ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي بيانئي تي منڌيئڙو….!

Editorial-Article-Allahbux Rathore

عمران خان جي ميدان کان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ڇانيل ڪوهيڙي جا بادل صاف ٿي رهيا آهن. هڪ طرف اڳوڻو وزير اعظم ٻيهر بحراني صورتحال کي جنم ڏيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري شهباز شريف جي نئين آيل حڪومت پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون صرف ڪري رهي آهي. هينئر تائين ڏيهه توڙي پرڏيهه مان جيڪي نيڪ خواهشن جا پيغام آيا آهن، انهن مان شهباز شريف جي قبوليت جي تصديق ٿي وڃي ٿي. ملڪي معيشت ۽ سياست جا اهم ادارا جيڪي ڪنهن به حڪومت جي خوش يا ناخوش ڪرڻ جو پيغام ڏيندا آهن، اهي به هاڪاري موٽ ڏئي رهيا آهن. عالمي قوتن خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي پاڪستان لاءِ انتهائي ضروري آهن يا اهم سمجهيا ويندا آهن، جن ۾ آمريڪا، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون شامل آهن، انهن جو رويو به مثبت آهي، پاڙيسري ملڪن خاص ڪري ڀارت جنهن ڊگهي عرصي کان پاڪستان کي سفارتي سطح تي پاسيرو ڪرڻ ڪوشش ڪئي، ان جو رويو به مناسب نظر اچي ٿو. اتحادي حڪومت جنهن ۾ سموريون اهم سياسي قوتون شامل آهن، انهن گڏيل Wisdom کي ڪتب آندو ته موجوده پارليامينٽ نه صرف مدو پورو ڪندي، پر ان سان گڏ عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ جيڪي مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون، يا ائين چئجي تي عمران خان جي حڪومت جيڪي بارودي سرنگهون وڇائي وئي آهي، اهي به صاف ٿي وينديون.
عمران خان جي دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو، ان جو حساب ڪتاب اڃان شروع نه ٿيو آهي، پر امڪاني ڪارروائي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هاڻ کان ئي عمران خان جي پارٽي هڪ طرف قومي اسيمبلي مان نڪري وئي آهي ته ٻئي پاسي وري پراڻي بيانئي کي ورجايو پيو وڃي ته اڳوڻا حڪمران ايترا ته فرشتا صفت آهن، جو اهي ڌرتي جي گولي تي موجود بقول انهن جي ڪرپٽ ڌرين سان گڏجي ويهڻ لاءِ تيار ناهن. هي ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته عمران خان جيڪو بيانيو تيار ڪيو، جنهن ۾ خاص ڪري آمريڪا سان خراب لاڳاپا ۽ داخلي فرنٽ تي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان جنهن انداز سان ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ڪئي وئي، هاڻ ٺاپر واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. آمريڪي حڪومت جو رويو بلڪل تبديل ٿي ويو آهي ۽ پرڏيهي آفيس کان وٺي پينٽاگون ۽ وائيٽ هائوس جي ترجمانن جي بيانن جي ڀرمار آهي. هو پنهنجي پوزيشن کي واضح ڪندي چئي رهيا آهن ته انهن هائبرڊ حڪومت جي دور ۾ اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو، جنهن جي بنياد تي لاڳاپا خراب ٿين. مڙني وضاحتن جي باوجود وائيٽ هائوس جي ترجمان واضح ڪيو ته هي ڳالهه هاڻ به چئي نٿي سگهجي، جو بائيڊن پاڪستان جي نئين وزير اعظم کي فون ڪندو.
عمران خان جنهن بنياد تي حڪومت جي ڪمبل کي قابو ڪيو، اهو بيانيو آهستي آهستي واضح ٿي رهيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو هي چوڻ ته سلامتي ڪميٽيءَ جي پڌرنامي ۾ لفظ “سازش” جو استعمال نه ڪيو ويو، هو چئي رهيو هو ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي جو دفاع ڪري سگهي ٿي ۽ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. سفارتي سطح تي آمريڪا جي حوالي سان مراسلي کي معمول جي سرگرمي قرار ڏنو ويو، هن نوعيت جون ڪيبلز، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هونديون، اهي پرڏيهي آفيس ۾ موجود هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، اهڙين رپورٽس کي سازش ڪيئن قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ هي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. عمران خان جهڙا سياسي اڳواڻ، جن کي شايد ڏيهي توڙي پرڏيهي معاملن تي گرفت نه هئي، انهن جو هڪ اهڙي مراسلي کي، جنهن جو ڪوبه بڻ بڻياد نه هجي، ان جي آڌار تي مخالف سياسي قيادت کي غدار قرار ڏيڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. آمريڪي سازش جي جيڪا تاريخ ٻڌائي وڃي پئي، ان کان اڳ ۾ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون شروع ٿيون، انهن کي ڏسڻ به ضروري آهي. مثال طور آصف زرداري جو انٽرويو، جيڪو 2019ع ڌاري هڪ نجي ٽي وي چينل تي هلندي روڪرايو ويو، جنهن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻوليءَ ۾ آف ايئر قرار ڏنو ويو، ان انٽرويو جي روشني ۾ وري زرداري جو ٻيو انٽرويو سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو 2019ع کان عمران خان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي اتحادين سان رابطا ڪري رهيو هو، اصل ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو، جيڪو امڪاني گڏيل سياسي سيٽ اپ جوڙڻو هو، ان پلان کي عمران خان پاران رد ڪرڻ کانپوءِ تڪرار جي شروعات ٿي. زرداري به چئي رهيو هو ته عمران خان جا جيڪي اتحادي آهن، انهن مان ڪيترائي هن جا پنهنجا آهن، جيڪي تازي بي اعتمادي جي رٿ دوران نروار ٿي سامهون آيا.
عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي جواب ۾ جيڪو بيانيو ڏنو ويو آهي، ان کي وائکو ڪرڻ لاءِ واڳ ڌڻي ائين ميدان ۾ ايندا، ان جو شايد اڳوڻي وزيراعظم کي اندازو به نه هوندو. هي اعتراف ڪرڻ ته عمران خان آخري چال طور مخالف ڌر ڏانهن جيڪي ٽي آپشن موڪليا، انهن لاءِ آرمي چيف کي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو ويو. اصل ۾ هي عمران خان جي چال هئي، جنهن کي پي ڊي ايم سمجهي ورتو. ان پلان تحت عمران خان پاڻ اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ استعيفا جي آڇ ڪئي، جيئن نين چونڊن لاءِ رستو هموار ڪري سگهجي. عمران خان کي اندازو نه هو ته صورتحال ايتري ڳنڀير ٿي سگهي ٿي. اهي قوتون جيڪي ٽياڪڙي لاءِ اڳتي وڌيون، اهي ئي بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ نه ڪرائڻ تي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيون. ان ۾ ٻنهي ڌرين ۾ جيڪي تڪرار هئا، اهي به اوپن سيڪريٽ آهن. ان جا پيرا پهريان ئي کڻجي چڪا آهن. هي اهي اختلاف ئي هئا، جن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي. حڪومت جي خاتمي جا آخري منظر به انتهائي اهم هئا، جن مان ايندڙ حڪمران سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هي چئي ته عمران خان جي حڪومت خلاف ڪابه سازش نه سٽي وئي، هي خيالي پلاءُ هئا، آرمي چيف به پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائرمينٽ وٺي ويندو، ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي انڪشاف سامهون آيا، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جو بيانيو ڪيئن ساڀيان ٿيندو؟ ان سان گڏ نئين حڪومت جنهن کي خاص ڪري واپاري ۽ ڪاروباري دنيا ساراهيو هجي، ان کي ڪيئن مات ڏئي سگهبي؟ موجوده حڪومت، جنهن ويل اپوزيشن ۾ هئي، ان وقت اهو چوندي هئي ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان جو ساٿ ڇڏي يا رڳو پاسيري ٿئي ته ان کي ڪوبه بچائي نه سگهندو، هي بيانيو درست ثابت ٿيو. عمران خان جا حامي ڪي Die hard سياسي ڪارڪن به ناهن، نه ئي وري سندس سياسي پارٽي ڪنهن سياسي ارتقا ذريعي وجود ۾ آئي، اهڙي صورتحال ۾ هو پنهنجو وجود ڪيئن برقرار رکندو؟ هينئر عمران خان سميت ان جي اڪثريتي ميمبرن ته پارليامينٽ مان استعيفائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر 31 کان وڌيڪ اهڙا ميمبر به ظاهر ٿيا آهن، جن استعيفا ڏيڻ بدران پارليامينٽ ۾ رهڻ کي اوليت ڏني آهي. انهن ميمبرن جي خلاف ڪهڙي قاعدي مطابق ڪارروائي ٿيندي، هي به اڳتي هلي واضح ٿيڻو آهي. پر جنهن پارٽي جي ارتقا ۾ ڳڙٻڙ هجي، ان جي حڪومت ۾ اچڻ وارو معاملو ته ڪو خواب ئي ٿي سگهي ٿو، پر ان جو بيانيو به خطري ۾ رهندو. عالمي قوتن جي پاڪستان سان Engagements وڌڻ جي صورت ۾ صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي ويندي.
ان حقيقت کان ڪنهن کي به انڪار نه هوندو ته ماضي ۾ آمريڪا جو سازشي ڪردار رهيو آهي، ان حڪومتون به تبديل ڪرايون، پر هينئر صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي. اهڙي ملڪ ۾ جتي اسٽيبلشمينٽ اڳوڻن حڪمرانن جي خلاف واعدي معاف گواهه ٿي وڃي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي بيانيا جوڙيا ويا آهن، انهن جو زنده رهڻ مشڪل آهي. ملڪ ۾ گڏيل اپوزيشن جي ڪارڪردگي جي آڌار تي انهن جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو، جيڪي عمران خان کي ايندڙ 10 سالن تائين حڪمران قرار ڏيندا هئا، انهن کي پنهنجي وزن جي خبر پئجي چڪي آهي. هي سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن مستقبل قريب ۾ اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف واپس ڏيهه پهچي ٿو ته عمران خان جي سياسي اهميت ڪيتري رهجي ويندي؟ اسان وٽ پهريان ئي اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ پلجندڙ سياسي پارٽين جا مثال موجود آهن، جن کي ڪنگز پارٽيز سڏجي ٿو، انهن جو وڏو مثال (ق) ليگ آهي، ان کان اڳ ۾ ڪيتريون مسلم ليگيون به آهن، جيڪي سياسي منظر نامي تان مٽجي ويون يا وري انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهن. ڪيتريون ئي اهڙيون پارٽيون ون مين آرمي آهن. شيخ رشيد به ته ون مين آرمي آهي، جيڪو وري وري عمران خان کي اهڙا مشورا ڏيندو رهيو، جن حڪومت جي خاتمي کي ويجهو آڻي ڇڏيو. هاڻ صورتحال آهستي آهستي واضح ٿيڻ بعد سمورو مستقبل جو روڊ ميپ به سامهون اچي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button