سنڌي سماج تاريخي يا حقيقي لحاظ کان هڪ شاهوڪار، سُلجهيل ۽ پُرامن سماج طور ليکيو وڃي ٿو، صدين کان رائج هتي جو مذهبي ڀائيچارو، سهپ، سهڪار، پيار ۽ پريت دنيا لاءِ ڄڻڪ مثال هُجي. موهن جي دڙي جي آثارن مان اهو معلوم ٿيو آهي ته قديم سنڌي تهذيب ۾ جنگ و جدل ۽ مزاحمت جو ته ڪو تصور ئي ڪونه هو، هتان ملندڙ نرتڪيءَ جي مورت، زيورن، سازن سرندن مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته آڳاٽو سنڌي سماج هڪ سُڌريل، فن ۽ ڪلاڪاريءَ سان سجايل اورچ تمدن جو حامل رهيو آهي، سنڌو تهذيب جي آثارن مان ڪو به جنگي هٿيار، ڀالو ڀڙڇي ڪونهي مليو، جو دنيا اسان کي ويڙهاڪ قوم چئي سگهي، اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن کان وٺي اسان سنڌ وارن جي امن پرستيءَ کي ڪمزوري سمجهي هر ڪو سنڌو ماٿريءَ تي ڪاهون ڪندو پئي آيو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين به مختلف حربن ۽ حيلن سان هلندو پيو اچي.
اها ڳالھه مڃيل آهي ته اسان جي سُهڻي ۽ سُڌريل تهذيب ۾ سماجي قدر، عزت ۽ احترام، هڪٻئي جي لڄن لوئين جي حفاظت ڪرڻ، مذهبي سهپ جهڙا گُڻ مٿانهين حيثيت ٿا رکن، منهنجي خيال ۽ مُشاهدي موجب ان ڳالهه جا ڪي پهلو رڳو ڪتابي چئي سگهبا، ڇو ته هاڻي اسان رڳو ٻاهرين ۽ ڌارين لا ئي نرم دل ۽ مهمان نواز آهيون، جو دل کولي انهن آڏو ته سڀ ڪجهه پيش ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهيون پر پنهنجن جي رت جا ڄڻڪ پياسا ھجون. ڇو ته سنڌ جي سماج ۾ اهڙيون ڪڌيون رسمون، رواج ۽ لاڙا به موجود آهن، جن سبب اسان جي پاڻ ۾ ڀائپيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، راڄوڻي فيصلن ۽ پنجائتن جي شاهي فرمان نما حڪمن ۾ ٿيندڙ نبيرن ۾ سڱ چٽي، حق بخشرائڻ، بيواهن ۽ طلاق ٿيل عورتن کي ٻي شاديءَ کان سڄي زندگي روڪي رکڻ، ڪارو ڪاري، ڏنڊَ ڏنَ، خانگي جيلن ۽ بيگارخانن ۾ گڏهن جيان وهائڻ، بدفعلي ڪندڙ جوابدار جي ڌيءَ يا ڀيڻ سان اجتماعي ۽ سرعام زوري ڪرڻ، ڏوهاريءَ جي ڏاڙهي، مڇن، ڀروئن، مٿي جي وارن جو هڪ هڪ پاسو ڪوڙي، منهن تي ڪاراڻ ملي، جوتن جي ڪنڊي پارائي گڏهه تي ويهاري ھڪ انسان جي تذليل ڪرڻ، راڄ نيڪالي ڏيڻ ۽ سماجي تعلق ٽوڙڻ جهڙين نامناسب سزائن کان سواءِ انيڪ رواج ۽ رسمون آهن جن کي بيان ڪرڻ سان ڪنڌ به شرم وچان جهڪيو پوي ٿو. ان لاءِ جو اهي ڪڌيون رسمون، رواج هاڻوڪي وقت ۽ تقاضائن سان ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيون ٺهڪن، پر اسان منجهھ جهڙوڪ گهر ڪري ويھي رھيون هجن.
اسان وٽ پڙهيل ڳڙهيل، سلڇڻو طبقو ۽ فرد به ڪڏهن ڪڏهن اهڙن رجحانن جو شڪار ٿيندي ۽ حمايت ڪندي نظر ايندو آهي، اهو هڪ الميو آهي ڇو ته دنيا جيڪا مادي ترقيءَ جون اڻ کٽ منزلون لتاڙيندي ان هنڌ وڃي پهتي آهي جنهن بابت اسان جي ابن ڏاڏن سوچيو به ڪونه هوندو، پر افسوس سان اهو ٿو چوڻو پوي ته سندن اولادَ هن زماني ۾ به انهن مدي خارج رواجن ۽ طور طريقن کي صحيح به سمجهن ۽ پنهنجن مخالفن کي زير ڪرڻ لاءِ اهي هٿيار استعمال به ڪن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ تهذيب جي وصف ۾ نه ٿا اچن، ان ڪري اسان جي سهپ مٽيءَ ۾ مليو ڌوڙ ٿيو وڃي.
پراڻي زماني ۾ اڻ سڌريل ۽ ڦٽاڙي جو شڪار ٿيل گهراڻن ۾ اهو دستور هوندو هو ته دشمنيون ڪئي نسلن تائين پيون هلنديون هيون، ان دوران جنگيون، جهيڙا جهٽا ۽ رت جون رانديون ايستائين پيون هلنديون هيون جو ٻنهي منجهان ڪا هڪ ڌر آڻ نه مڃي، تڏهن وڃي ڪا ٺاپر ٿيندي هئي، اهو وير يا تڪرار گهڻو ڪري سرد جنگ جي انتهائي صورت اختيار ڪري وٺندو هو، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جو سماجي بائيڪاٽ به ڪنديون هيون يا جيڪو ڏاڍو سو گابو هوندو هو، نه رت جي رشتن جي لڄ ۽ حرمت جو خيال، نه ڪو لچڪ يا نرمي، ھو پاڻ اڪيلو نه بلڪ سندس سڄو ڪٽنب ۽ کانئس جيترو به پڄندو هو پنهنجن مٽن مائٽن، اوڙي پاڙي کي به مخالف ڌر سان هر قسم جي ڏيتي ليتي، لھه وچڙ ۾ اچڻ کان علاوه شادين غمين ۾ به شرڪت کان روڪيندو هو، عرض ڪيم ته هي رجحان اڄڪلهه به پنهنجا جلوه خوب پسائيندو اچي.
اسان پنهنجي ٻاراڻي وهيءَ کان وٺي هاڻي تائين پنهنجي ڳوٺ، علائقي ۽ ماحول ۾ راڄ نيڪاليءَ جهڙي اڻوڻندڙ ڪاري سماجي قانون کي به ڏٺو، اهو سڀ ڪجهه ڳوٺ جي چڱي مڙس جي طرفان ٿاڦيل فيصلو هوندو هو، ماڻهو به جوابدار کي ٻارن ٻچن سميت ڳوٺ راڄ ۽ برادري مان نيڪالي ڏيئي پيا خوش ٿيندا هئا پوءِ نه ڪو هوندو هو سار لهڻ وارو نه ئي شادي غمي جي موقعن تي ساٿ ڏيڻ وارو، سلسلو ايستائين هلندو هو، جيستائين هو نياڻيون ميڙ ڪري تڏي تي نه پهچندو هو يا پٽڪا لاهي پيرن تي رکندو هو، بعضي ته راڄ جو ڪو خير خواه، خاشو فرد وچ ۾ اچي جوابدار جو ضامن ٿي ڪري کيس ڳوٺ راڄ سان ڳنڍيندو هو ۽ پرچاءُ ڪرائيندو هو نه ته بس. اها راڄ نيڪاليءَ جي سزا ته ڳوٺن، برادرين جا چڱا مڙس، وڏيرا يا انهن جا نمائندا، ڪمدار گڏجي ڪري ٻڌائيندا هئا، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو هڪڙو شخص به پاڻ مرادو جيڪو ڀلي حيثيت وارو يا بااثر نه به هجي سو به قدم کڻندي پنهنجن مٽن مائٽن، ڳوٺاڻن، دوستن يارن کي ان عمل طرف هيسائيندو آهي، جنهن کي ڪنهن به وڏيري، معزز يا چڱي مڙس جي آشيرواد ناهي به هوندي، بس جنهن سان به اڻوڻند ٿيس، زمين، پلاٽ تان تنازعو ٿيو، ٻار ٻچا راند ڪندي وڙهي پيا، ڪو جانور کيٽ ٻنيءَ ۾ ڪاهي پيو، يا ڪا ننڍي وڏي انساني خطا ٿي پيئي، بس وير، دشمني، مخالفت شروع. هڪٻئي کي داٻا دڙڪا، الزام تهمتون، فيصلن لاءِ بااثرن جي اوطاقن جا چڪر. جيستائين وري ڦِري ڪجهه تيستائين هر فرد پنهنجي عدالت لڳايو ويٺو پاڻ مرادو پروانا ڪڍي ۽ پنهنجن عزيزن، مٽن مائٽن کي ان ڳالهھ تي مجبور ڪري ته ڦلاڻي جي ڪاڄ راڄ، شادي شادياني، ختمي خيرات جي دعوت ڪو به قبول نه ڪري، جيڪڏهن اسان جو لاچار يا ضرور اٿو ته ٺيڪ نه ته پوءِ ميارون متان ڪجو. ويچارا مٽ مائٽ، دوست يار به مجبور، تڪرار جي نبيري تائين دعا دوا، سلام ڪلام، شادين مرادين جون دعوتون به ڪير ڪونه قبولي، ڀلي سامهون وارو ڪيڏو به ويجهو مٽ مائٽ، پاڙيسري ئي ڇو نه هجي، سڀ ڪجهه وسريو وڃي، دشمنيءَ ۽ انا پرستيءَ ۾ پنهنجا به پنهنجن سان هيڏا هاڃا ڪريو وجهن. ڇڱا چوکا مڙس، لکيل پڙهيل، ڳڙهيل ڪڙهيل فرد به اها ڳالھه وساريو ويهن ته هيءَ سراسر جاهليت، انساني حقن جي لتاڙ، اخلاق ۽ تهذيب جي ابتڙ توڙي جديد تمدن ۽ ان جي ماهيت جي خلاف، اظهار ۽ آزاديءَ سميت پنهنجن توڙي پنهنجائپ جي جذبن جو قتل هجڻ سان گڏ هڪ جاهلاڻو بدبودار فعل آهي جنهن جي ته اڄڪلهه جي جديد دور ۾ ڪا گنجائش ئي ڪانھي.
سڄي دنيا جي آڳاٽين توڙي هاڻوڪين رياستن، اتي رائج دستورن ۽ تهذيبن ۾ وڏن وڏن ڏوهن جهڙوڪ ملڪ، رياست ۽ رياستن جي قيام يا بنياد جي نظرين خلاف ڳالهائيندڙ اتي جي آئين يا دستور خلاف لکندڙ، پروپيگنڊو ڪندڙ، رياست خلاف بغاوت يا غداري ڪرڻ جهڙن ڏوهن کان سواءِ ٻين گناهن جي بدلي ۾ ڪنهن به شهري کي راڄ نيڪالي، ديس نيڪالي ۽ سماجي بائيڪاٽ جهڙي سزا کي ساراهه جوڳو عمل ناهي قرار ڏنو ويو، پاڪ ڪتابن ۾ ته ان فعل کي سختيءَ سان ننديو ويو آهي.
دين اسلام جنهن ۾ انساني حقن بابت تفصيلي هدايتون ۽ حڪم موجود آهن، سماج جي هرفرد کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي تاڪيد به ڪيل آهي، اتي هرفرد کي اهو چيو ويو آهي ته پنهنجي اوڙي پاڙي، مٽن مائٽن، دوستن يارن سان جوڙي رکي ۽ ٽوڙ ڦوڙ کان پرهيز ڪري. سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب رحه به جوڙڻ وارن سان ناتا رکڻ جو درس ڏنو آهي. سندن مشهور بيت آهي:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا.
هڪ خوشحال ۽ خوشگوار معاشري جي قيام لاءِ ان جي سڀني ايڪائين وچ ۾ محبت، ڀائيچاري، احترام ۽ سهپ کي رواج ڏيڻ هرهڪ فرد جي اولين ذميواري آهي ته جيئن اسان جي وايومنڊل مان نامناسب رواجَ، خيال، سوچون، وڏيرڪا قانون ۽ مرگهيءَ سٽيل اصول نيڪال ٿي سگهن، سنڌي تهذيب ۾ مثبت روح وجهڻ لاءِ اسان سڀني کي عملي قدم به کڻڻا پوندا، ساڃاهه وند طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو.