ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي وحدت ۽ قومي حقن لاءِ پهرين صف ۾ هوندس

Editorial-Article- Ayaz Latif Palijo

محترم پير صاحب پاڳارو سائين،

سربراهه گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)
ڪنگري ھائوس، ڪراچي.

سائين منھنجا!
گذريل ڪافي مھينن کان سوچيم پئي ته اوھان سان ملي ڪجھه گذارشون پيش ڪجن، پر ڪووڊ جي احتياطي اپائن سبب روبرو ملاقات نه ٿي سگھي ھئي. وقت بوقت اوھان جي ويجھن ساٿين ذريعي ۽ اوھان جي برادر سائين پير صدرالدين شاهه صاحب ۽ ڪليم الله وساڻ صاحب معرفت پڻ سنڌ جي ٻيٽن جي معاملي، نادرا ذريعي پرڏيھين کي شناختي ڪارڊن جي فراھمي، سنڌ ۾ غير آئيني گورنر رول جي ڪوششن ۽ ڪراچي ڪميٽي ٺاھڻ، ڪراچيءَ جي ڳوٺن ڊاھڻ، سنڌ جي پتيءَ جو پاڻي وفاق پاران روڪڻ، ايويڪيو لاز ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضي، ڪالاباغ ڊيم جو سنڌ دشمن راڳ وفاقي وزيرن پاران بار بار آلاپڻ، ايم ڪيو ايم ۽ فروغ نسيم پاران گذريل وفاقي سرڪار کي ڪراچيءَ کي انتظامي طور ڌار ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوششن ۽ سنڌ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ بابت تحرڪ وٺڻ جون گذارشون پڻ پيش ڪيم، پر نه وفاقي حڪومت طرفان انھن معاملن بابت ڪا وضاحت ۽ ترديد آئي ھئي ۽ نه ئي انھن بابت ڪا سنجيده ڪوشش ٿي سگھي.
سائين منھنجا!
بحيثيت قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر جي ۽ بحيثيت جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي، آئون پوري سنجيدگيءَ سان سمجھان ٿو ته اوھان ھڪ صاف ۽ شفاف ڪردار جا مالڪ، بي لوث ۽ دلير سياسي ليڊر ھئڻ سان گڏ لکين جرئتمند ۽ ثابت قدم حُر مجاھدن جا مدبر رھنما پڻ آھيو ۽ اوھان پنھنجي طور پوري ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌ ترقي، رواداري، علم ۽ امن جو رستو اختيار ڪري. اوھان سال 2012ع کان مسلسل ڪوشش ڪئي آھي ته سنڌ جي عوام کي متبادل سياسي پليٽ فارم ڏئي سگھجي ۽ ان سلسلي ۾ مون ۽ ڪجھه ٻين اڳواڻن اوھان سان گڏجي، اوھان جي قيادت ۾، پھرين صف ۾ بيھي، ٻٽي نظام کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنھنجو بنيادي سنڌ دوست سياسي ۽ قومي ڪردار ادا ڪيو. مون کي خوشي آھي ته اقليتن ۽ عورتن جي حقن، سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سنڌ جي زراعت جي بچاءُ لاءِ منھنجي ڪوششن ۽ تجويزن کي اوھان خاص اھميت ڏني، ان سلسلي ۾ اليڪشن لاءِ جاري ٿيل ڪجھه ٽڪيٽون به اوھان منھنجي گذارش تي واپس ورتيون. نه صرف اھو بلڪه جي ڊي اي ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل ڪرڻ جي اثرائتين ڪوششن کي به اوھان منھنجي ۽ مرحوم ممتاز علي خان ڀٽي صاحب جي مخالفت تي رد ڪيو. اوھان ڄاڻو ٿا ته اڳوڻي وزير اعظم صاحب سان ٿيندڙ چئن ملاقاتن مان ٻن ۾ آئون شريڪ نه ٿيس ۽ اوھان جي ھدايت ۽ اسرار تي ڪيل اسلام آباد ۾ 6 ڊسمبر 2019ع واري ملاقات ۾ سنڌ جي عوام جو 15 نقاطي چارٽر آف ڊيمانڊز وزير اعظم صاحب کي پيش ڪيم ۽ ڪنگري ھائوس جي ٻي ملاقات ۾ ان چارٽر تي عمل نه ٿيڻ بابت وزير اعظم صاحب سان روبرو گفتگو پڻ ڪيم، پر بار بار ڪوششن جي باوجود وفاقي حڪومت سنڌ جي ڪنھن به اھم مسئلي تي ڌيان نه ڏنو. مون کي چڱي طرح ياد آھي ته مٽياري جي مرڪزي اجلاس، سکر جي جلسي جي اسٽيج تي ۽ خان ڳڙهه جي، جي ڊي اي جي اجلاس ۾ اوھان کي خصوصي پيغام ڏنا ويا ته اياز لطيف پليجي کي سمجھايو ته ھو جي ڊي اي پاليسيز کي ڪجھه معاملن تي قومپرستيءَ جو رنگ نه ڏي، جنھن تي اوھان پاڻ مھرباني ڪري منھنجو ۽ منھنجي سنڌ دوست موقف جو ساٿ ڏنو. انھن سڀني رھنمائين، ساٿ، دفاع، ھمٿ افزائي ۽ دست شفقت لاءِ آئون اوھان جو ۽ پير صدرالدين شاهه صاحب جو تھ دل سان شڪرگذار آھيان. آئون تعاون ۽ ساٿ لاءِ مرتضيٰ خان جتوئي صاحب، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا صاحب، سيد ظفر علي شاهه صاحب، ڊاڪٽر صفدر عباسي صاحب، ارباب غلام رحيم صاحب، غوث بخش خان مھر صاحب، سيد غوث علي شاهه صاحب، عرفان الله مروت صاحب، علي گوھر خان مھر صاحب، سيد مظفر حسين شاهه صاحب، سردار رحيم صاحب ۽ ٻين اڳواڻ صاحبن جو پڻ ٿورائتو آھيان.
سائين منھنجا!
مون بحيثيت جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي، بي انتھا ڪوشش ڪئي ۽ بار بار زور ڀريو آھي ته جي ڊي اي کي صرف اليڪشن جي ڏينھن ۾ سرگرم ڪرڻ جي بجاءِ، مستقل طور سنڌ جي عوام جي مرڻ جيئڻ جي مسئلن تي تحرڪ ۾ رکجي ۽ جي ڊي اي جون خودمختيار، سنڌ دوست ۽ ملڪ دوست عوامي پاليسيز ٺاھجن. ان سلسلي ۾ مون سڄي سنڌ جي ھر تعلقي، ضلعي ۽ ڊويزن ۾ جي ڊي اي جي مقامي باڊيز ۽ ڪميٽيز لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ۽ سڀني پارٽين کان نالا وٺي اھي لسٽون تجويز پڻ ڪيون، پر اھي اھم فيصلا نه ٿي سگھيا، مون ڇھن مھينن ۽ سال وقفي وقفي سان ٽي ڀيرا تجويز پيش ڪئي ته اوھان جي قيادت ۾ يا ٻين اھم مرڪزي اڳواڻن جي قيادت ۾ سڄي سنڌ ۾ ست يا ڏهه روزه ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ريلي ڪڍي عوام کي سجاڳ ڪيو وڃي، پر ان بابت به ڪا پيش رفت نه ٿي سگھي. سنڌ ۽ ملڪ ھن وقت شديد مشڪلاتن ۾ گھيريل آھن. بيروزگاري، مھانگائي، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪرپشن، بيڊ گورننس، پاڻيءَ جي کوٽ، زرعي تباھي، لاقانونيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڪري سنڌ جو عوام سخت پريشان آھي، سنڌ جي وحدت تي مسلسل حملا جاري آھن، اھڙي مشڪل وقت تي فيصلي سازي جي کوٽ، وقتائتي تحرڪ جي ڪمي ۽ ٻيٽن واري معاملي دوران، پاڻي، گيس ۽ نادرا وارن معاملن ۾، هڪ شهري تعميراتي اسڪيم صورتحال ۾، وفاق پاران سنڌ کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ تي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ھڪ مخصوص ٽولي جي مسلسل سازشن خلاف ڪنھن به وقتائتي ۽ اثرائتي ردعمل جي ڪمي يا دير کي ڏسي، مون کي ۽ قومي عوامي تحريڪ کي بار بار اھو احساس ٿيندو رھيو آھي ته شايد آئون بحيثيت جي ڊي اي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي مستقبل ۾ اھو اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگھان، جنھن جي منھنجو وطن، منھنجي قوم ۽ باضمير فرد مون مان اميد رکن ٿا. انھن بنيادي سببن جي ڪري آئون اڄ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي رھيو آھيان.
سائين منھنجا، مون کي اوھان جي سياسي بصيرت، ايمانداري ۽ بردباري تي پورو ويساهه ۽ ڀروسو آھي ۽ آئون اوھان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنڌ جي وسيلن، وحدت ۽ قومي حقن ۽ ٻاويھه ڪروڙ مظلوم پاڪستاني عوام جي بقا ۽ تحفظ لاءِ اوھان مستقبل ۾ جڏھن به ڪو قدم کنيو، ڪو سڏ ڏنو يا ڪنھن جدوجھد جو آغاز ڪيو ته اسين توھان سان ان جدوجھد جي پھرين صف ۾ گڏ ھونداسين.
(قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي پاران ڏنل استعيفيٰ جو متن)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button