ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران نيازيءَ جو متعارف ڪرايل فاشزم

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

هڪ مشهور چوڻي آهي ته سچ جيستائين جوتا پائيندو آهي، تيستائين ڪوڙ اڌ دنيا جو ڦيرو ڏئي ايندو آهي. اڄ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به ڪوڙ جي حڪمراني هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ کان جيئن اقتدار ويو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم کان وٺي سندس وزير مشير ڇتا ٿي پيا آهن، اهي اڄ به ڪوڙ ايتري اعتماد سان ڳالهائي رهيا آهن جو اهو سچ لڳڻ ٿو لڳي. اهو سچ ملڪ جي سموري عوام لاءِ ناهي پر هڪ اهڙي مڊل ڪلاس ۽ سول سوسائٽي جي مخصوص طبقي لاءِ آهي، جن جي نظر ۾ عمران خان نيازيءَ کان وڏو سياستدان هن ملڪ ۾ ناهي ۽ نه ئي هن جهڙو ايماندار ماڻهو اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ پيدا ٿيو آهي.
اهو ان ڪري به ٿيو جو ان نيريٽو کي هر فورم تي هٿي وٺرائي وئي، ان کي هٿي ڏيندڙ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به هئي ته هن سماج ۾ رهندڙ اهو ڪلاس به آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته ملڪ جي سياست کي جيڪڏهن ڪو بهتر نموني سمجهي ٿو ته اهو عمران خان نيازي آهي. تنهنڪري اهو نيريٽو نه رڳو عمران خان نيازيءَ جي اقتداري دور ۾ به رهيو پر هاڻ جڏهن هو اقتدار ۾ ڪونه رهيو آهي ته هو عوام آڏو اهي ڪوڙ بيان ڪري رهيو آهي، جن کي عوام سچ ٿو سمجهي. مثال طور سندس اقتدار ويو پئي ته هن پهرين چيو ته اها آمريڪا جي سازش آهي پوءِ اهو چيائين ته اها مداخلت آهي. ان کان پوءِ هاڻ اهو چوڻ شروع ڪيو اٿس ته هو آمريڪا مخالف ناهي، نه ئي انڊيا جو مخالف آهي ۽ نه ئي وري يورپ جو مخالف آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن جو به مخالف ناهي ته پوءِ عوامي جلسن ۾ وڃي هو اهو ڇو چئي رهيو آهي ته آمريڪا جي غلامي قبول ناهي ۽ هو ڪهڙي غلاميءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن آمريڪا سان لاڳاپا غلاميءَ جي صورت ۾ هجن ها ته ان تي پهريون اعتراض هتان جي فوج اٿاري ها. پر نيشنل ڊفينس ڪميٽي به اهو چئي ڇڏيو ته ها سازش ناهي ۽ ان کان پوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس ۾ واضح ٿي ويو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪا سازش ناهي ڪئي وئي، جنهن مان اهو تاثر ملي ته عدم اعتماد جو سڄو معاملو عمران خان کي اقتدار مان تڙڻ لاءِ ڪيو ويو هو.
ڪالهه اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ نواز شريف هر جلسي ۾ اهو پڇي رهيو هو ته مجهي ڪيو نڪالا، اڄ عمران خان نيازي هر جلسي ۾ اهو پڇي رهيو آهي ته ميرا قصور ڪيا ٿا. هو نه رڳو پنهنجِن تقريرن عدالت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو آهي پر فوج تي به ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي. کيس مبينه طور آمريڪي مداخلت کان وڌيڪ ان ڳالهه جو ڏک آهي ته 9 اپريل واري رات جنرل قمر جاويد باجوه مداخلت ڇو ڪانه ڪئي. سندس خواهش اها هئي ته فوج ڪو اهڙو غير آئيني اپاءُ وٺي ها، جنهن سان ملڪ ۾ وڌيڪ ڏڦيڙ پيدا ٿي وڃي ها ۽ اپوزيشن پارٽيون ڪنهن به ريت شهباز شريف کي نئون وزير اعظم نه چونڊرائي سگهن ها.
هن وقت عمران خان نيازيءَ سان اهو برگر ڪلاس آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته عمران خان کي هڪ سازش ڪري ڪڍيو ويو آهي ۽ هن جيڪو ايبسليوٽلي ناٽ جي ڳالهه ڪئي، ان تي آمريڪا کي گهڻي ڪاوڙ لڳي هئي. آمريڪا افغانستان مان ٿڪي ٽٽي پنهنجا ٽپڙ ويڙهي واپس موٽي ويو، افغانستان ۾ طالبان اقتدار ۾ اچي ويا. جيڪي آمريڪا کي منٿون ڪري رهيا آهن ته اهي اهڙو ڇا ڪن جو آمريڪا کي قبول پون. اهڙي ملڪ لاءِ هن وقت پاڪستان جي هوائي اڏن جي ڪهڙي ضرورت هئي. جڏهن ته آءِ ايس پي آر به ان جي وضاحت ڪري چڪو آهي ته اڏا ڪونه گهريا ويا هئا. جڏهن اڏا گهريا ئي ڪونه ويا هئا ته پوءِ ان کان انڪار ڪيئن پئي ٿي سگهيو. سياست ۾ هر هڪ لفظ جي معنيٰ اهميت رکندي آهي. سفارتڪاريءَ ۾ ملڪ جو سربراهه ڪهڙي ٻولي ڳالهائي ٿو، لفظن جي چونڊ ڪهڙي اٿس، ان جي نتيجن لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. تنهنڪري هر اهو لفظ جيڪو سفارتڪاري وقت ڳالهايو وڃي ٿو ته اهو اڳيان هلي ڪهڙا اثر ڇڏيندو. ان جو اندازو هجڻ گهرجي پر جيئن ته عمران خان نيازي پاڻ سفارتڪاريءَ جي آدابن کان واقف ڪونهي، تنهنڪري سندس وات ۾ جيڪو ايندو آهي، اهو چئي ڇڏيندو آهي.
هن وقت عمران خان نيازي هڪ فيڪٽر طور اڀري سامهون آيو آهي. اهو فيڪٽر ڪوڙ کي پکيڙي رهيو آهي. ماڻهوءَ جو وڏو انگ ان ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته عمران خان نيازي آئين کي پائمال ڪري جمهوري ادارن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي چون ٿا ته جيڪڏهن هن آئين کي پائمال به ڪيو آهي ته ڇا ٿي پيو، ڇاڪاڻ ته اهي ان کي ڏوهه نٿا سمجهن، هنن جي نظر ۾ عمران خان نيازيءَ کي اقتدار مان ڪڍڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. تنهنڪري هڪ اهڙي سوچ سماج ۾ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن وٽ آئين ۽ جمهوري ادارا مقدس ڪونه آهن پر انهن جو ليڊر مقدس آهي، جنهن جي پويان اهي لڳل آهن. پر اهو تماشو گهڻي وقت تائين نه هلي سگهندو. ڇاڪاڻ ته اڄ جيڪي ماڻهو عمران خان جي جلسن ۾شامل ٿي رهيا آهن، سڀاڻي انهن جو انگ آهستي آهستي گهٽجي ويندو. هو جڏهن ايندڙ وقت ۾ چونڊن ۾ ويندو ته کيس ايتريون سيٽيون به ڪونه ملي سگهنديون ڇاڪاڻ ته هن جهڙي ريت ادارن کي بدنام ڪيو آهي ۽ پنهنجي ناڪامين ۽ نااهلين جو سڄو ملبو فوج ۽ ٻين ادارن تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان مان لڳي ٿو ته هاڻ سندس مقبوليت گهٽجي ويندي. ان کان سواءِ هڪ اهم شيءِ اها به آهي ته هو پنهنجي مزاج ۾ جمهوري سوچ رکندڙ نه آهي بلڪه فاشسٽ آهي، تنهنڪري هو سڄي نظام کي پنهنجي مرضي آهر هلائڻ چاهي ٿو. خودپسندي ۽ نرگسيت جي شڪار عمران خان نيازيءَ کي قانون به اهو ئي وڻي ٿو، جيڪو هن جي خلاف استعمال نه ٿئي پر سندس مخالفن کي ڇٿيندو رهي.
تنهنڪري ايندڙ وقت وڌيڪ فيصلائتو هوندو. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي هڪ اهڙو نسل تيار ڪري چڪو آهي، جيڪو جنوني ته آهي پر ان سان گڏ اهو خطرناڪ به بڻجي ويو آهي. جيڪو ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ کي پنهنجو حق سمجهي ٿو. تنهنڪري اها فاشسٽ سوچ ئي ملڪ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. جنهن کان بچڻ لاءِ ملڪ جي سياسي پارٽين کي به سوچڻ گهرجي ته اهي جڏهن پنهنجن جهيڙن ۾ مصروف هونديون آهن ته عمران خان جهڙا فاشسٽ ميدان ۾ اچي ويندا آهن، جيڪي ملڪ جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿي پوندا آهن. تازو ئي وزير اعظم شهباز شريف ملڪي معيشت جي حوالي سان اهو انڪشاف به ڪيو آهي ته هاڻ ته ملڪ جو ائٽمي پروگرام به قرض کڻي هلايو پيو وڃي. ايندڙ وقت ۾ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو عمران خان جي سياسي مستقبل جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. جنهن لاءِ کيس به اندازو آهي ته اهو هن جي حق ۾ نه ايندو. تنهنڪري ڪراچي واري جلسي ۾ هو ان خدشي جو اظهار ڪري چڪو آهي ته کيس سياست مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ان ڪيس جو فيصلو هن جي خلاف ايندو پر هو، ان ڪيس ۾ فارين فنڊنگ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ هو ڪي به ثبوت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button