو جنهن به ملڪ جي سياسي ليڊر پويان ھٿ ڌوئي پئجي ويندا آهن، ان کي ٻيھر ڪڏهن به اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندا آهن. جيڪو گھڻو گوڙ ۽ گھپي ڪندو آهي، ان جو ته ڪم ئي لاھي ڇڏيندا آهن.
عمران خان ٻه ڏينهن اڳ وجود ۾ آيل شھباز شريف سرڪار کي بانبڙا پائڻ کان اڳ ۾ ئي دفن ڪرڻ جي نيت سان ھڪدم نئين سر عام چونڊون ڪرائڻ واري مطالبي کي ڳنڍ ڏيئي جو بيٺو آهي ته گھٽ ۾ گھٽ ڪجهھ ڏينهن کين ساھه کڻڻ ته ڏئي. نئين سر اليڪشن لاءِ جڏهن پي ڊي ايم وارا کانئس گھر ڪندا هئا ته پاڻ انھن کي ڇو ڇڙٻي ڇڏيندو هو؟ ضروري ھو ڇا ته کيس وزير اعظم ھائوس منجهان زوريءَ لڏائجي ھا؟
انھيءَ ڏيل ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ اڄ ھو نه رڳو مخالف ڌر وارن جو ويري ٿي ويو آهي پر انھن سان گڏوگڏ اسٽيبلشمينٽ جي رکوالن، اعليٰ عدالتن جي ججن، صحافين جي تنظيمن، ھائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ساکائتن اڳواڻن ۽ خود سندس ئي پارٽيءَ جي چوويهن قومي اسيمبلي ميمبرن جو به دشمن بڻجي چڪو آهي جن سندس تابعداري ڪرڻ بدران بغاوت ڪري ڇڏي.
منھنجي ذاتي راءِ ھي آهي ته قومي اسيمبلي جي سيٽن تان پنهنجن ھڪ سئو کان مٿي ميمبرن کان استعيفا ڏياري، عمران خان جمھوريت جي نفي ڪري ڇڏي آهي. 2013 وارين عام چونڊن کان پوءِ به ھن تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن جون استعيفائون تڏھوڪي اسپيڪر اياز صادق کي اماڻي ڇڏيون ھيون پر اسپيڪر ڏاڍي سمجھه ۽ ڏاھپ کان ڪم وٺي سندن استعيفائن کي قبول نه ڪيو. ھن قسم جي بدسلوڪي مان ته اھو ئي تاثر ملي ٿو ته آئون حاڪميت لاءِ پيدا ٿيو آهيان تنهن ڪري اپوزيشن بئنچن تي ڪڏهن به ڪونه ويھندس؟
بيشڪ عمران خان جلسا جلوس ڪڍي، پنهنجي عوامي سگھه جو ڏيکاءَ ڏئي پر ڇا اھڙن ميڙاڪن سان ھو وزير اعظم شھباز شريف جي حڪومت کي ڊاهي سگھندو؟ ھرگز نه. مون جنرل ضياءَ جي دور ۾ بينظير ڀٽو شهيد جو ڏھين اپريل 1986 تي لاھور وارو بي مثال استقبال اکين سان ڏٺو ھو ۽ لاھور کان پشاور تائين سڄو مهينو ساڻس گڏ رھيس. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي شھرن ۾ لکين ماڻهن جا انبوهھ ڏٺم پر جيسين جنرل ضياءَ جيئرو ھو، سندس وار به ونگو نه ڪري سگهي. ان زماني ۾ لاھور پنڊي اسلام آباد ۽ پشاور جي آبادي اڌ جيتري ھئي.
وزير اعظم ھائوس منجهان جنهن نموني عمران خان کي ھڪلي ڪڍيو ويو، ان لاءِ گرما گرم ماحول ھن پاڻ تيار ڪيو ھو. ان کان پوءِ جڏهن بني گالا واري پنھنجي ذاتي گھر ۾ شفٽ ٿيو ته اتان به وزير اعظم جا اختيار غير قانوني طريقي سان استعمال ڪري انھن ئي ڌرين کي چيڙائي وڌائين جن کيس حڪومت ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ مخالف ڌر جا مھڻا ۽ طعنا سٺائون. جيڪڏهن گذريل سال ستين نومبر تي حساس اداري مان جاري ڪيل اعليٰ سطحي مقررين ۽ بدلين جي حڪمنامي تي اڙي نه ڪري ھا ۽ ھڪڙي خاص شخص جو ديوانو نه بڻجي ھا ته ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس لاڳاپا ساڳي خوش اسلوبي سان قائم رهن ھا ۽ تڪراري حدن تائين نوبت نه پهچي ھا. پر ھٺ، ھوڏ ۽ ھوڙھيائي واري سخت مزاجي سبب عمران خان اڄ آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن سان پنهنجا پراڻا واسطا وڃائي ويٺو آهي. ھن مظلوم ھجڻ وارو جيڪو سانگ رچايو آهي، ان جي ڪري لاھور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ عمران خان لاءِ ماڻهن جيڪو آواز اٿاريو ، ان مان عوامي ھمدردي وارو جيڪو تاثر ٺھيو آهي، سو ايم آر ڊي جھڙي ڊگھي تحريڪ جو مٽ ته نٿو ٿي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو بنجڻ واري آس ته ھڪڙي بي تعبير سپني کان وڌيڪ ڪجھه به نه آهي. بھتر اھو ئي ٿيندو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو عھدو سنڀالي عمران خان جمھوريت جي آبياري ڪري. کيس اھا حقيقت به نه وسارڻ گهرجي ته پاڪستان ھڪ زرعي ملڪ آهي جتي شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻھراڙين جي آبادي تمام جھجھي آھي ۽ اليڪشن ۾ انھي آباديءَ جا ووٽ اصل فيصلو ڪندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button