ملڪ مزي ۾ ناهي. هونءَ ته پاڻ واري ملڪ جي مقدر ۾ سياسي سڪون جهڙي ڪا شيءِ لکيل به نه رهي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ملڪ جون حالتون تمام بگڙي وينديون آهن. ان مهل اسان کي لڳندو آهي ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي تلخ دور مان گذري رهيو آهي. هن مهل به ملڪ جي ڪجهه اهڙي حالت آهي. ماضيءَ ۾ جڏهن سياسي مونجهارا پنهنجي عروج تي پهچي ويندا هئا، تڏهن محسوس ٿيندو هو ته اجهو آمريت آئي. پر هاڻي آءِ ايس پي آر جي اعلان کان پوءِ به اهڙو ڪو خدشو به باقي نه بچيو آهي. ان ڪري سياسي پارٽيون وڌيڪ بي خوفيءَ سان کلي کيڏي رهيون آهن. انهن جو کيل اهڙو انداز اختيار ڪري ويو آهي جو سياسي افراتفري پنهنجي عروج تي آهي. هڪ طرف فوج سياسي “سياسي مداخلت” مان هٿ ڪڍڻ جو گهٽ ۾ گهٽ اعلان ڪري ويٺي آهي ۽ ٻئي طرف عمران خان عوام جي سياسي سونامي تيار ڪري رهيو آهي. ٽين طرف سوشل ميڊيا جي سرڪشي آهي، جنهن سبب فوج به پريشان آهي ۽ سپريم ڪورٽ به حيران آهي ته اهڙي سرگرميءَ کي ڪهڙي ريت ڪنٽرول ڪجي؟
آڌي رات جو عدالت لڳڻ جو ڏک ڪپتان جي دل ۾ واسو ڪري ويو آهي. عمران خان جا مخالف دانهون ڪري رهيا آهن ته هن جا همراهه هاڻي لفظي نه پر “عملي بحث” ڪرڻ تي لهي آيا آهن. تحريڪ انصاف جو نعور تي نعرو آهي ته “امپورٽيڊ حڪومت نامنظور.” جڏهن ته لنڊن جي ميفيئر علائقي نواز شريف جي گهر آڏو “چور چور” جا نعرا لڳي رهيا آهن ته ان جي بدلي ۾ مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن مائي جمائما جي گهر آڏو نعرا هڻڻ لاءِ پهتا آهن. ان صورت ۾ پاڪستان جي جيڪا عالمي سطح تي اڃان به وڌيڪ رسوائي ٿي رهي آهي، ان تي ڪوئي ته پريشان به هوندو. اها مخالف ڌر جيڪا قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏئي سڙڪ تي اچي وئي آهي، ان اڃان صوبائي اسيمبلين مان استعيفائون نه ڏنيون آهن ۽ ان جا مقرر ٿيل گورنر آهستي آهستي پنهنجن شاهي گهرن کان موڪلائي رهيا آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف نيون چونڊون ڪرائڻ کان سواءِ ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بنهه تيار نظر نه ٿي اچي. مسلم ليگ (ن) به مڃي ٿي ته مسئلي جو حل نيون چونڊون آهن. جڏهن ته پيپلز پارٽي اڃان تائين اهڙي صورتحال لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي. ڇو ته پيپلز پارٽيءَ جيڪو سياسي داءُ هنيو هو، ان جو ليش بيڪ Lash back هن لاءِ پڇتاءُ جو سبب بڻجي رهيو آهي. عمران خان جي وڌندڙ سياسي مقبوليت ته فقط مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ ئي نه پر هاڻي ته ايم ڪيو ايم لاءِ به پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻجي وئي آهي. ڪنهن کي به پنهنجو سياسي مستقبل سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ان حد تائين جو ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ عمران خان به پريشان آهي ته ملڪ کي اڳتي ڪيئن وٺي هلبو؟
اڳوڻي مخالف ڌر ۽ هاڻوڪي حڪومتي ڌر ٻه چار ميمبر منحرف ڪري عمران خان کي بني گالا ته موڪليو پر هن جي ردعمل کي روڪڻ انهن جي وس جي ڳالهه ناهي. هاڻي اهو سچ محسوس ٿي رهيو آهي ته جهڙي ريت عمران خان چئي رهيو هو ته هاڻي مان وزيراعظم هائوس ۾ ويٺو آهيان. ڪڏهن ڪنهن ميٽنگ ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ميٽنگ ۾، جيڪڏهن مون کي حڪومت مان هٽايو ويو ته مان روڊن تي اچي ويندس ۽ انهن لاءِ گهڻو خطرناڪ ٿي ويندس. هن وقت هن شخص جي اها چيل ڳالهه سچ ثابت ٿي رهي آهي. هڪ طرف عمران خان جي حمايت ۾ ماڻهن جو ميڙ هر ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ مخالف ڌر جي نه مڃڻ تي ماڻهن انهن مٿان کلي رهيا آهن. ٻئي طرف مخالف ڌر جي به پاڻ ۾ ٻوٽي نه ٿي رجهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ۽ پي ڊي ايم وارا سمورا نه ته گهٽ ۾ گهٽ مسلم ليگ (ن) وارا ته اهو تسليم ڪري رهيا آهن ته عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آصف زرداريءَ جو هو. جڏهن ته آصف زرداري هن مهل تائين هيڏي وڏي ڪم جي موٽ ۾ مسلم ليگ (ن) کان صرف ٻه شيون ورتيون آهن. هڪ اسپيڪرشپ ۽ ٻيو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، جڏهن ته بلاول کي هن جي پارٽيءَ روڪي ڇڏيو آهي ته هو شهباز شريف جي ڪابينا جو پرڏيهي وزير ٿي نه ويهي. ڇو ته اهو هن جي شان جي خلاف آهي. ٻيو ته مولانا فضل الرحمان بنهه ناراض لڳو پيو آهي ۽ هن جو اصرار نه بلڪه ضد آهي ته ڪجهه مهينن لاءِ ئي سهي پر هن کي ملڪ جو صدر بڻايو وڃي ته جيئن هن جي نالي سان به “اڳوڻو صدر” جو اعزاز لڳندو رهي. پر پيپلز پارٽي ان سلسلي ۾ عقابي اک رکي ويٺي آهي. اها صدارت تي پنهنجو حق سمجهي ٿي. پر مشڪل اها آهي ته پيپلز پارٽي جنهن کي صدر بڻائڻ چاهي ٿي، مالڪ ان تي راضي نه ٿا ٿين. اها ڇڪتاڻ نيٺ ڪٿي پهچندي؟ مٿان اسٽيبلشمينٽ به عمران خان کي ان حد تائين بر نه ٿي ڪرڻ چاهي ته هن جي صدر کي به ايوان صدر مان ڪڍي چلتو ڪري. ڇو ته عمران خان جيتري حد تائين مٿي اڀري آيو آهي، ان کان اسٽيبلشمينٽ به لنوائڻ لڳي آهي. ان کي خوف ورائي ويو آهي ته هن جي مقبوليت جيڪا ملڪ مان ڇلڪي سمنڊپار به پنهنجو ڦهنگون پڄائي ٿي، ان کي هڪ حد کان وڌيڪ ناراض ڪري نه ٿو سگهجي. اسٽيبلشمينٽ اهو به سمجهي ٿي ته جيڪڏهن صدر عارف علويءَ کي ايوان صدر مان هٽايو ويو ۽ هو به عمران خان جي احتجاجي اسٽيج جو سينگار ٿيڻ شروع ٿيو ته ان جا ملڪ جي سياست تي سٺا اثر ته هرگز به نه پوندا. ان ڪري هي دور اسٽيبلشمينٽ لاءِ به نهايت احتياط جو دور آهي.
فوج جي سربراهه جنرل باجوه کي اهو فڪر ورائي ويو آهي ته جهڙي ريت سوشل ميڊيا تي فوج جي سلسلي ۾ جيڪو ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، ان سان فوج ۽ عوام جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ فاصلو گهٽ ۾ گهٽ فوج لاءِ ته ڪنهن به ريت قابل برداشت نه هوندو. ان پري تناظر ۾ ملڪ اندر جيڪا سياسي افرتفري پيدا ٿيل آهي، ان کي افهام تفهيم ۾ وٺي اچڻ لاءِ ان جي سخت ضرورت آهي ته عمران خان ۽ پي ڊي ايم پلس پ پ کي گڏ ويهاري ڪنهن اهڙي سياسي سرچاءُ تي آندو وڃي، جنهن سان پاڪستان ۾ پيدا ٿيل سياسي پريشاني ختم ٿئي. ڇو ته ڪو به ملڪ ايترو شديد سياسي مونجهارو برداشت ڪري نه ٿو سگهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جا ڪلها ته تمام گهڻا ڪمزور به آهن. پاڪستان جنهن ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، اها ڪيفيت تمام گهڻي نازڪ آهي. خاص طور تي ملڪ جي معاشي صورتحال بيحد نازڪ ٿي وئي آهي. جڏهن ته پاڪستان کي پريشانين ۾ گهريل ڏسي پاڪستان تحريڪ لبيڪ وارا به تيار ٿي ويا آهن ۽ پاڪ افغان سرحد تائين جيڪي خبرون به اچي رهيون آهن، انهن ۾ پريشانيءَ جو سامان سرس آهي. هر ڏينهن ڪو نه ڪو واقعو پيش اچي رهيو آهي. اهڙي ريت اها اميد به پنهنجا پساهه پورا ڪري ويٺي جيڪا طالبان جي حوالي سان محسوس ڪئي ويندي هئي. پاڪستان جي رياست کي اهو سوچڻ جو حق به هو ته جڏهن سالن کان وٺي پاڪستان جي مدد تي مزاحمت ڪندڙ افغان طالبان اقتدار ۾ آيا ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف ڪنهن به ريت استعمال نه ٿيندي پر ڇا ٿيو؟ هن وقت پاڪ – ڀارت سرحد تي ايتري پريشاني ناهي، جيتري پاڪ – افغان سرحد تي آهي. پاڪستان خلاف ٻرندڙ باهه کي وسائڻ ۾ افغان طالبان جو هن مهل تائين ڪو به ڪردار نظر نه اچي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ناخوش به آهي پر پاڪستان کي مٿان اهو به احساس آهي ته طالبان جي حڪومت ايتري مضبوط ۽ سگهاري ناهي جو اها پاڪستان جو مڪمل طور تي دفاع ڪري سگهي. هن وقت ته افغان طالبان پنهنجي عوام جو پيٽ ڀرڻ لاءِ به پريشان آهن. مٿان دنيا جو افغان طالبان سان سلوڪ سفارتڪاريءَ جي دائري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. هوڏانهن ڀارت پاڪستان کان پلوَ وٺڻ لاءِ واجهه وجهي رهيو آهي. ڀارت پاڪستان جي عدم سياسي استحڪام مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. ظاهر آهي ته اها پريشاني ميان شهباز شريف جي نه ۽ آصف زرداريءَ جي ته بنهه ناهي. اها پريشاني به اسٽيبلشمينٽ جي حصي ۾ ڀرپور طرح سان نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته چين جي چپ پويان تمام گهڻيون پريشانيون آهن. چين جي پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سلسلي ۾ ٿيل سيڙپ پاڪستان لاءِ هاڻي پريشانيءَ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. ڇو ته سي پيڪ منصوبو نه ته پوري ريت هلي ٿو ۽ نه وري رڪجي بيهي ٿو. جهڙي ريت پاڪستان جون سياسي ۽ معاشي حالتون آهن، سي پيڪ به انهن سمان ساهه کڻي رهيو آهي.
ملڪ جي ان جامع سياسي مونجهاري جي تناظر ۾ رياست جا اسٽيڪ هولڊرز ڪهڙي ريت خوش ٿي سگهن ٿا؟ ملڪ ۾ تمام گهڻي پريشانيءَ جو ماحول آهي ۽ اها پريشاني هاڻي برف جي گليشيئر وانگر ڳري قطرو قطرو عام ماڻهن جي مٿان به وسي رهي آهي. عام ماڻهو به پنهنجي اينڊڙ ڏينهن جي سلسلي ۾ پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهڻ لڳا آهن. ان پوري پسمنظر ۾ جيڪڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا جا هڪ ڀيرو ٻيهر پيچيدگيون پيدا ڪندڙ لاڳاپا ٿا ڏسجن ته معاملي جي نزاڪت اڃان به گهڻي نازڪ نظر اچي ٿي. ڇو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ايتري پختي به ناهي جو ان کي دنيا جا ٻه طاقتور ملڪ هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ڪري سگهن. روس پاران عمران خان جي حمايت ۾ بيان جاري ڪرڻ جو معاملو ڇا گهٽ هو؟ هن وقت تائين پاڪستان جي سلسلي ۾ ان قسم جو بيان ته چين پاران به جاري نه ٿيو آهي. جڏهن ته روس جو پاڪستان لاءِ اهڙو بيان جاري ڪرڻ تي آمريڪا جا سفارتي جذبات ڪيتري حد تائين متاثر ٿيا هوندا؟ اسان کي ان سلسلي ۾ به سوچڻ گهرجي. ۽ جهڙي ريت تحريڪ انصاف جا ڪارڪن آمريڪا جي مخالفت ۾ مصروف ٿي ويا آهن، ڇا رياست کي اها پريشاني گهٽ هوندي؟