گرميءَ جي مند شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، تازو ئي دادو ڀرسان فريد آباد ۾ جيڪو باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو آهي، اهو نه رڳو دل ڏاريندڙ هو پر ان سان ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي به وائکي ٿي وئي. جڏهن اهڙا واقعا پيش اچن ٿا ته اسان جا لاڳاپيل ادارا نه رڳو سستيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا پر انهن وٽ ڪم نه ڪرڻ جا بهانا به ظاهر ٿي پوندا آهن، جنهن جي ڪري عام ماڻهو مصيبت جي انهن گهڙين ۾ وڌيڪ لوڙيندا آهن. جڏهن ته ايمرجنسيءَ لاءِ قائم ڪيل ادارن جو ڪم ئي اهو آهي ته حادثي واري جاءِ تي وقت سر پهچي وڃن ۽ انهن جي سهاتئا ڪرڻ ۾ لڳي وڃن پر اسان وٽ ٿيندو ائين آهي ته ادارا روايتي سستيءَ جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن، جنهن جي ڪري عوام جي مصيبتن ۾ ٻيڻي واڌ ٿي ويندي آهي. ڪالهه به ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا آهن، جن سبب ماڻهن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
ڪالهوڪي آيل رپورٽ موجب محرابپور ڀرسان ڳوٺ پير قائم علي شاهه ۾ تيز طوفان سبب بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ٽن گهرن کي باهه لڳي وئي. جنهن کان پو باهه وسائڻ دوران نوجوان علي حسن نانگور بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هوڏانهن اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو ۽ نه ئي بجلي بند ڪرائي وئي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ڪرنٽ سبب فوت نوجوان علي حسن نانگور ما پي جو اڪيلو پٽ هو. تازو سندس شادي ٿي هئي. واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. پي، ما ۽ زال کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا. جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو. هڪ پاسي باهه لڳڻ جا واقعا آهن ته ٻئي پاسي وري بجليءَ جون تارون ڪرڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن. بجليءَ جي تارن ڪرڻ جا واقعا هر سال ٿيندا آهن پر ان هوندي به ان پاسي ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي، ڪڏهن اهي بجليءَ جون تارون جانورن تي ڪري انهن کي ساڙينديون آهن ته ڪڏهن وري انساني حياتيون ڳڙڪائي وينديون آهن. بجليءَ جي تارن جي حوالي سان ڪابه چڪاس نه ڪئي ويندي آهي. اها بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي ذميواري آهي ته اهي بجليءَ جي تارن جي چڪاس وقت سر ڪنديون رهيون ۽ جتي به انهن کي ڪمزور تارون نظر اچن، انهن جي مرمت ڪئي وڃي يا وري انهن کي تبديل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جتي به اهڙا واقعا پيش آيا آهن، ان کان پوءِ به بجليءَ جي تارن کي تبديل نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بجلي جون تارون ڪنهن وقت به ڪري سگهن ٿيون ۽ ماڻهو سدائين رسڪ ۾ رهي ٿو. جڏهن به بجليءَ جون تارون ڪرڻ جو واقعو پيش اچي ٿو ته ان کان پوءِ ماڻهن جي سهائتا به ڪانه ڪئي ويندي آهي بلڪه انهن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويندو آهي. تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي واقعو ڪو معمولي واقعو ناهي بلڪه انتظاميه جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. پر تنهن هوندي به لڳي ائين رهيو آهي ته انتظاميه ڪنهن به ريت پنهنجي روايتي سستي ختم ڪانه ڪندي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هاڻوڪن واقعن جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙو لائحه عمل جوڙي سگهجي جنهن وسيلي انهن واقعن کان بچي سگهجي ۽ اتفاق سان جيڪڏهن اهي واقعا ٿين به سهي ته متاثرن جي ترت واهر ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته عوام اڳ ئي گهڻين پريشانين جو شڪار آهي ۽ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ باهه توڙي بجليءَ جي تارن ڪرڻ جا واقعا انهن لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيا آهن. تنهنڪري بجليءَ جي تارن کي تبديل ڪري نيون تارون لڳايون وڃن.