مُخالفت هر ڪنهن جو بُنيادي حق آهي، ان لاءِ تندرست ۽ بالغ صحتمند ذهن گُهرجن جيڪي مُڪمل حڪمت عملي جوڙي اهڙو رستو اپنائين جيڪو اجتماعي طور سماج جي بدلاءُ جو نه فقط ڪارڻ بڻجي پر اُن سان گڏ قومي ترقيءَ جو ذريعو پڻ هئڻ اهم ضرورت آهي ۽ اُها راءِ جي آزادي هر ڪنهن جو فطري توڙي سماجي حق آهي.
سنڌي سماج ۾ پيپلز پارٽي هن وقت ناسور بڻجي چُڪي آهي ۽ هر گهڙي ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي. ميرٽ نه هُئڻ ڪري سنڌ جو سمورو سسٽم ناڪاره آهي عدليه، پوليس، تعليمي ادارا، هر اُهو ادارو جيڪو سرڪار يا پيپلز پارٽيءَ سان جُڙيل آهي. هر ايندڙ گهڙي اسان لاءِ پُلصراط تان لنگهڻ برابر آهي.
ترقي يافته مُلڪن ۾ جمهوريت کي عوام وڏي عزت ۽ مان ڏيندو آهي پر هتان جا سياستدان ئي جمهوريت دشمن آهن، جيڪي فقط جاگيرداري ڪري ڄاڻين. سنڌ جي قومپرست پارٽين کانسواءِ هن وقت تائين قوم ليڊر کان محروم آهي. اهڙو اڳواڻ جيڪو قوم جي رهبري ڪري پيپلز پارٽيءَ مان جان ڇڏائي ۽ اُن کي ترقي ڏانهن وٺي هلي. هِن وقت سنڌ ۾ ڪهڙي پارٽي سنڌي عوام جي درست نموني سياسي حقن جو تحفظ ڪري سگهي ٿي؟ اُهو عوام کي ئي ڄاڻڻو پوندو.
قومن جي تباهيءَ جا اُن کان وڌيڪ چِٽا مثال ڪهڙا هُوندا، جتي گهر ۾ گهڙي نياڻين کي بنا ڪنهن ڊپ جي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو نشانو بنايو وڃي، جنهن کي وڻي اُن کي جنهن طرح دل چوي قتل ڪيو ٿو وڃي. ڪيترائي مثال سنڌ ۾ آهن. ٿاڻن تي پوليس مظلوم جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. آخر اسان جو مُستقبل ڪهڙو آهي؟ اسان جو ايندڙ نسل هن گهٽيل ماحول ۾ ساهه کڻڻ جي قابل هوندو؟ شريف ۽ پورهيت طبقي کي اهڙي سماج ۾ جيئڻ جو حق آهي جي ها ته ڪهڙن شرطن تحت هو پنهنجي شرافت سان زندگي گُذاري؟ ڪِهڙي اُميد سان والدين پَنهنجي ڌيءَ کي تعليم پرائڻ لاءِ موڪلين؟ مُلزم جي ڄاڻ هوندي به اُن کي آزادي ڏئي سماج ۾ دهشت پيدا ڪري اُن جي وسيلن جي لُٽ مار ڪري کين مُعاشي طور ڪمزور ڪري غُلام بنائڻ آهي، اهو ڪم حڪومت وڏي حڪمت عمليءَ سان ڪندي آئي آهي ۽ ڪري پَئي.
اسان سدائين انقلاب پرست، قومپرست، پورهيت طبقي جا حامي سوشلزم جا پيروڪار رهيا آهيون. پر گُذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ جيڪا ڊڪٽيٽر پيپلز پارٽي باهه ٻاري آهي جنهن اسان جي زبانن کي خوف ۽ دهشت جا ڏنڀ ڏَئي پنڊپهڻ ڪري ڇَڏيو آهي. پنهنجي ئي ٿيل تباهي ۽ بربادي تي تاڙيون وڄائڻ اسان جي عادت بڻجي چُڪي آهي يا مَجبوري، اُهو وقت ئي طئي ڪندو. اُن لاءِ هِن وقت تائين اسان جي هڪ تحريڪ به ڪامياب ٿي آهي؟ اهڙن نظرين سان تعلق رکندڙن اخباري ڳالهين کان هٽي عملي طور ڪهڙي جدوجهد ڪئي؟ مسئلو اهو آهي ته اسان فقط انقلاب پڙهيا آهيون، عملي جدوجهد ناهيون ڪرڻ سکيا. فقط ڪجهه فرد ئي عملي جدوجهد ڪري سگهيا يا ڪن پيا. جنهن کي وقت آهر سمجهڻ جي ضرورت آهي.
هِن وقت اسان وَٽ به اُهائي حالت آهي جنهن لاءِ فيڊل ڪاسترو جنگ جوٽي، جِنهن لاءِ مارڪس پَنهنجا نظريا ڏئي عوام ۾ سُجاڳي پيدا هُئي، هوگو شاويز پنهنجي پوري حياتي عوامي جدوجهد ۾ گُذاري ۽ جي ايم سَيد پوري حياتي تنبيهه ڪندو رهيو ته پَنهنجا قدم پُختگيءَ سان کڻو، هر غلط قدم جي سزا نه فقط توهان کي پر توهان جي ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻي پوندي ۽ نتيجا سامهون آهن. فڪر پليجو سمجهائيندو رهيو ته پنهنجي حقن جي مالڪي پاڻ ڪرڻ سکو. ڇا سنڌ ۾ اهڙيون ئي حالتون رهنديون يا اڃا بدتر ٿينديون؟
تعليم جي کوٽ جي ڪري اسان وٽ جاگيرداري نظام ۽ وڏيراشاهي اڳ جي ڀيٽ ۾ طاقتور آهي. هن وقت ان جو اندازو هڪ پڙهيل لکيل فرد پنهنجي عام زندگيءَ مان لڳائي سگهي ٿو. اسان کي اڃان صدين جو سفر طئي ڪرڻو پوندو ۽ خبر ناهي، ڪهڙي ڪهڙي قُرباني ڏيڻي پوندي. بُک، بدحالي، خونريزي ۽ قتل عام اهي واقعا اڳ فقط فلمن ۾ ۽ ڊرامن ۾ ملندا هُئا پر هن وقت حقيقي زندگي هڪ اکاڙو بڻجي چُڪي آهي ۽ اُهو لقاءُ اسان پنهنجي ئي سماج ۾ روز جي بُنياد تي ڏسون پيا. هر ڪوئي خوف ۾ ايترو ته وڪوڙجي ويو آهي جو ڪير پنهنجو آواز نٿو اٿاري سگهي.
خوشحالي، روٽي، ڪپڙا، مڪان، سُٺو مُستقبل، امن امان، قومي ٻَڌي ۽ ترقي هر سُلجهيل سماج ۽ طبقي جو اهم سوال رهيو آهي. جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي موسمي نعرن ۾ بار بار گُونجندو آيو آهي پَر ايئن جيئن ڏينهن جو اُس ۾ جُهڙ جو ڪو هلندڙ ڪڪر وسندو آهي، وري ساڳي نٽهڻ اُس اهائي مَڪاري پيپلز پارٽيءَ جي سياستدانن جي رهي آهي جيڪي ديومالائي خواب ڏسيندا آهن. اهڙا خُواب جن جي سحر ۾ اسان جو معصوم عوام سندن مڪاريءَ ۾ اچي ڀورائيءَ جو شِڪار ٿي ويندو آهي. اها طالع آزمائي اهڙي هنڌ ڪئي ويندي آهي، جتي سماج پُٺتي پيل هُجي ته جيئن اُن جي حمايت سان اقتدار حاصل ڪري پنهنجا مُفاد پورا ڪيا وڃن.
سنڌ ۾ به مختلف وقتن تي غربت ۽ خوشحاليءَ جا سوال ايندا رهن ٿا. طالع آزما سياستڪار غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريندا، ماڻهن کي هرکائيندا رهن ٿا پَر اقتدار ملڻ کانپوءِ اهڙو سُلوڪ ڪيو ٿو وڃي جهڙو آمريڪا جي جيلن ۾ ڪارن سان ڪيو ٿو وڃي. غربت ۽ مُفلسي ڄڻ سنڌي عوام کي ڏاج ۾ ملي هجي، حقيقت اها آهي ته اسين پيپلز پارٽيءَ جا غُلام بڻيل آهيون. پيپلز پارٽي جي غُلاميءَ جا زنجير اسان کي ٽوڙي هڪ نئين صبح جو خواب ڏسي اُن جي تڪميل ڪرڻي آهي.
هن سور جھڙي سماج جي سَنڍِ ٿيل سياست کي فقط مُلڪ جي سرحدن جي ضرورت آهي ماڻهن جي نه. ماڻهن جي ووٽ سان مطلب آهي اُنهن جي تڪليفن سان سندن ڪو واسطو ناهي. هنن کي اهڙا ماڻهو کپن جيڪي شعوري طور انڌا هُجن ۽ فقط آقا جي حُڪم جا تابعدار رهن ۽ اُهو آقا فقط پيپلز پارٽي جو هڪ مخصوص ڌڙو آهي.
سنڌي عوام جي گهڻائي کان اليڪشن جي وقت پُڇا ڪبي ته چوندا ته اسان ووٽ بينظير جي لخت جگر بلاول کي ڏينداسين. هاڻي ماڻهن کي ڪير سمجهائي ته توهان جي بينظير جي لخت جگر جي حُڪومت سنڌ ۾ جيڪا باهه ٻاريو ويٺي آهي، اُن کان توهان ايتري لاپرواهي ڪيئن ٿا ڏيکاري سگهو. ان حڪومت جي ئي سرپرستيءَ ۾ توهان جون نياڻيون ۽ نوجوان پنهنجي گهر ۾ به محفوظ ناهن ڪنهن کي به خبر ناهي ايندڙ گهڙي حڪومت سان ملي ڀڳت ڪري ڪهڙو چڱو مُڙس اچي توهان جي ننگن ۽ دنگن ۾ هٿ وجهي افسوس کان سواءِ ڪير ڪُجهه نٿو ڪري سگهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ بظاهر ته سنڌ ۾ ظُلم جون فقط صورتون تبديل ٿيون آهن. پر اُهو اڄ به موجود ۽ اڳ کان به اڳرو آهي. سنڌي عوام سان جيڪي ڪلور ٿيندا رهيا آهن، اُنهن تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ڪيئن هن وقت به سنڌ پاڪستان جي آزاديءَ کان وٺي پيپلز پارٽيءَ طبقاتي فرق قائم رکي وسيلن کي لُٽيو آهي. جن جا رجعتي خيال تاريخ جا رُخ موڙي تباهين ۽ بربادين لاءِ جواز پڻ مهيا ڪندا رهيا آهن.
اسان کي سنڌي پورهيت طبقي ۾ تنقيدي ۽ سياسي شعور پيدا ڪري اُن کي دُرست نموني ووٽ جو استعمال ڪرڻ، جنهن ۾ اجتماعيت سان گڏ اسان جي سماج جو فائدو هُجي. اهڙي حڪمت عملي جوڙي ان ۾ ڀرپور حصو وٺڻ تي همٿائجي. جَڏهن اُنهن وٽ پختو تنقيدي شعور پيدا ٿي پوندو ته اُهي ظُلم جي ٺهيل ديوار کي ڪيرائي ڀور ڪري ڇڏيندا.
سنڌ جي وسيلن تي قابض قوت پيپلز پارٽي آهي جنهن کي شِڪست ڏيڻ لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجي وسيلن جي پاڻ مالڪي ڪرڻي پوندي.
سنڌ ۾ ظُلم سڀ ڀوڳين ٿا پَر سرگرم مزاحمت مَخصوص ماڻهو ئي ڪن پيا، اُنهن مزاحمتي سرگرمين ۾ شامل ٿي جڏهن پيڙهيل، هاري ۽ مزدور طبقو جَڏهن اُهي هڪ مخصوص ڌڙي جا زنجير ڇنائي آزادي حاصل ڪري وٺندا، جيڪو پيڙهي در پيڙهي مٿن وارث بڻيو ويٺو آهي ته ايندڙ ڏينهن هِن ديس تي گُهلندڙ هوا سندن سڀ درد ۽ غم رستن تان اُڏائي هلي ويندي ۽ وايومنڊل ۾ خوشين جا گيت گونجڻ لڳندا.