پي ڊي ايم ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت ڪيترو وقت هلي سگهندي؟ ان باري ۾ ته ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ ئي ٿيندو پر ان جو مطلب اهو نه ورتو وڃي ته ڪو عمران خان انهن وانگر زور سان يا زر سان ميمبر ٽوڙي حڪومت کي چلتو ڪندو. جڏهن اسان حڪومت جي عمر جي ڳالهه ٿا ڪريون تڏهن اسان يقينن نين چونڊن جي باري ۾ سوچيون ٿا. ڇو ته هاڻي نين چونڊن جو مطالبو جتان ڪٿان ٿيڻ لڳو آهي. ميان نواز شريف واري ڪيمپ مان ته هاڻي کان آواز اچڻ لڳا آهن ته ملڪ کي نين چونڊن جي ضرورت آهي ۽ عمران خان جي احتجاجي سونامي به اهو مطالبو ڪري رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن. پر اصل معاملو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي به ته پنهنجي تياري گهرجي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي ان اعتراض کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن کي چونڊن جي تياريءَ لاءِ اڌ يا منو سال گهرجي. اليڪشن ڪميشن کي اصولي طور تي هر وقت تيار هجڻ گهرجي ته اها ٽن نه ته چئن مهينن جي اندر چونڊون ڪرائڻ جي طاقت رکندڙ هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ ان کي حڪومت کان اهي سموريون سهولتون وٺڻ گهرجن. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي سلسلي ۾ اهي سهولتون نه پر ضرورتون محسوس ٿين ٿيون. اهي ضرورتون آهن، جيڪي هر حڪومت کي پوريون ڪرڻ گهرجن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هيءَ حڪومت به پنهنجو اصل مقصد وساري پاڪستان جي پراڻي روايت جي راهه تي هلي پئي آهي. هن حڪومت جو نعرو اهو نه هو ته اها ڪو احتساب ڪندي. ڇو ته احتساب جي لاءِ الڳ ادارا آهن ۽ انهن جو ڪم هونءَ به اصولي طور تي روان دوان هجڻ گهرجي. ان ۾ ڪنهن کي به اها اجازت نه هجڻ گهرجي ته انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪا روڪ ٽوڪ وجهن.
هن حڪومت جو وجود ۾ اچڻ کان اڳ به اهو اعلان هو ته هو اچي چونڊ سڌارا ڪندا ۽ ان کان پوءِ نيون چونڊون ڪرائڻ طرف ويندي ملڪ کي عبوري حڪومت عطا ڪندا. ڇا انهن کان پڇي سگهجي ٿو ته ان سلسلي ۾ انهن هن مهل تائين ڇا ڪيو آهي؟ انهن هن وقت تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي. ڇو ته هو اقتدار ۾ اچي پوئين حڪومتن وانگر پنهنجا پهريان وارا واعدا وسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن مهل به حڪومت جي سرڪلس ۾ جتان ڪٿان اهي آواز اٿي رهيا آهن ته پهريان احتساب پوءِ اليڪشن! جيڪڏهن پهرين احتساب کي ترجيح ڏني وئي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ويجهي وقت ۾ چونڊن جو ڪو به آثار نظر نه ايندو. اسان کي اهو به معلوم آهي ته احتساب هڪ اهڙو لفظ آهي، جيڪو تمام گهڻي منجهيل صورتحال کي جنم ڏيڻ جي لاءِ انتهائي موزون هوندو آهي. جڏهن به جيڪا سرڪار احتساب جي طرف وئي آهي، اها اسان کي موٽندي نظر نه آئي آهي. هڪ حوالي سان احتساب جيڪو خود اردو لفظ آهي، ان جو انداز به اردو ٻوليءَ جي ان شعر جهڙو آهي ته:
“يي جدائيون ڪي رستي بڙي دور تڪ گئي هين
جو گيا وه ڦر نه آيا، ميري بات منا جائو”
احتساب پاڪستان ۾ جدائي لفظ جو نعم البدل آهي. اسان جي ملڪ جي ادارن کي سمجهڻو پوندو ته احتساب جي پويان سرڪار جي پوري سگهه لڳائڻ جو مطلب اهو آهي ته اها سرڪار پنهنجي سونپيل ڪم کان ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اسان کي ڪنهن به صورت ۾ سرڪاري احتساب نه گهرجي. ڇو ته سرڪاري احتساب سياسي انتقام جو روپ وٺندي دير نه ٿو ڪري. اهڙي طرح سان ماڻهن جو احتساب لفظ تان ارواح کڄي ٿو وڃي ۽ ماڻهو بدظن ٿي وڃن ٿا.
هن حڪومت کي پنهنجو پورو فوڪس ان ڳالهه تي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو هن واعدو ڪيو هو. هن وقت جي وزيراعظم ميان شهباز شريف به ته اهو ئي چيو هو ته هو اليڪشن ڪرائڻ ٿا چاهين. هونءَ به جڏهن هيءَ حڪومت حزب اختلاف هئي، تڏهن هن جو سڀ کان وڏو مطالبو اهو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان چونڊون ڪرايون وڃن. ڇو ته انهن جي خيال ۾ اڳوڻيون چونڊون اهو نتيجو نه آڻي سگهيون هيون، جنهن سان ملڪ کي سڌي طرح سان هلائي سگهجي. ان ڪري نين چونڊن جو مطالبو سڀني کي مناسب محسوس ٿي رهيو هو. پر تحريڪ انصاف ان مطالبي جي حق ۾ نه هئي. ڇو ته اها اقتدار ۾ هئي. اسان وٽ جيڪا به اقتداري ڌر هوندي آهي، اها اقتدار ڇڏڻ جي لاءِ ڪنهن به طرح سان تيار نه ٿيندي آهي. پاڪستان جي بري ۽ تمام بري روايت رهي آهي ته هتي اقتدار مان وڃڻ جي لاءِ هر ڌر کي پنهنجي عزت ۽ وقار جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. اسان جو خيال هو ته عمران خان ائين نه ڪندو پر جهڙي طرح عمران خان جي حڪومت جا پويان ڏينهن نظر اچن ٿا، انهن مان محسوس ٿي رهيو هو ته عمران خان جي حڪومت جي مقدر ۾ به عزت لکيل نه هئي. ڇو ته جهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ ايڪٽو ٿي وئي ۽ جهڙي طرح سپريم ڪورٽ آڌي رات جو عدالت کولي ۽ جهڙي طرح عمران خان جي پوري پارٽيءَ کي استعفيٰ پيش ڪرڻي پئي. جيڪو ڪجهه پنجاب جي اسيمبليءَ ۾ ٿيو. اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻو تڪيلف وارو عمل هو. پر پاڪستان جي جمهوريت جا اهي جلوا ته سدائين کان وٺي اسان جي مقدر جو حصو رهيا آهن. هاڻي به اسان کي معلوم نه ٿو ٿئي ته ايندڙ وقت وٽ اسان جي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ ڇاهي؟ ڇا اسان جي ملڪ کي ڪو سڌو رستو ملندو؟ يا اسان سدائين بحرانن جي ور چڙهيا ويٺا هونداسين؟
هيءَ حڪومت به پاڪستان جي پراڻين حڪومتن جي روايت جي امين ٿي رهي آهي. جيڪو عمل گهٽ ۾ گهٽ عوام توڙي ملڪ جي حق ۾ ناهي. عوام ۽ ملڪ کي سياسي استحڪام گهرجي. هن صورت ۾ ته ڪو سياسي استحڪام جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو ڪو وجود ئي نه هجي. جڏهن اڳوڻي حڪومتي ڌر سڀ آسرا لاهي ۽ سرڪاري عهدا ڇڏي روڊن ۽ رستن تي بيٺي آهي ۽ هن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته نيون چونڊون ڪرايون وڃن ته ايڏي وڏي احتجاجي قوت کي نظرانداز ڪيئن ڪري سگهبو؟ عمران خان جي سلسلي ۾ سڀني کي معلوم آهي ته هو جنهن به ڪم جي پويان پوندو آهي، ان کي پورو ڪري ئي ساهه پٽيندو آهي. جيڪڏهن هو هن مهل هن حڪومت جي پويان پيو آهي ته هن حڪومت کي نه ڇڏيندو. جڏهن ته خاص طور تي ان صورت ۾ جنهن صورت ۾ هيءَ حڪومت نهايت ڪمزور بنياد تي بيٺل هجي. عمران خان ڪنهن به صورت ۾ هن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏئي نه ٿو سگهي. هن وقت هو ڏسي رهيو آهي ته عوام جون همدرديون هن سان آهن. هن وقت هو ڏسي رهيو آهي ته ماڻهو هن جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي لاءِ آتا آهن ته هو ان وقت چونڊون ڇو نه چاهيندو؟ اها ڳالهه ڪنهن به طرح سان ڪو اندازو ناهي. ڇو ته گذريل ڏينهن هنگوءَ ۾ جيڪا ننڍي چونڊ ٿي ان ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي. ساڳي طرح سان جيڪڏهن هاڻي چونڊون ٿين ٿيون ته عمران خان جي حصي ۾ ايتريون سيٽون اچي وينديون جو هن کي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان اتحاد جي ضرورت پيش نه پوندي.
عمران خان جي لاءِ ته هي وقت چونڊن جي حوالي سان بهترين وقت آهي. هو پنهنجي مظلوميت ڪيش ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪندو. ان کان سواءِ هن آمريڪا جي خلاف جيڪا پاليسي رکي آهي، ان مان هن کي فائدو ملندو. ان سان گڏ ٻيون ڳالهيون به اهڙيون آهن، جيڪي عمران خان جي فائدي ۾ آهن. عمران خان جيڪڏهن حڪومتي ميمبرن مان ڪجهه ميمبرن کي ٽوڙڻ چاهيندو ته آرام سان ٽوڙي ويندو ۽ هو هن حڪومت کي لاءِ هڪ نئين بحران پيدا ڪرڻ جي قوت رکي ٿو. ڇو ته ڪوئي ڪيترو به کٽڻ جي حيثيت رکڻ وارو هجي پر هن کي به عوام جي موڊ مان خوف محسوس ٿيندو آهي. هن کي به لڳندو آهي ته جيڪڏهن ماڻهن جو سياسي موڊ ڦري ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان ڪري ڪاميابيءَ جو بنياد رکندڙ به ڪوشش ڪندا آهن ته ڪنهن مقبول پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهون ۽ ان ۾ هن وقت ڪو شڪ ناهي ته ملڪ جي سڀ کان مقبول پارٽي تحريڪ انصاف ئي آهي.
تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ اهو ٽيمپو اليڪشن تائين تمام وڌي ويندو ۽ ٽيمپو کي وڌائڻ جو فن تحريڪ انصاف کي تمام گهڻو ايندو به آهي. ان حوالي سان تحريڪ انصاف هن سياسي صورتحال ۾ ائين سياست ڪري رهي آهي، جيئن ڪا مقابلي واري ميچ کيڏي ويندي آهي. هن جي نظر ۾ صرف مخالف ناهن پر عوام جي حمايت به آهي. جڏهن ته هيءَ حڪومت عمران خان جي جلسن جي باري ۾ ڪيتري به دعويٰ ڪري پر هن کي به معلوم آهي ته عمران خان ماڻهن کي ميڙڻ جا نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هو ان صورتحال سان اڳتي وڌيو ته پوءِ هن جي مخالفن جي جيت تمام گهڻي مشڪل ٿي پوندي. ان حوالي سان هيءَ حڪومت چاهي ٿي ته ڪجهه وقت وٺجي ته جيئن عمران خان جو ٽيمپو ڪجهه گهٽجي ۽ هن جي مقبوليت ۾ ڪجهه ڪمي اچي. پر عمران خان اهو نه چاهيندو. هو مقبوليت جي ان سطح تي نيون چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ آهي. ان ڪري هن جو مطالبو ئي نه پر هن جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به طرح سان نيون چونڊون ٿين ته جيئن هو ملڪ جو تمام گهڻو پاپولر وزيراعظم ٿئي. ڇا هن حڪومت کي ان صورتحال ۾ پنهنجي حصي جي قربانيءَ جي همت ٿيندي؟ ڇا هيءَ حڪومت عام چونڊون جلد ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ سنجيده ٿيندي؟ جيڪڏهن نه ٿيندي ته اها پنهنجو وڌيڪ نقصان ڪندي. ڇو ته ملڪ جون معاشي ۽ سياسي حالتون هن وقت ڪنهن به قسم جي بحران جو بار برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هرگز ناهن. حڪومت کي ان ڳالهه جو احساس ناهي ته پوءِ هن کي محسوس ڪرڻو پوندو.