نوجوان سماج ۾ ڪرنگهي واري هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿو. جيڪي سماج ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، نوجوان ئي هوندا آهن جيڪي ماضي، حال ۽ مستقبل کي گڏ کڻي هلندا آهن. هنن جي پٺن تي وزن هوندو آهي، هر ماڻهوءَ جون نظرون نوجوانن مٿان ئي هونديون آهن ته هاڻ، ملڪ، قوم ۽ پنهنجي سماج لاءِ جيڪو به ڪرڻو آهي، اهو ان نوجوانن کي ئي ڪرڻو آهي، ان جو ذميوار نوجوان ئي آهن ۽ اسان جي هن خطي جي آدمشماري ۾ نوجوانن جو انگ گهڻائي ۾ آهي.
دنيا ۾ نوجوان پنهنجي فرضن تي پورو لهندي نظر ايندا آهن پر اسان وٽ نوجوانن جو قصو ئي الڳ آهي،اسان جو نوجوان مختلف مسئلن جي ور چڙهيل آهي. بنيادي طور مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جو نوجوان ان جو وڌيڪ شڪار ٿيندو آهي، پر ائين به ناهي اپر ڪلاس جا نوجوان به گهڻا ساڳين ئي مسئلن جي ور چڙهيل هوندا آهن. ان جا سبب به الڳ آهن.
اپر ڪلاس جو نوجوان ان ڪري به تباهه آهي ته ان تي اهو ڌيان ناهي، اپر ڪلاس جي نوجوان جا والدين ڪاروبار، ڪمن ڪارين ۽ دنياداريءَ ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويندا آهن جو انهن وٽ پنهنجي اولاد کي ڏيڻ لاءِ وقت ئي ناهي ملندو. اهي نوڪرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل هوندا آهن. گهربل ڌيان ۽ پيار نه ملڻ ڪري انهن ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿي پوندي آهي. جنهن جي ڪري اهي خطرناڪ قسم جا سهارا وٺندا آهن جيئن آواره گردي ڪرڻ، گهڻي انگ ۾ مختلف قسم جو خطرناڪ نشو واپرائڻ يا فحاشي ڪري پاڻ کي ريليڪس رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جنهن سان هنن جو اندر سلوپائيزن وانگر پيو ڳرندو آهن ۽ آخر ۾ اپر ڪلاس جا اهڙا نوجوان بيزار ٿي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن.
هاڻي اچون ٿا هيٺئين طبقي تي، جنهن ۾ پاڻ سڀ رهون ٿا. پاڻ سڀ ان طبقي سان واسطو رکون ٿا. اسان جو بنيادي مسئلو طبقاتي نظام آهي. اسان وٽ هر طبقي لاءِ الڳ الڳ نظام آهي. الڳ الڳ سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن. هتي اسپتال کان ويندي اسڪول تائين طبقاتي نظام جڙيل آهي، طبقاتي نظام جي ڪري ئي اسان وٽ اوتري گهڻي غربت ۽ بدحالي آهي.
مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جي ٻار تي ننڍي هوندي کان ئي ذميوارين جا پهاڙ ڪيرايا ويندا آهن، جنهن ڪري بس ان جي نفسيات ئي اهڙي ٿي ويندي آهي ته سڀ ڪجهه کيس مينيج ڪرڻو آهي، سڀ ذميواريون هن جون آهن، جيڪي هن کي ئي پوريون ڪرڻيون آهن ۽ هو اهو وزن پنهنجي ذميواري سمجهي قبر تائين نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پهرين ئي هن سان جيڪو سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ وارتائون ٿي گذرنديون آهن، انهن مان مس جان ڇڏائي هاءِ اسڪول تائين پهچي ٿو ته اتي قصو ئي الڳ لڳو پيو هوندو آهي. ائين ڌڪن ٿاٻن ۾ هو وڏي مشڪل سان انٽر پاس ڪري ٿو. يونيورسٽيءَ ته هن جو خواب ئي رهجي ويندي آهي. اسان جو نوجوان اڃان انٽر جي پيپرن جي تياري پيو ڪندو ته گڏوگڏ سندس گهران ڳيچن جا آواز به پيا ٻڌبا آهن. انٽر کان پوءِ شادي ڪري هو پنهنجي ئي شهر يا حيدرآباد، ڪراچي ڏانهن روزگار سانگي رخ ڪندو آهي، ڇو ته نه وٽس ايترو پئسو نه هوندو آهي جو پنهنجو ڪاروبار ڪري سگهي، نه ئي ايترو پئسو هوندو آهي جو رشوت ڏئي ڪا پٽيوالي ئي وٺي ۽ پوءِ بس پاڻ ئي پيو ڪمائيندو آهي ۽ پاڻ ئي پيو کائيندو آهي. ائين ئي سندس زندگي پئي گذرندي آهي.
انهيءَ طبقي مان ڪو نوجوان همت ڪري اڳتي نڪري اچي يونيورسٽيءَ کي پهچندو ته يونيورسٽيءَ ۾ به سندس لاءِ هزارين مسئلا ڪَرُ کنيو بيٺا هوندا آهن. جنهن کي منهن ڏيڻ سندس لاءِ هڪ وڏو چيلينج هوندو آهي. هڪ ته يونيورسٽيءَ جون فيون ڳريون، مٿان وري ننڍا ننڍا چالان ۽ خرچ سندس رهيو حال به پورو ڪري ڇڏينديون آهن. اسڪالرشپ جي آسري هو مڙئي رڙهڻ شروع ڪندو آهي ته هڪ ئي وقت سندس لاءِ گهڻيون ٻيون به مشڪلون سامهون هونديون آهن. پويان گهر وارن کان آسرو پورو سارو، هتي جهان ڳرو، هاسٽلن جي في، کاڌو پيتو، ڪپڙن لٽن، سميت الائي جي ڪيترا سنها سنها خرچ سندس اڳيان هوندا آهن، وري مٿان انتظاميا ۽ اسان جي استادن ۽ اسٽاف جو رويو ته ورلي ڪنهن ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ هوندو. هاڻ انهن سڀني مسئلن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻ هڪ نوجوان تي ڇا گذرندي، هو ڇا ڇا ڪري.
پوءِ اهو نوجوان مونجهاري ۽ پريشانين جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، جيڪي بظاهر ته ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه اينديون آهن پر سندس اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ هوندي آهي، اها ڪير به محسوس نه ڪري سگهندو هوندو. انهن مان پوءِ ڪي نوجوان ثابت قدم رهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي پار پئجي ويندا آهن ۽ پوءِ سٺن ادارن ۾ وڃي سک جو ساهه کڻندا آهن، ڪي واپس ڳوٺ وڃي اباڻي ڪرت کي لڳندا آهن ته ڪي وري پرائيويٽ اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر پڙهائي پيا گذران ڪندا آهن.
پر انهن مان هن وقت گهڻائي انهن نوجوانن جي آهي، جيڪي انهن سڀني مرحلن مان گذري گهڻو ڪجهه برداشت ڪري آخر ٽٽي پوندا آهن ۽ خودڪشي ئي کين آخري منزل لڳندي آهي ۽ ڏينهون ڏينهن اهڙن واقعن ۾ واڌارو پيو ٿئي. نوجوانن کي سڀني مسئلن جو حل فقط خودڪشي يا پنهنجي پاڻ جي انت ۾ ئي نظر اچي ٿو ۽ هو ڪنهن عظيم سورهيه وانگر خودڪشي واري ڦاهي کي مرڪندي، چمندي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو پيا اجھائين. اسان جو سماج هاڻي خطرناڪ پاسي پيو وڃي، نوجوان جيڪو سماج جي ڪرنگهي جي هڏي وانگر هوندو آهي، اهو موجوده حالتن ۾ ڪمزور، هيڻو ۽ ٽٽندڙ نظر پيو اچي. اسان جا نوجوان تباهه ٿي رهيا آهن، اسان جو نوجوان نفسياتي مريض بڻجي ويو آهي، هو هن سماج ۽ هن سسٽم مان تنگ ٿي ويا آهن.
اڄ جي نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ ادارن ۽ هر فرد کي اڳتي اچڻو پوندو، پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، مدي خارج سسٽم کي ختم ڪرڻو پوندو. پاڻ ۾ سڌارا آڻڻا پوندا، ادارن ۾ سڌارا آڻڻا پوندا. نوجوانن کي اهميت ڏيڻي پوندي، اها وقت جي ضرورت آهي، کين حوصلي جي ضرورت آهي ۽ روزگار جي ضرورت آهي، سڪون جي ضرورت آهي، اهو سڀ ڏيڻ لاءِ، سڌارا آڻڻ لاءِ نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ اسان کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان سڀني کي گڏجي هيءَ جاڳرتا مهم هلائڻي پوندي ته، نوجوان بچايو، سنڌ بچايو، قوم بچايو، نسل بچايو.