جيئن گرمين جي مند شروع ٿي آهي ته سنڌ ۾ باهه لڳڻ جا واقعا وڌي ويا آهن. ٿر کان وٺي وچولي سنڌ توڙي ڪاڇي ۾ باهه لڳڻ جا ڪيترائي واقعا هن وقت تائين ٿي چڪا آهن پر اڱاري واري ڏينهن فريد آباد ۾ جيڪو باهه لڳڻ جو واقعو ٿيو آهي، اهو بنهه افسوسناڪ ۽ دل جهوريندڙ آهي. جنهن ۾ نه رڳو معصوم ٻارڙن جون حياتيون سڙي رک ٿي ويون پر ماڻهن جو مال متاع ۽ الهه تلهه به باهه جي ور چڙهي ويو. جنهن جي ڪري اهو واقعو ميڊيا ۾ گهڻو رپورٽ پڻ ٿيو آهي. باهه جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا آهن پر اصل معاملو انهن واقعن کي منهن ڏيڻ هوندو آهي ۽ ڪهڙي ريت باهه وسائي بحالي ڪئي وڃي.
ڪالهوڪي رپورٽ موجب فريدآباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، 18 اپريل رات جي وقت اوچتو هڪ گهر کي باهه لڳي وئي، اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پهتي نه ئي ضلعي انتظاميا ڪو تحرڪ ورتو، جنهن سبب باهه وڌي سڄي رات ۾ 120 کان وڌيڪ گهرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، تيز هوا سبب باهه تيزي سان گهرن کي وڪوڙيندي رهي، جنهن سبب هڪ ئي خاندان جا 10 معصوم ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا، ٻارڙن کي بچائيندڙ سندن 3 وارث به سڙي شديد زخمي ٿي پيا، جن کي لاڙڪاڻو اسپتال ريفر ڪيو ويو. جڏهن ته باهه ۾ 25 ٻڪريون ۽ 30 ڳئون به سڙي مري ويون آهن ۽ ٽريڪٽر ٽرالي، موٽرسائيڪلون ۽ گهرن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. حد جي پوليس سڙي فوت ٿيل ٻارن جا لاش تعلقي اسپتال ميهڙ منتقل ڪيا، جيڪي پوسٽ مارٽم کان پوءِ گهر آندا ويا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فريدآباد ويجهو ڳوٺ فيض محمد ۾ باهه لڳڻ واري واقعي سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق وڏي وزير ضلعي انتظاميا کي متاثرن جي فوري طور تي امداد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ان کان سواءِ فائر برگيڊ ۽ ميڊيڪل عملي کي به بروقت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته متاثرن کي فوري طور محفوظ هنڌ منتقل ڪيو وڃي ۽ کيس پل پل جي رپورٽ ۽ ريسيڪيو قدمن کان آگاهه ڪيو وڃي. وڏي وزير پوليس کي ضلعي انتظاميا جي مدد ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم واقعي ۾ 6 ٻارن سميت 9 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته متاثر ڳوٺن جي رهواسين ۽ متاثرين سان دلي همدردي ۽ افسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته ان واقعي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي منهنجي دل تمام گهڻي ڏکويل آهي. وزيراعظم چيو ته متاثرين جي امداد جي لاءِ وفاقي حڪومت قدم کڻندي ۽ هو سنڌ جي صوبائي حڪومت سان پڻ متاثرين جي مالي امداد لاءِ ڳالهه ڪندو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن جي بحالي ۾ ڀرپور مدد ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيندڙن کي اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.
اسين سمجهون ٿا ته هي پنهنجي نوعيت جو هڪ وڏو واقعو آهي، جاني نقصان جو پورائو ته ڪنهن به ريت نٿو ڪري سگهجي پر جن ماڻهن جو مالي نقصان ٿيو آهي، اهو کين ڀري ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن جون ڏهن مينهون سڙي ويون آهن ته ان کي اهي وٺي ڏجن، ڪنهن جي موٽرسائيڪل سڙي آهي ته ان کي اها ڏني وڃي. باهه جي واقعن ۾ فائر برگيڊ عملو غائب هوندو آهي، تنهنڪري ان کي تعلقي سطح تي فعال ڪيو وڃي، ان کي جديد بڻايو وڃي. انهن جون مشقون جاري رهنديون اچن ته جيئن باهه جي واقعن وقت اهي تيار رهن ۽ باهه وسائي سگهن.