اھا سنڌ سميت ملڪ لاءِ اھم خوشخبري آھي ته “پراڻو پاڪستان” خوشقسمتيءَ سان تازو موٽي آيو آھي ۽ “نئون پاڪستان” ختم ٿي ويو آھي. حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪجهھ اھم ڳالھين تي ويچار ڪرڻ مناسب ھوندو. اھا ڳالهھ نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جڏھن به ڪا احتجاج جوڳي سرڪار، عوام جي ڊگهي جدوجھد کانپوءِ ختم ٿي ويندي آھي ته ان جي جاءِ تي نئين سرڪار ايندي آھي ته عام ماڻھو ائين سمجهندا آھن ته ترت ڀلائيءَ جو طوفان اچي ويندو. عام طور صورتحال ايڏي آسان نه ھوندي آھي. عام ڀلائي ته ڪنھن حد تائين اچي سگهي ٿي پر خاص ڀلائي اچڻ ۾ وقت لڳندو آھي. ھونئن به ملڪ ۾ تباھيءَ وارين پاليسين خلاف ترت عمل ٿيندو آھي پر مکيه سڌارن آڻڻ ۾ دير لڳندي آھي. جڏھن به ڳاٽي ٽوڙ سرڪار ختم ٿي ويندي آھي ته گهٽ ۾ گهٽ ۾ اھو فائدو ترت ٿيندو آھي ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگايون ۽ ٻيون زيادتيون ترت وڌنديون ناھن ۽ ٻي اھم ڳالهھ اھا آھي ته پراڻي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ ٻين زيادتين کي ڪابه نئين سرڪار ترت پر مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ته ختم نه ڪري سگهندي آھي. جڏھن ته نئين سرڪار اڳتي ھلي لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪانه آڻيندي آھي پر پراڻين زيادتين کي گهٽائي سگهجي ٿو. تازو نئين وزيراعظم شھباز شريف عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪجهه فيصلا ڪيا آھن.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازي “نئين پاڪستان” جو ناٽڪ رچايو ھو پر اھو ملڪ کي ترقيءَ بدران تباھيءَ ڏانھن کڻي ويو. ھونئن به عمران خان نيازي، سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ جي حوالي سان، بلڪل ٻڙي ھو. ھو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻڻ جو شوقين ھو تنھن کان ھاڻي جند ڇٽي وئي آھي. عمران خان نيازي سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ “ٻڙي” ھو. سندس پوڻن چئن ورھين جي حڪمرانيءَ ۾،کليو کلايو ناجائز پاليسين ھيٺ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيائين جنھن ڪري نفرت جو ڪاروبار گهڻو وڌي ويو هو. سندس ناجائز پاليسيءَ ڪارڻ “نہ بڻجي سگهيو نئون پاڪستان”. بھرحال، نئين پاڪستان جو اھو ناٽڪ به سو سيڪڙو ناڪامياب ثابت ٿيو آھي. ھاڻي اھا ڪارروائي ٺيڪ ھئي ته عمران خان نيازيءَ کي ھٽائي، ملڪ کي تباھيءَ کان بچايو ويو آھي. اها سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ اھم خوشخبري آھي تنھنڪري اڳتي ھلي ملڪ جو آئيندو امن ڀريو ٿي سگهي ٿو.
بھرحال، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نيازي پنھنجن اقتدار جي 1332 ڏينھن يعني ٽي سال، ست مھينا ۽ چوويهھ ڏينھن ۾ ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بيروزگاري ۽ ملڪي توڙي پرڏيھي عوام دشمن پاليسيون آڻي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو. رب سڳوريَ جو شڪر آھي ته ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي جان برباديءَ کان بچي وئي آھي. ٻيو ته ٺھيو پر عمران خان نيازيءَ جا وزير ۽ سندس پارٽي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ خاص ڪري عام بيانن ۾ مخالف ڌر کي گاريون ڏيندا رھندا ھئا، جن ۾ ڪراچيءَ سان لاڳاپيل پي ٽي آءِ جا اھم اڳواڻ خاص ڪري شامل ھئا. ھاڻي عمران خان نيازي ته حڪومت مان نڪري ويو آھي پر سوچي سگهجي ٿو ته پبلڪ ۾ سياسي مخالفن کي گاريون ڏيندڙ سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن جو اڳتي ھلي گذر ڪيئن ٿيندو؟
شھباز شريف ملڪ جو 23 وزيراعظم چونڊجي ويو آھي. شھباز شريف کي اسيمبليءَ ۾ڪل 342 ووٽن مان گهٽ ۾ گهٽ 172 ملڻ ضروري ھئا پر کيس 174 ووٽ مليا. اھڙي ريت پاڪستان جي تاريخ ۾ عمران خان نيازي پھريون وزيراعظم ھو جنھن کي ووٽن ذريعي ھٽايو ويو آھي ۽ ٻي اھم ڳالهھ ووٽنگ دوران پاڻ اسيمبليءَ ۾ موجود ڪونه ھو.
وزيراعظم شھباز شريف کي قسم کڻڻو ھو پر صدر عارف علوي جنھن جو واسطو پي ٽي آءِ (ڪراچي) سان آھي تنھن بيمار ٿيڻ جو ناٽڪ رچايو. تنھنڪري چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي قائم مقام صدر طور کيس قسم کڻايو. بھرحال، نئين وزيراعظم شھباز شريف سرڪاري ملازمن جي پگھار ۽ پينشن 10 سيڪڙو وڌائڻ جو اڳ ۾ ئي اعلان ڪيو ۽ مزدورن جو گهٽ ۾ گهٽ معاوضو 25 ھزار رپيا به ماھوار مقرر ڪيو.
عمران خان جي ذھنيت ۽ معلومات بابت سندس بيان جو حوالو تازو بي بي سي دھرايو آھي. سندس چواڻي: عمران خان وزيراعظم طور دعويٰ ڪئي ھئي ته جرمني ۽ جپان جون سرحدون گڏ آھن، جڏھن ته جرمني يورپ کنڊ ۽ جپان ايشيا کنڊ ۾ آھن، مطلب تہ ھڪٻئي کان گهڻو پري آھن. اھو بيان مون اڳ به نوٽ ڪيو ھو. جڏھن ته ملڪ جو وزيراعظم ايڏو اڻ ڄاڻ ھجي ته انھيءَ مان چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ بيڪار ھوندي آھي.
ٻئي طرف، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي کانپوءِ ڇنڇر 09 اپريل 2022ع تي صبح جو اجلاس ٿيڻو ھو پر مختلف ناٽڪ ڪري اجلاس بار بار ملتوي ڪيو ويو ۽ رات جو 12 وڳي کان ڪجھه منٽ اڳ شروع ٿيو، جڏھن ته سپريم ڪورٽ ۽ ٻيا ادارا، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب قومي اسيمبليءَ جو ووٽنگ لاءِ اجلاس نه سڏائڻ تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ بلڪل تيار ويٺا ھئا. انھن اعلان ڪيو ته رات جو 12 لڳي 5 منٽن تي ڪارروائي ڪئي ويندي. بھرحال، رات جو ٿيل قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پي ڊي ايم ڪل 174 ووٽ کنيا.
بھرحال، اھا بردباريءَ سان سوچڻ جي ڳالهھ آھي تہ پ پ پ، ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪيو، جيڪڏھن ڪونه ڪري ھا ته ايم ڪيو ايم سندن پٺڀرائي ڪونه ڪري ھا، جنھنڪري سندن ووٽ به عمران سرڪار خلاف استعمال نه ٿين ھا. ايم ڪيو ايم سان اختلاف اسان کي به آھن پر اھو ٿورو بردباريءَ سان سوچڻو آھي ته اھي ووٽ عمران جي حمايت ۾ ھجن ھا ته پي ڊي ايم کي گهربل گهٽ ۾ گهٽ 172 ووٽ نه ملي سگهن ھا ۽ عمران سرڪار جو اقتدار برقرار رھي ھا ۽ اھڙي ريت پنھنجي ظلمن جو داستان سنڌ سميت سڄي ملڪ لاءِ دھرائيندو رھي ھا. تنھنڪري پ پ پ جو اتحاد ايم ڪيو ايم سان، عمران خان جي ظلمن کي ڏسندي، اختلاف باوجود مناسب آھي. مون ھڪ اھم پوسٽ اڳ به ڪئي ھئي ته “وڏي ڏوهه” کي ھٽائڻ لاءِ، “ننڍي ڏوهه” وارن سان اتحاد مجبوريءَ ۾ ڪرڻو پوندو آھي. جيڪڏھن نه ڪبو ته نواز ليگ يا پ پ پ يا اتحادين وٽ ڪل ايترا ووٽ ڪونه ھئا جو 172 ميمبرن تائين ووٽنگ لاءِ پھچي سگهن ھا. اھا ڳالھه بردباريءَ سان سمجهڻ کپي ۽ جذباتي نه ٿيڻ کپي مطلب اھو آھي ته ايم ڪيو ايم سان اڳتي ھلي اختلاف ٿين ٿا ته ڀلي قانون اندر انھن جي جائز مخالفت ڪريو.
عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، ڪراچي پريس ڪلب ۾ بيان ڏنو ھو ته “اندرون سنڌ” وارن کي ڪراچيءَ تي حڪمرانيءَ جو ڪو حق ڪونھي. مون سندس حڪمراني دور ۾ فيس بوڪ ۽ مختلف گروپن تي پوسٽون ڪري کيس کتو جواب ڏنو ۽ مثال ڏنا ته ھو پاڻ وزير اعظم آھي پر سندس واسطو اسلام آباد سان ناھي، ان کانسواءِ عمران سرڪار جون ٽن صوبن ۾ حڪومتون آھن، سو انھن جا به مثال ڏنم ته پنجاب ۾ وڏو وزير لاھور جو ناھي، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پشاور جو ناھي. جڏھن ته بلوچستان جو وڏو وزير ڪوئيٽا جو ناھي، پوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي سنڌ سان ايڏي نفرت ڇو؟
انھيءَ کانسواءِ، ملڪ جو صدر ڪراچيءَ جو عارف علويءَ آھي جيڪو سندس پارٽيءَ سان لاڳاپيل آھي تنھن کي به عمران خان جي وڃڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ھا. ھونئن به قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي کليو کلايو ڀڃڪڙي ڪندي، عمران خلاف ووٽ وجهڻ نه ڏنا ۽ پوءِ عمران خان صدر کي مسيج موڪلي اسيمبليون غيرقانوني ٽوڙيون ويون. بھرحال، غيرقانوني ڪارروايون ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ھا. چونڊ سومر 11 اپريل ٿيون جنھن ۾ شھباز شريف 23 وزيراعظم طور ڪامياب ٿيو جڏھن ته پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪيو.
جيڪڏھن عمران خان نيازي گڙٻڙ پيدا ڪرڻ بدران اقتصاديات سمجهڻ واري ٽيم بڻائي ھا تہ پوءِ سرڪار ۾ ھجي ھا يا مخالف ڌر ۾، فائدو سڀني جو ٿئي ھا پر منجھس ايڏي دورانديشي ڪونه ھئي. ڪنھن چيو ته عمران خان نيازي سستي شھرت لاءِ “بارودي سرنگ” وڇائي ھئي. منھنجي ڇنڊ ڇاڻ موجب عمران خان جو وزيراعظم طور ھٽڻ سنڌ سميت ملڪ جي عظيم فائدي ۾ آھي. اميد آھي ته اڳتي ھلي ملڪ نيٺ ترقي ڪندو ۽ تباھيءَ مان نڪري ويندو.