عمران خان نيازي جڏهن اقتدار ۾ هو ته هو وڏائيءَ سان چوندو هو ته پاڪستان ۾ هن کان سواءِ ڪا ٻي چوائس ناهي. پر سياست ۾ متبادل پيدا ٿيڻ ڪو مسئلو ناهي. سياست به زندگيءَ جي معاملن وانگر هوندي آهي، جيئن زندگيءَ جا معاملا ڪنهن جي هجڻ يا نه هجڻ سان هلندا رهندا آهن، ائين سياسي معاملا به ڪنهن هڪ شخصيت جا محتاج ڪونه هوندا آهن. عمران خان کي اهو اندازو ئي نه هو ته هو به ڪنهن جو متبادل هو ۽ جيڪو ڪنهن جو متبادل هوندو آهي، ان جو به ڪو نه ڪو متبادل ضرور هوندو آهي. اهڙي ريت هاڻ هو اقتدار جي راهدارين کان ٻاهر آهي ۽ هڪ خط جو ذڪر هر جلسي ۾ ڪندي نظر اچي ٿو، جتي شيخ رشيد جهڙا گيٽ نمبر چار جا چوڪيدار هن سان ڪوڙا وعدا وچن ڪندا رهن ٿا ته هو ساڻس رت جي آخري ڦڙي تائين گڏ هوندو ۽ هن لاءِ لانگ مارچ ڪندو.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ سياست ڪرڻ ايترو سولو ڪم ناهي، ان ڪري جو هتي سياستدانن وٽ اختيار بنهه گهڻا محدود آهن، جيڪو ملڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ هجي، اتي سياستدانن لاءِ آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري اڄ جڏهن عمران خان نيازي اشارن اشارن ۾ جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اهي ڳالهيون اصل ۾ هو “ڪمپني بهادر” لاءِ چئي رهيو آهي. هو نيب جي حوالي سان ڳالهائي ٿو ته ان کي آزاد نه ڇڏيو ويو. جڏهن ته نيب جڏهن اها ڳالهه ڪئي هئي ته هاڻ حڪومتي وزيرن جو نالو به ايندو ۽ حڪومتي وزيرن خلاف ڪيس ڪيا ويندا ته هڪدم نيب چيئرمين جاويد اقبال جي هڪ اهڙي ويڊيو جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ هو وڏي رومانٽڪ موڊ ۾ لڳو پيو هو. هاڻ عمران خان نيازي جلسن ۾ نيب جي آزاد نه هجڻ جون شڪايتون ڪري رهيو آهي، جڏهن اپوزيشن جماعتن خلاف ڪيس ڪيا ويندا هئا ۽ چيو ويندو هو ته نيب انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي ته عمران خان جو چوڻ هوندو ته نيب سندس وس ۾ ڪونهي، اهو هڪ خودمختيار ادارو آهي. پر نيب جو سڀ کان وڌيڪ استعمال عمران خان نيازي پاڻ ڪيو. پر جڏهن عثمان بوزدار کي هٽائڻ ۽ عليم خان کي پنجاب جو وڏو وزير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته نيب هڪدم عليم خان خلاف تحرڪ ۾ اچي ويو. نيب کيس گرفتار ڪيو ۽ هن تي ڪيس هلڻ شروع ٿي ويا. عليم خان عمران خان نيازيءَ جو اسپانسر رهيو آهي. هو ماضي ۾ سندس سڀني جلسن جا انتظام ڪندو رهيو آهي.
عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ واري تجربي کان پوءِ اهو ته طئي ٿي ويو آهي، جڏهن غيرسياسي ذهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته انهن جا نتيجا خطرناڪ حد تائين ڀوڳڻا پوندا آهن. عمران خان نيازي هڪ ڪرڪيٽر تائين به سڀني کي وڻندو هو پر جڏهن هو سياست ۾ آيو ته هن کي سڀني جو مسيحا ڪري پيش ڪيو ويو. پر جيئن ته راند ۽ سياست ٻه الڳ الڳ شعبا آهن، ان ڪري انهن کي ساڳي حڪمت عملي سان هلائي نٿو سگهجي ۽ پر عمران خان نيازي سياست ۾ راند وارا تجربا ڪندو رهيو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو عمران خان نه رڳو ملڪ کي سياسي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪيو پر هن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان کان سواءِ جيڪا گندگي سياسي ڪلچر ۾ هن متعارف ڪرائي آهي، ان کان اڳ ۾ ڪنهن به نه ڪرائي هئي. سياست ۾ ڪو ڪيترو به مخالف هجي پر سياسي اخلاقيات کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته سياست ۾ توهان جو دشمن ڪڏهن به دوست ٿي سگهي ٿو.
ان ۾ڪو شڪ نه آهي ته هو هڪ سليڪٽڊ وزير اعظم هو. هن لاءِ جيڪو ماحول تيار ڪيو ويو هو، ان ۾ هن کي ميڊيا جو سهڪار مليل هو، ان ۾ ادارن جي کيس ڀرپور حمايت حاصل هئي، ان کان سواءِ اسٽيبلشمينٽ ته سندس کليل نموني هر قسم جي مدد ڪئي پر تنهن هوندي به سندس حڪومت بري ريت ناڪام رهي. ان ڳالهه جا گهڻا امڪان موجود هئا ته هڪ ڏينهن اهو به ايندو جڏهن هو ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائڻ لڳندو. نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو ۽ هاڻ هو ان خلاف ڳالهائڻ لڳو آهي. سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلائي پئي وڃي اهو به ان جو تسلسل آهي. ڇاڪاڻ ته هو هر صورت ۾ وري پنهنجو پاڻ کي اقتدار ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. مسلم دنيا جو هڪ اهم مسئلو اهو به آهي، ان جا حڪمران اقتدار ايترو جلدي ڪونه ڇڏيندا آهن. تنهنڪري عمران خان نيازي به اقتدار کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو ۽ هن ان شرط تي اقتدار ڇڏڻ ٿي چاهيو ته ترت چونڊون ڪرايو وڃن. ان ڪري هن نه رڳو آئين کي پائمال ڪيو پر عدالتي حڪمن کي به قبولڻ لاءِ تيار نه هو. سندس مزاج جمهوري بدران آمراڻو وڌيڪ آهي، تنهنڪري هو ملڪ جي سياسي معاملن کي جمهوري نموني هلائڻ بدران آمراڻي انداز سان هلائڻ جو قائل هو، نتيجي ۾ سندس حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا رهيا.
هو اڄ به ان ئي خط جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن کي هو سازش سڏي ٿو پر ملڪ جا اهم ترين ادارا اهو بار بار چئي چڪا آهن ته اهڙي ڪابه سازش ناهي، جنهن آڌار اهو چئي سگهجي ته عمران خان نيازيءَ کي اقتدار کان ڌار پئي ڪيو ويو. ڪالهه به قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي واشنگٽن ۾ مقرر اڳوڻي سفير اسد مجيد به شرڪت ڪئي، هن ان خط جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني. جنهن ۾ گذريل اجلاس جا منٽس به پيش ڪيا ويا. ان کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهڻ ادارن خط جي جاچ ڪئي، جاچ دوران پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا آهن. هي ٻيو ڀيرو آهي جو قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ساڳي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪو آهي ته ڪابه ٻاهرين پرڏيهي سازش ناهي ٿي. پر ايترو ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به عمران خان اهو نه مڃيندو ۽ هو اهو ئي چوندو رهندو ته پرڏيهي سازش ٿي آهي. هو ان جو بنياد ان کي ٿو ڄاڻائي جيئن ته هن روس کان تيل ۽ ڪڻڪ 30 سيڪڙو سستي پئي گهرائي ان ڪري عالمي سازش ڪئي وئي.
پر عمران خان نيازيءَ جو هي بيانيو هاڻي رڳو فيس سيونگ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، ڇاڪاڻ ته گذريل پوڻن چئن سالن ۾ سندس حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي رهي آهي، ان ڪري هو عوام جي آڏو ڪهڙي ڳالهه کڻي وڃي ها. اقتدار جي موڪلاڻيءَ کان پوءِ جيڪو ماحول هن وقت تيار ٿي رهيو آهي، اهو عمران خان جي حق ۾ ناهي. ايندڙ وقت ۾ هو اسٽيبلشمينٽ خلاف وقت زهر اوڳاڇي سگهي ٿو، ان دوران هو وڌيڪ غلطيون ڪندو ويندو ۽ هن لاءِ ايندڙ وقت وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ويندو.