ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل سنڌ جا آبادگار

Editorial-Article-Shahid Rajpar

سنڌ هڪ زرخيز، سائو ۽ قدرتي وسيلن توڙي معدنيات سان مالا مال ڌرتي آھي. سنڌ واسين جي زندگي جو جياپو زراعت تي آھي. سنڌ جون ڀاڄيون، ميوا به گهڻا ذائقيدار آھن، جيڪي ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ گهڻا مشھور آھن ۽ هڪ سٺي ويرائٽي طور ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو سنڌ جي ميوات شوق سان پنهنجي کاڌ خوراڪ ۾ استعمال به ڪندا آھن. سنڌ جا بمپر فصل ڪڻڪ، وونئڻ، سرنهن، ڪمند ۽ ميندي وغيره آھن ۽ بمپر فروٽ انب، زيتون، گدرا، ڇانهين/ هنداڻا ۽ ڪيلا وغيره آھن ۽ انهن کي ڏيھه توڙي پرڏيهھ ۾ پهچائڻ کان اڳ آبادگار ئي انهن کي رات ڏينهن هڪ ڪري سخت محنت سان تيار ڪندا آھن ۽ نه مينهن ڏسن نه طوفان، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سڄي دنيا آبادگارن جي محنت جو ڦل ته کائي ٿي پر وري ڀت سان به آبادگارن کي ئي لڳايو وڃي ٿو.
وڏا آبادگار وري به هڙان وڙان ڪري پنهنجو ڪم ڪڍي ٿا وڃن ۽ عتاب هيٺ وري به ننڍا زميندار ۽ آبادگار رهن ٿا. سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون آھن پر سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي. افسوس آھي جو پاڻي جي کوٽ گهڻو ڪري ننڍن آبادگارن جي پاڻي جي واري دوران ئي ٿيندي آھي ۽ اها هٿرادو کوٽ سنڌ جي مختلف شاخن تي مقرر ڪيل، آب دار، داروغا، بيلدار ۽ گيٽن تي بيٺل عملو ڪرائي رهيو آھي ۽ هيٺئين عملي کي وري ايس ڊي او ايريگيشن، انجنيئر ۽ مٿي ويٺل آفيسر سپورٽ ڪري رهيا آھن ۽ اسان جا نام نهاد سينيئر ۽ جونيئر سياستدان، چونڊيل نمائندا، هٿ ٺوڪيا سماجي اڳواڻ انهن جا مددگار لڳا آھن ۽ وڏا زميندار انهن کي ڳريون رشوتون من پسند تحفا ڏئي آواز بند ڪرائي ٿا ڇڏين ۽ وري ننڍن آبادگارن سان همدردي به جتائين ٿا ته اسان سان به زيادتي ٿي رهي آھي. اسان اوهان سان گڏ آھيون، ڪجھه سال اڳ اسان جي ضلعي نوشھروفيروز جي هڪ سينيئر سياستدان ڏانهن هڪ آبادگار پاڻي کوٽ جي شڪايت کڻي ويو ته ان کي اهو چئي خاموش ڪرايو ويو ته تنهنجي ڪيتري زمين آھي جنهن تي هن پنهنجي زمين جو ڪاٿو ٻڌايو. تنهن تي سينيئر سياستدان چيو ته اسان هزارين ايڪڙ زمين وارا خاموش ويٺا آھيون ۽ توهان ڪجھه ٽڪرن وارا رانڀاٽ پيا ڪريو، جڏهن ته ان سياستدان جا پنهنجي زمينن تي الڳ الڳ واه نڪتل آھن ۽ وارا بندي دوران به انهن ۾ پاڻي بند نه ٿيندو آھي،
سنڌ جي ٻين علائقن جي ته خبر گهٽ آھي پر ضلعي نوشھروفيروز ايريگيشن سب ڊويزن ٺاروشاهه تي مقرر ڪيل ايس ڊي او ته ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ۽ سهڙا مائينر سميت مڙني واهن، شاخن تي پنهنجا ماڻهو وارث ويهاري مختلف وقتن دوران دروازا اشارن تي هيٺ مٿي ڪرائي ٿو. جڏهن وڏن ۽ سڻڀن زميندارن جو پاڻي جو وارو اچي ٿو ته دروازا مڪمل مٿي ڪيا وڃن ٿا ۽ جڏهن ننڍن زميندارن ۽ آبادگارن جو پاڻي جو وارو اچي ٿو ته دروازا هيٺ ڪرائي هٿرادو وارا بندي ڏيکاري پاڻي بلڪل بند ڪيو وڃي ٿو يا وري دروازا ايترا ته هيٺ ڪيا وڃن ٿا جو پاڻي واٽرن تي چڙھڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ۽ اوڀر واري پاسي ۽ پڇڙي جا آبادگار ته پاڻي جي ڦڙي لا به پريشان ٿي وڃن ٿا.
ان دوران به ايس ڊي او ايريگيشن ۽ انجنيئرن جا مقرر ڪيل ماڻهو شاخن ۾ غيرقانوني نوليون ۽ ونجيون هڻائي اهو پاڻي به هٿ سان چوري ڪرائي ٿا ڇڏين ۽ شاخ جي ٻنهي ڪپرن تي بيٺل بااثرن جي ڪيلن جي باغن انبن ۽ نارنگين جي باغن ڏانهن لوڙھائي ٿا ڇڏين. جنهن سبب اوڀر واري پاسي ۽ پڇڙي جي آبادگارن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪير ايس ڊي او ايريگيشن کان پڇڻ چاهي ٿو ته ان کي ڌمڪائي خاموش ڪيو وڃي ٿو يا وري الزام مٿي ويٺل عملدارن تي هنيو ٿو وڃي ته انهن پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي يا وارا بندي جو جواز ڏنو وڃي ٿو.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جا حڪمران توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به هنن ايريگيشن عملدارن اڳيان بيوس بڻيل آھن. جيڪڏهن ضلعي نوشھروفيروز ۾ ننڍن آبادگان سان ايتري زيادتي ٿئي ٿي ته ٻين ضلعن ۾ ڇا حالت هوندي.
هينئر سنڌ ۾ ووئڻن سميت ٻين فصلن جي پوکائي جو وقت اچي رهيو آھي. زمينن کي ريج ڪرڻ لا پاڻي جي سخت ضرورت آھي ۽ ايريگيشن مافيا پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪريون. هينئر ئي پاڻي بند ڪريو ويٺا آھن ۽ وڏن زميندارن جي پاڻي جي واري دوران دروازا مڪمل کولي انهن کان پئسا وٺي راضي ڪيو ٿا وڃن ۽ هٿرادو وارا بنديون به ختم ٿيو وڃن ٿيون. ڏٺو وڃي ته ننڍن آبادگارن کي پاڻي جي مسئلي سميت زرعي يوريا ڀاڻ، دوائن جي مد ۾ پريشان ڪري ٻنهي هٿن سان لٽيو ڦريو ۽ پريشان ڪو وڃي ٿو ۽ وري جڏهن هيڏا وڏا خرچ ۽ پريشانيون سهيڙي فصل تيار ڪري ٿو ته رهي سهي ڪسر واپاري ڪڍيو ٿا ڇڏين ۽ فصلن جا اگھه ماري خريد ڪن ٿا. هينئر به وقت جي حڪمرانن وٽ وقت آھي ته سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺي سنڌ جي هارين ۾ وڌيل بيچيني ختم ڪن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ورڪ دوران هڪ ته پنهنجي نيڪ وارو عمل ٻڌائي سگهن ته اسان سنڌ جو بند ٿيل پاڻي کولرائي سنڌ جي آبادگارن کي حق وٺي ڏنا آھن پر افسوس آھي سنڌ جا چونڊيل نمائندن تي جو پاڻي کوٽ جهڙي اهم مسئلي تي به چپ جو روزو رکي وات سبيو ويٺا آھن ۽ سنڌ جي عوام جون اميدون پو به انهن خاموش حڪمرانن ڏانهن آھن ته انهن کي حق ملندا ۽ پاڻي کوٽ ختم ڪئي ويندي.
ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته سنڌ حڪومت توڙي وس وارن کي گهرجي ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري پاڻي خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ايريگيشن عملي ۽ وڏن زميندارن ۽ آبادگارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي ۽ ننڍن آبادگارن کي پنهنجي حصي جو جائز پاڻي ڏئي، انصاف ڪري مشڪلات مان ڪڍيو وڃي ۽ زرعي دوائن ڀاڻ ۽ دوائن جا ٻيڻا اگھه وصول ڪندڙن خلاف پڻ ڪارروايون ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button