ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ سياست کي مذاق بڻايو پيو وڃي جيڪو عمل ملڪ ۽ قوم لا نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. سياست ۽ جمهوريت سان گڏ ملڪ جي اهم ادارن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. محسوس ائين ٿي رهيو آھي ته ملڪي ماحول کي ڪجهھ مفاد پرست ٽولا دا تي لڳائي رهيا هجن ۽ ملڪ خانه جنگي طرف ڌڪجندو پيو ڏسجي ۽ اقتدار جا حوسي پاڪستاني عوام کي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ جي چڪر ۾ رڌل محسوس ٿي رهيا آھن. هونئن ئي ڏٺو وڃي ته پاڪستاني سياست ۾ منشور ۽ نظريا ته بهتر نه بلڪ بهترين ڏنا ويا آھن پر قيام پاڪستان کان ويندي هن دور حڪومت تائين منشور ۽ نظرين تي عمل ناهي ڪيو ويو. جيڪو عمل پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم لا لمحه فڪريه آھي هر طرف ڪوڙ جي بازار سرگرم آھي پاڪستان جي عدليه ۽ دفاعي ادارن کي ڪجھه قوتون مضبوط ڪرڻ بجائي پنهنجي مفادن خاطر ڪمزور ڪرڻ ۾ رڌل آھن. پاڪستان جي صوبي سنڌ سميت مڙني صوبن جي عوام جو عدليه ۽ دفاعي ادارن تي ڀرپور يقين آھي، ڇاڪاڻ ته دفاعي ادارہ ملڪ جي سرحدن جا محافظ آھن ۽ عدليه انصاف جي پاسدار آھي ۽ جڏهن به ڪنهن سان زيادتي يا ناجائزي ٿيندي آھي ته اهو ڪنهن ٻئي در نه بلڪ عدليه جو در کڙڪائيندو آھي ڇاڪاڻ ته ان مظلوم کي عدليه مان ئي انصاف جي اميد هوندي آھي.
سوشل ميڊيا هڪ بهترين پليٽ فارم آھي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪابه ڳالهھ رکجي ٿي ته اها باھه جو ڀڀڙ بڻجي دنيا ۾ ڇانئجي وڃي ٿي جنهن ۾ پڻ ڪجھه به شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي فائدن ۽ نقصان جو ڪاٿو پڻ لڳائجي. ڪنهن هڪ ماڻهو جي محبت ۽ نفرت جي خاطر پنهنجي ڳوٺن شھرن تعلقن ضلعن ڊويزنن صوبن ۽ ملڪن کي دا تي لڳائڻ کان پرهيز ڪجي ڏٺو وڃي ته مفاد پرست سياستدانن هميشه عوام کي پنهنجي مفادن خاطر پاڻ ۾ ويڙهايو آھي ۽ پاڻ وري پنهنجي مفاد خاطر پاڻ ۾ ٺاهھ ڪري ويهي ٿا رهن ۽ عوام ۾ وڇوٽيون ۽ غلط فهميون پيدا ڪري دوريون ڪيون ٿيون وڃن ته عوام مري يا جيئي ان سان انهن جو ڇا، هنن کي ته صرف اقتدار جا مزا ماڻڻا آھن.
ذريعن جا اطلاع آھن ته پي ٽي آئي طرفان پهرين ملڪ جي ڪجھه شھرن کي ۽ پو پوري ملڪ ۾ سخت احتجاجن بند ڪرڻ جا منصوبه جوڙيا ويا آھن جيڪي پڻ پاڪستاني سياست ۽ جمهوريت سان دشمني ۽ مذاق مثل آھن. ڏٺو وڃي ته ملڪي حالتون نازڪ دور مان گذري رهيون آھن ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي ناسور جيان وڪوڙي وئي آھي ۽ عوام مشڪل حالتن ۾ گذاري رهيو آھي، ملڪ جي غريب عوام وٽ کائڻ پيئڻ رهڻ لا ڪجهھ ناهي، اهڙي دور ۾ جيڪڏهن شھرن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته تشدد جي واقعن ۾ واڌارو اچي سگهي ٿو جنهن سان ڏکي زندگي گهاريندڙ ويتر ڏکيا ٿي ويندا، جنهن لا عدم تشدد جا واقعا روڪڻ لا سڀن کي ملي جلي ڪري سٺا رستا ڳولڻ گهرجن. جنهن سان جمهوريت ۽ سياست جو مذاق نه بڻجي بلڪ جمهوريت ۽ سياست جو مورال بلند ٿئي ۽ ماحول کي هٿ سان بگاڙيو نه وڃي ادارن ۽ عوام ۾ ٽڪرا بجائي ادارن ۽ عوام ۾ ڳانڍاپو قائم ڪيو وڃي.
پاڻ کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ليڊر سڏائيندڙ عمران خان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت جون واڳون سنڀاليون هيون، تڏهن ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو هو ملڪ ٽٽي چڪو هو پاڪستان جي تقريبن نوي هزار جي لڳ ڀڳ جنگي قيدين کي ڀارت جي قبضي مان ڳالهين ذريعي باعزت طريقي واپس پنهنجي ملڪ آندو، ملڪ کي ائٽمي طاقت بنائڻ جو بنياد وڌو. پاڪستان کي آئين ڏنو، اسلامي بينڪ جو تصور ڏنو. جنهن سبب عوام جي دلين ۾ اڄ تائين زنده آھي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪڏهن عدم تشدد واري سياست جو تذڪرو ئي نه ڪيو اقتدار کان ڦاسي گهاٽ تائين جي سفر ۾ ڪڏهن به ملڪي عوام ۾ ڏڦيڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي ۽ ملڪي عوام خاطر شهادت جو جام پيتو پر ڪڏهن به پنهنجي مفاد خاطر ڪنهن ٻئي کي قربان ڪرڻ جي نه ڪوشش ڪئي نه ئي ڪا اهڙي سازش ڪئي ۽ هميشه جمهوريت ۽ سياست جي پاسداري ڪئي ۽ اهو چيو ته جمهوريت ۽ سياست سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت کي ڪرڻ ائين گهرجي ها ته عدليه ۽ اسيمبلي جي فيصلي جو خيرمقدم ڪري فيصلو قبولي ڇڏين ها ۽ پاڻ ۾ ويهي انهن غلطين جي نشاندهي ڪن ها جنهن سبب پي ٽي آئي جي حڪومت فيل ٿي وئي ۽ جيڪي به پي ٽي آئي قيادت حڪومت حاصل ڪرڻ لا عوام سان واعده ڪيا هئا ته پي ٽي آئي اقتدار ۾ اچي عوام جي فلاح لا جاکوڙيندي عوام کي انصاف درن تي ملندو، بجلي سستي ملندي انهن سڀن غلطين کي نظر ۾ رکندي اڳتي لا بهترين پلاننگ تحت زبردست حڪمت عملي جوڙي چونڊن ۾ حصو وٺن ۽ ايندڙ چونڊن لا ڀرپور تياري ڪري چونڊ ورڪ دوران پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪري وڏپڻي جو مظاهرو ڪن ته پهرين جيڪو ڪجھه غلط ٿيو ان جو به ازالو ڪبو ۽ اڳتي جي به حڪمت عملي وائکي ڪن ته اڳتي هلي هي هي ڪم ڪنداسين. باقي هينئر پي ٽي آئي کي وقت آھي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهڻ يا مخالفن خلاف سازشون ڪرڻ بجائي ڪوتاهين جي نشاندهي ۽ پارٽي ۾ ويٺل پارٽي دشمنن جي جانچ ڪن جن جي ڪري پي ٽي آئي حڪومت ناڪام وئي، هڪڙي ڳالهھ هي به آھي ته پي ٽي آئي حڪومت هوندي عمران خان ڪڏهن به سنڌ کي پنهنجو صوبو نه سڏيو ۽ هميشه چوندو هو ته “سندهه ہمارا صوبہ نهين” حالانڪه وزير اعظم کي اهو سمجهڻ جي ضرورت هئي ته پاڪستان جي مڙني صوبن جو وزيراعظم هڪ ئي هوندو آھي ۽ ان لا سڄي ملڪ جو عوام برابر آھي بهرحال وقت جي تقاضا موجب حالتون نازڪ آھن ۽ سياسي ۽ جمهوري جماعتن کي گهرجي ته صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي ترقي جو حل جمهوري ۽ سياسي طريقي سان ڳولهين نڪي ڪي هڪ ٻئي سان دشمنيون پاڙي يا عوام کي وڙهائڻ ۾ وقت ضايع نه ڪجي. جنهن سان پاڪستان جي جمهوريت ۽ سياست دنيا ۾ خواري ۽ مذاق جو سبب بڻجي، ان لا سڀن ڌرين کي سوچڻ جي ضرورت آھي ته هنن آخر عوام کي ڏنو ڇا آهي، سوائي بيروزگاري، جهالت، بيماريون، تعليم جي تباهي، بدامني ۽ پنڻ جي.
اصل ۾ سياسي ۽ جمهوري رستو ئي عوامي سجاڳي ۽ ملڪي ترقي جو ضامن رستو آھي ان لا اسان جي فڪرمند فردن کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ رهواسين جي حفاظت رياستي ادارن جي ذميواري آھي ۽ ڪنهن جي جان و مال عزت و آبرو لا خطرو هجي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو به فرض آھي ته اھي اڳتي اچي پنهنجو فرض ادا ڪن. پاڪستان جي آزادي لا عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آھن ان لا ڪنهن جو ڪوبه حق نه آھي جو ملڪ کي مذھبي انتهاپسندي يا ڪنهن هڪ اڌ سياسي جماعت جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏجي ۽ اسان جي سڀن سڄاڻ ڌرين کي گهرجي ته ملڪ ۾ وڌندڙ انتشار جي هوا کي ٻنجو ڏئي امن محبت ۽ ڀائيچاري واري عمل کي جاري رکجي جيئن اسلامي جمهوريه پاڪستان جو دنيا ۾ ڳاٽ اونچو رهي.