پابلو نرودا ٻيو ڀيرو ڀارت 1950 ۾ ويو. پيرس ۾ امن جي حامين جي عالمي تنظيم جي صدر جيوليٽ ڪيوري کيس هڪ مشن تي نيو دهلي موڪلڻ چاهيو ٿي ته جيئن اتي مختلف نڪته نظر جي ماڻهن سان ملي اهو اندازو ڪري سگھجي ته اتان جا ماڻهو امن متعلق ڇا سوچين ٿا. هن کيس ٻه خط ڏنا. هڪ بمبئي ۾ هڪ سائنسدان لا هو ۽ ٻيو وزير اعظم نهرو کي ذاتي طور ڏيڻو هو. اهو سندس لا گھڻو خوشگوار سفر نه هو. پهرين ته بمبئي ايئر پورٽ تي سندس سامان ۽ پاسپورٽ ۽ ٻين ڪاغذن جي سخت چڪاس ڪئي ويئي ۽ سندس ڪاغذن کي ضبط ڪيو ويو جيڪي پو کيس واپس ڪيا ويا. انهن ماڻهن کان سخت پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي جن جا وٽس نالا هئا. اتي جيوليٽ ڪيوري جي جنهن دوست کي تعارفي خط ڏيڻو هو اهو نيو ڪليئر ريسرچ جي انسٽيٽوٽ جو ڊائريڪٽر هو. هن کيس اهي سڀ شيون ڏيکاريون ۽ اهو به چيو ته اڄ وزيراعظم جي ڀيڻ لنچ جي دعوت ڪئي آهي جنهن ۾ هو به شريڪ ٿئي. دهلي ۾ هن ڇهه ست اهم ماڻهن جن ۾ ليکڪ، فلاسافر، هندو ۽ ٻڌ پروهت وغيره شامل هئا، سان گڏجاڻي ڪري امن جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان دوران چلي جي ڀارت ۾ سفير ساڻس ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ڀارتي پوليس جي اڳواڻ ساڻس ملاقات ڪري سندس سرگرمين تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته هو جيترو جلد ملڪ ڇڏي وڃي اوترو بهتر.
نهرو ٻئي ڏينهن صبح جو کيس پنهنجي دفتر ۾ ملڻ جو وقت ڏنو. هو جڏهين اتي پهتو ته هن اٿي بيهي کيس هٿ ڏنو پر سندس مک تي ڪا آجيان واري مرڪ نه هئي. سندس چهرو ايڏا ڀيرا تصويرن ۾ آيو آهي جو ان کي بيان ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. هن پنهنجي سرد ۽ ڪارين اکين سان کيس ڪنهن احساس جي اظهار کانسوا پئي ڏٺو. ٽيهه سال اڳ هڪ جلسي ۾ سندس ۽ سندس پي جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو هو. هن اهو کيس ٻڌايو پر ان سان سندس منهن جي تاثر ۾ ڪو فرق نه آيو. هن کيس پنهنجي ساڳي سرد نگاهن سان هر ڳالهه جو رکي انداز ۾ جواب پئي ڏنو. هن کيس سندس دوست جوليئيٽ ڪيوري جو خط ڏنو. هن چيو ته کيس سائنسدان لا گھڻي عزت آهي ۽ هن اهو خط پڙهي هڪ پاسي رکيو ۽ کيس بنهه ڪجھه چوڻ جي ڏسڻ لڳو. کيس فوري طور ذهن ۾ اهو خيال آيو ته سندس موجودگي نهرو ۾ نه چاهيندي به هڪ اڻ وڻندڙ احساس پيدا ڪري ڇڏيو هو. ساڳي وقت کيس اهو خيال پڻ آيو ته هي شخص خراب جسماني، سياسي يا جذباتي صورتحال مان گذري رهيو هو. سندس متعلق هڪ وڏي، مضبوط ۽ سخت گير شخص جو تاثر هو جنهن کي ڄڻ حڪم ڏيڻ جي عادت هجي پر هڪ اڳواڻ واري قوت منجھس نه هجي مون کي خيال آيو ته سندس پي موتي لال نهرو، جيڪو هڪ وڏو زميندار هو ۽ گانڌي جو مک خزانچي هو، نه رڳو پنهنجي سياسي ڏاهپ پر پنهنجي دولت سان به ڪانگريس جي تحريڪ جي مدد ڪئي هئي. هن سوچيو ته سندس سامهون ويٺل هي خاموش شخص شايد ڪنهن ريت وري زميندار ٿي ويو هو ۽ کيس ان ساڳي لاتعلقي ۽ نفرت سان گھوري رهيو هو جيئن هو هڪ پيرن اگھاڙي هاري کي ڏسندو آهي.
هن کانئس پڇيو ته آئون پيرس موٽڻ کانپو پروفيسر جوليٽ ڪيوري کي ڪهڙو جواب ڏيان. هن خشڪ لهجي ۾ جواب ڏنو ته آئون پاڻيئي کيس ان خط جو جواب ڏيندس.
پابلو جو چوڻ آهي ته آئون ڪجھه وقت، جيڪو ڄڻ ختم ٿيڻ ۾ نه ٿي آيو، لا خاموش رهيس. بظاهر ائين ٿي لڳو ته نهرو کيس ڪجھه ٻيو وڌيڪ چوڻ نه ٿي چاهيو پر هن ٿوري به بيچيني جو اظهار نه ڪيو. پابلو لا اهو ائين هو ڄڻ ته اتي ڪنهن ڪارڻ کانسوا اهو محسوس ڪندي ويهڻ ته هو هڪ اهم شخص جو وقت ضائع ڪري رهيو هو.
هن محسوس ڪيو ته کيس پنهنجي مشن متعلق ڪجھه چوڻ گھرجي. هن چيو ته سرد جنگ هاڻي ڪنهن به وقت سرگرم جنگ ۾ تبديل ٿي سگھي ٿي. هڪ نئين تباهي انسانيت جو انت آڻي سگھي ٿي. هن نيوڪليائي هٿيارن جي موتمار خطري جو به ذڪر ڪيو ۽ اهو به چيو ته انهن ماڻهن لا جيڪي جنگ کي ٽارڻ چاهين ٿا پاڻ ۾ گڏجڻ ڪيتري قدر اهم آهي.
پر نهرو پنهنجن خيالن ۾ ئي ائين غرق رهيو ڄڻ هن کيس ٻڌو ئي نه هجي. ڪجھه لمحن کانپو هن چيو ته ٻيئي ڌريون هڪٻئي کي امن لا دليل ڏيئي رهيون آهن. پابلو جو چوڻ هو ته ذاتي طور هو سمجھي ٿو ته جيڪي امن جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ ان ۾ پنهنجو ڪجھه حصو وجھڻ چاهين ٿا اهي ساڳي ڌر ۽ ساڳي تحريڪ سان واسطو رکن ٿا. اسان سوائي انهن جي جيڪي بدلي ۽ جنگ جي ڳالهه ڪن ٿا ٻئي ڪنهن کي به خارج ڪرڻ نه ٿا چاهيون.
وري خاموشي. هن سمجھي ورتو ته هاڻي ڳالهه ٻولهه ختم ٿي چڪي هئي. هو اٿي بيٺو ۽ موڪلائڻ لا ڏانهس هٿ وڌايائين. هن خاموشي سان هٿ ملايو. جيئن هو در ڏانهن وڌيو ته نهرو ڪجھه دوستاڻي لهجي ۾ چيو ته آئون تنهنجي لا ڪجھه ڪري سگھان ٿو، ڪا شي جيڪا تون پسند ڪرين.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته آئون پنهنجي ردعمل ڏيڻ ۾ تمام سست آهيان ۽ بدقسمتي سان ڪينه پرور ناهيان پر زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون اڳرائي ڪندي چيو ته ها سچي مون کي ڳالهه وسري ويئي. آئون اڳ به انڊيا ۾ رهيو آهيان پر تاج محل جيڪو دهلي جي ويجھو آهي ڏسڻ جو موقعو نه مليو آهي. اهو هڪ سٺو موقعو هو جيڪڏهين پوليس مون تي شهر جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي نه وجھي ها ۽ اهو نه چئي ها ته جيترو جلد ٿي سگھي يورپ موٽي وڃ. آئون سڀاڻي موٽي رهيو آهيان.
هو پنهنجي ان ڳالهه تي خوش هو. پر جيئن نهرو جي آفيس مان هوٽل پهتو ته مينيجر سندس انتظار ۾ هو. هن کيس چيو ته اوهان جتي گھمڻ ڦرڻ وڃڻ چاهيو ته وڃي سگھو ٿا. پر هن کيس چيو ته اوهان منهنجو بل ٺاهيو آئون سڌو ايئرپورٽ ويندس. اهڙي ريت ڀارت مان واپسي ٿي.
نهرو کي جڏهين لينن امن ايوارڊ ڏيڻ لا ڀارتي نمائندي پاران نامزد ڪيو ويو ته پابلو ان ڪاميٽي ۾ شامل هو جنهن کي ايوارڊ لا فيصلو ڪرڻو هو. سندس چوڻ آهي ته مون جيتوڻيڪ سندس حق ۾ ووٽ ڏنو پر منهنجي مک تي هڪ مرڪ هئي جنهن کي اتي ويٺل ٻين ميمبرن مان ڪير سمجھي نه سگھيو.