ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست جي غيرسنجيدگي

Editorial-Article-Umer Qazi

سياست هڪ اهڙي راند بڻجي وئي آهي، جنهن جو ڪو به قانون ناهي. اهو ئي سبب آهي ته ماڻهو سياست کان منهن موڙڻ لڳا آهن. عام ماڻهو هاڻي سمجهي ويو آهي ته جڏهن سياستدان پاڻ ئي سياست جي سلسلي ۾ سنجيده ناهن ته انهن کي ايترو سيئرس ڇو ٿيڻ گهرجي؟
سياست جي غيرسنجيدگي هاڻي ايتري ته عام ٿي وئي آهي جو ان جو ڪو مثال پيش ڪرڻ به اجايو محسوس ٿئي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هتي هر ڏينهن ڪو نه ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ٿو، جنهن مان سياست جي غيرسنجيدگي جهلڪي ٿي. هر ڏينهن ڪو نه ڪو بيان سامهون اچي ٿو. هر ڏينهن ڪا نه ڪا تقرير انسان جي ذهن ۾ اهو تاثر قائم ڪري ٿي ته سياستدانن سياست کي هڪ اهڙي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي نه رڳو ضرورت ناهي پر جيڪڏهن ان کي ڪو سنجيدگيءَ سان وٺندو ته نتيجن جو ذميوار هو پاڻ هوندو. ان ڪري ماڻهو سياست جي سلسلي ۾ تمام گهڻا بي فڪر ۽ آزاد ٿي ويا آهن. انهن کي معلوم ٿي ويو آهي جو هي سياستدان جيڪي هڪ ڏينهن ڪنهن کي قوم جو قاتل ۽ ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ جهڙو مجرم سمجهن ٿا، اهي ڪنهن به وقت ان کي معصوم ۽ قوم جو مسيحا بڻائي پيش ڪندا. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ انهن کان پڇا ڪيو ويندو ته هو ڳالهه کي گول مول بڻائي جواب ڏيندا. جيڪڏهن انهن سان بنهه ضد ڪيو ويندو ته هو اهو جواب ڏيندا ته انهن جي اها تنقيد انهن جي ماضيءَ واري سياسي ڪردار متعلق هئي. هاڻي انهن جو ڪردار تبديل ٿي ويو آهي. ان ڪري تنقيد بدران تعريف انهن جو حق آهي. ڇا ڪنهن وٽ به ان جواب جي موٽ ۾ اعتراض جي گنجائش باقي بچي ٿي؟
ان نقطي کي ذهن ۾ رکي صحافي اڄ ڪلهه جي سياستدانن کان اهڙو ڪو سوال پڇا نه ٿا ڪن، جنهن جي جواب جو انهن کي اڳواٽ علم هجي. صحافين کي به معلوم ٿي ويو آهي ته انهن جي ڪهڙي سوال جو ڪهڙو جواب ڏنو ويندو؟ جڏهن انهن کي ايتري ڄاڻ حاصل آهي ته پوءِ هو پاڻ اهڙو تهڙو سوال پڇا ڪري آخر ڇو شرمندا ٿين؟ ان ڪري اسان جي ڪنهن به سياستدان کي ان سلسلي ۾ گهٻرائڻ نه گهرجي. انهن جي ڪردار سبب صحافين اهو سوال پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو آهي ته ڪالهه اوهان هئين پئي چيو يا ڪالهه اوهان جي هن جي باري ۾ اها راءِ هئي ۽ اڄ اوهان جي راءِ ۾ اختلاف آهي؟
ڇا ڪوئي صحافي ملڪ جي نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو زرداريءَ کان اهو پڇا ڪندو ته هو ڪالهه تائين ميان نواز شريف جي لاءِ اهو موقف نه رڳو پيش ڪندو هو پر رڙيون ڪري تقريرون ڪندو هو، جنهن ۾ هو چوندو هو ته ميان نواز شريف جو سياسي والد ضياءُالحق آهي. جيڪڏهن هن جو سياسي والد ضياءُالحق آهي ته هو ان سان ملڻ جي لاءِ لنڊن ڇو ويو؟ ڇا هن کي معلوم ناهي ته ميان نواز شريف ماضيءَ مان ڇا ڪيو آهي؟ جيڪڏهن هو اهو چوي ته آخر ۾ ميان نواز شريف ۽ هن جي والده جي وچ ۾ ميثاق جمهوريت جو معاهدو ٿيو هو ته هن کان اهو به پڇا ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ ان جو ڪهڙو سبب هو جو تنهنجي والد آصف زرداري اهو معاهدو رد ڪري ڇڏيو؟ انهن سوالن جي پويان واري سچائي سڀني کي معلوم آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته جنهن جي عمر جو پتو هجي، ان جا ڏند پٽي ڇا ڏسجن؟ اسان کي معلوم آهي ۽ انهن کي به معلوم آهي ته سياست انهن جي لاءِ سنجيده جدوجهد جو نالو ناهي. انهن جي لاءِ سياست هڪ ڪاروبار بڻجي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪو به ڪوڙ ڳالهائڻ کان باز نه ٿا اچن. جڏهن ته ڪاروبار جي به ڪا اخلاقيات هجڻ گهرجي. پر اسان وٽ ان قسم جون روايتون سدائين پائمال ٿيون آهن. ان ڪري ماڻهن هاڻي وڌيڪ تڪليف کان بچڻ جي لاءِ ان قسم جا سوال ئي پڇڻ ڇڏي ڏنا آهن. جڏهن جواب جو علم هجي ته سوال ڇا پڇا ڪجي؟
پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن هر ڌر جو ڪو نه ڪو موقف هوندو هو ۽ ان تي هوءَ قائم به رهندي هئي ۽ ان ڌر جا ڪي اصول ۽ قائدا قانون به هئا پر هاڻي ان قسم جو ڪو به قانون ۽ قائدو نه رهيو آهي. هڪ وقت اهو هو جڏهن جميعت علماءِ اسلام پيپلز پارٽيءَ جي سياست کي غلط سمجهندي هئي ۽ ساڳي طرح سان پيپلز پارٽي جي يو آءِ جي سياست کي عوام جي لاءِ انتهائي نقصانڪار سمجهندي هئي پر هاڻي ان قسم جي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به وجود باقي نه بچيو آهي. اسان عام جام ڏسون ٿا ته مسلم ليگ ن هجي يا پيپلز پارٽي يا جي يو آءِ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ۽ هٿ ملائي لهرائن ٿا. انهن جي وچ ۾ نه رڳو مضبوط رشتا قائم ٿي چڪا آهن پر هو هڪ ٻئي سان بنهه بي تڪلف ٿي ويا آهن. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هو هڪ ٻئي جي گهر جا ڀاتي هجن. جڏهن ايتري گهڻي ويجهڙائي پيدا ٿيل هجي ته پوءِ ڪنهن کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟ انهن کي ڪا پرواهه ناهي ته انهن کان سڀاڻي ڇا پڇيو ويندو؟ انهن جي پاڻ ۾ ايتري ته گهرائي آهي جو،ماڻهن کي همت نه ٿيندي جو انهن کان اهڙو سوال پڇا ڪري سگهن، جنهن ۾ انهن کي سوچڻو پوي. ڇا اسان کي معلوم ناهي؟ ڇا اها ڳالهه رڪارڊ تي ناهي ته مولانا فضل الرحمان عام چوندو وتندو هو ته عورت جي حڪمراني انهن جي نظرئي مطابق درست ناهي. جيڪڏهن عورت جي حڪمراني انهن کي پسند ناهي يا انهن جي خيال مطابق اها درست ناهي ته پوءِ ڪو هن کان ڇا پڇا ڪري ته مريم نواز کي سياست ۾ وٺي اچڻ ۽ هن کي آڱر کان پڪڙي سياست ۾ هلائڻ جو فرض ته هن جي والد جو هو پر اهو فرض مولانا ادا ڪيو آهي. ڇا مولانا کي هڪ غيرمحرم عورت سان آمهون سامهون ويهي گفتگو ڪرڻ گهرجي؟ پر اسان ته اهو به ڏٺو آهي ته مولانا جڏهن اقتدار جي آس پاس هوندو آهي ته هو غيرملڪي عورتن سان هٿ ملائڻ ۾ به ڪا برائي محسوس نه ڪندو آهي. پر جڏهن انهن جو مفاد هوندو آهي ته عورت ۽ پردو انهن کي نه معلوم ڪٿان ياد اچي ويندو آهي؟
پاڪستان جي سياست ۾ ساڄي ڌر ته سدائين ڪي نه ڪي غلط قسم جا دليل ۽ مثال پيش ڪيا آهن ۽ اها هاڻي به پيش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اوهان انهن کان پڇا ڪندا ته ڪنهن وقت ۾ انهن جي لاءِ تصوير حرام هئي پر اڄ ناهي ته هو اهو دليل پيش ڪندا ته جيڪا تصوير ڪاغذ تي آهي، اها حرام آهي ۽ جيڪا تصوير اسڪرين تي آهي، اها حرام ناهي ته اهڙي صورت ۾ اوهان کي وڌيڪ بحث پاڻ کي فضول محسوس ٿيندو. اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا، ان ماحول جا قدر تمام گهڻي وقت کان وٺي پائمال ٿي ويا آهن ۽ اسان کي ان جي ڪا پرواهه به ناهي. اسان جو رويو جڏهن اهڙو ٿي ويو آهي ته ڇا اسان کي ان رويي سان محسوس ڪرڻ گهرجي ته اهو رويو اسان جي ملڪ ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو.
هڪ وقت اهڙو هو جڏهن سياسي پارٽين جي موقف ۾ تبديلي تمام وڏو معاملو سمجهي ويندي هئي ۽ ڪنهن کي اهو خيال به نه ايندو هو ته هو پنهنجي ڪيل ڳالهه تان ائين ڦري به سگهي ٿو. پر هاڻي اهو عام ٿي ويو آهي. هاڻي هر ڪنهن کي اها اجازت آهي ته ڪا به ڳالهه ڪري ۽ پوءِ ان تان ڪنهن به وقت ڦري وڃي. جڏهن سياست ان سطح تي ڪري پوي ته پوءِ ان جي لاءِ پنهنجي رت ساڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ رت تڏهن سڙندي آهي، جڏهن ڪنهن به شيءَ کي سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي. جڏهن سنجيدگي نه رهي ته پوءِ ڪنهن کي رت ساڙڻ جي به ڪهڙي ضرورت پيش ايندي. سياستدانن بظاهر ته بهتر ڪيو آهي جو انهن سياست کي غيرسنجيده راند بڻائي ڇڏيو آهي پر ڇا ان سان اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ٿي سگهندو؟ ڇا مشڪريءَ سان ملڪ هلي سگهندا آهن؟ ڇا اها مشڪري اسان افورڊ ڪري سگهون ٿا؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button