ممتاز منگي
اخلاقيات جو بنياد هونئن ته سماج جي اجتماعيت سان جڙيل رهيو آهي ۽ جڙيل رهندو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اخلاقيات انفرادي بنيادن تي فرد جي ڪردار سان به اوترو ئي گھرو تعلق رکي ٿي جيترو اجماعيت جي حوالي سان. اهڙي طرح اخلاقيات وڌيڪ پابندي انهن فردن تي ۽ گروهن تي لاڳو ٿي ڪري جيڪي شعور يا نظريي جا پرچارڪ، پوئلڳ يا تخليقڪار هجن ٿا.
دنيا جي اندر فرد جي ڪردار جو انفرادي ۽ اجتماعي بنيادن تي تمام گھڻو بحث رهندو آيو آهي ۽ هلندو رهي ٿو پر هي نقطو سڀني سماجن ۾ متفق آهي ته سماجي اخلاقيات کان وڌيڪ بحث فرد جي اخلاقيات جي بنيادن تي هجي ٿو جيڪي فرد نظرين پرچارڪ ۽ ترجمان آهن پورو سماج انهيءَ فرد کي ان جي نظرياتي تارازي جي بنيادن تي سندس ڪردار کي توري ٿو نظريو اهو ماپو آهي جنهن سان فرد پنهنجي ڪردار جو تعين ڪري ٿو، سماج جي اندر فرد جا تضاد انفرادي آزادين کان اخلاقي اصولن تائين سماج سان جڙيل رهندي ٽڪراءُ ۾ به اچن ٿا، پاڻ جيڪڏهن سادي انداز سان جيڪڏهن انهن جو جائزو وٺندينداسين ته انهن ٽڪرائن ۾ فرد جڏهن سماج سان اختلاف ٿو رکي تڏهن گھڻي پيماني تي ۽ وڌ کان وڌ فرد جا اهي مفاد اچي ٿا وڃن جن کي سماج قبولڻ لاءِ تيار ناهي، خاص ڪري سماج جي مٿان غالب اثر طبقاتي بنيادن تي رهي ٿو، جنهن طبقي جي بالادستي سماج جي مٿان هوندي ۽ سياسي طاقت جنهن وٽ هوندي اهو طبقو پنهنجي معاشي ۽ سياسي مفادن کي مستحڪم رکڻ لاءِ اخلاقيات جا پيمانا يعني ماپا اصول ۽ قدر جوڙي ٿو پاڻ سماجي ارتقا ۾ قديم دور جي سماج ۾ سماج جا اخلاقي قدر جيڪي حڪمران آقائن جوڙيا هئا، انهن ۾ سڀ کان پهريون بنيادي حق اهو هيو ته حاڪم طبقي جو فرد غريب ۽ محڪوم طبقي جي فرد جو مالڪ هجڻ جو حق رکي ٿو ۽ محڪوم طبقي جو اهو غلام فرد مالڪ جو وفادار رهي.
اخلاقيات جو بنياد صرف ۽ صرف وفاداريءَ جي بنيادن تي غلام جي لاءِ جوڙيو ويو، ڪڏهن به فرد جي وفاداري هڪ ٻئي سان ان بنيادن تي نه هئي ته آقا ۽ غلام ٻئي هڪ ٻئي سان وفادار رهن پر انهيءَ جي ابتڙ اخلاقيات اها هئي ته غلام وفادار رهي ان کي وفادار رهڻ گھرجي آقا جي لاءِ اخلاقيات صرف اها هئي ته پنهنجي غلام لاءِ همدرد رهي حڪمرانيءَ جو حق به ان بنيادن تي ئي رکيو ويو ته جيڪو جيترو طاقتور آهي انهيءَ کي حڪمران ٿيڻ جو حق آهي انهيءَ جي ان حق کي عوام جي تڪليف يا ڏکيائي چيلينج نه ڪندي هئي ۽ ڏکايل بکايل عوام کي ان خلاف بغاوت ڪرڻ جو حق مليل هو، ان جي حڪمراني کي ٻي طاقت جيڪا انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور هئي اها چيلينج ڪندي هئي ۽ ان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پنهنجي حڪمرانيءَ جو اعلان ڪندي هئي ته ان رياست جو عوام اخلاقي ۽ اصولي بنيادن تي ان جي بيعت ڪرڻ جي لاءِ پابند هوندو هيو، اهو اصول تسليم ڪرڻ کان پوءِ وڌ کان وڌ عظيم فاتح ۽ سورمو اهو هوندو هو، جيڪو پنهنجي سلطنت کي وڌائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ حملا ڪري پنهنجي طاقت جو دٻدٻو قائم ڪندو هو، مفتوح ۽ مظلومن جون سسيون قلم ڪري مينار ٺاهيندڙ ظالم ۽ جابر حملا آور عظيم سورما ليکيا ويا آهن.
هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکندڙ ظهير الدين بابر پنهنجيون يادگيريون لکندي بابر نامي ۾ لکيو آهي ته مان جڏهن افغانستان کي فتح ڪيو ته ڪيترن ماڻهن جون سسيون ڪپي انهن جو مينار ٺهرائي ڇڏيو ته جيئن پٺاڻن کي خبر پئي ته بغاوت جي سزا ڇا هوندي ۽ پوءِ ايئن ٿيو جو ڪيترائي ماڻهو گاھه وات ۾ وجھي منهنجي اڳيان بيهي رهيا مون کي خبر ئي ناهي ته اهي گاھه ڇو پيا وات ۾ وجھن اتان جي ماڻهن کان پڇا ڪئي ته هي ڇا تماشو آهي تڏهن منهنجي بعيت ڪندڙ سردارن مون کي ٻڌايو ته هي ماڻهو جيڪي مختلف قبيلن سان تعلق رکن ٿا، اهي گاھه وات ۾ وجھي اوهان جي اڳيان اطاعت اها پيا ڪن ته اهي اوهان جي اڳيان جانورن جي مثل آهن، اوهان انهن تي جيڪو به حڪم هلائيندئو هو انهيءَ کي تسليم ڪندا اطاعت ۽ ذلت جي اها تاريخ پوري دنيا ۾ ڀري پئي آهي ۽ انهيءَ غلاميءَ کي شرافت ۽ اخلاقيات جو نالو ڏنو ويندو هو.
يونان جي سڪندر پنهنجي ذلتي شڪستي نفسيات جو بدلو وٺڻ لاءِ رڳو ايران کي فتح نه ڪيو پر يونان ايران جي شڪستن جو بدلو ڪيترن ئي ڪمزور ۽ مظلوم قومن کان ورتو هو، فتحن جو سلسلو وڌائيندي هندستان تائين پهتو، يورپ ۽ دنيا جي تاريخ ان کي عظيم فاتح پيش ٿي ڪري مزيدار پهلو اسان کي حڪمراني اخلاقيات ۾ هي به نظر اچي ٿو ته انهن جون جيڪي به حرڪتون هونديون هيون، انهن سڀني کي نظر انداز ڪيو ويندو هيو ۽ سماجي اخلاقيات جو اطلاق ڪڏهن به حڪمران بادشاهن تي نه ٿيندو هيو، مثال شادين ڪرڻ جو اخلاقي اصول عوام جي لاءِ هڪ رهيو آهي ته بادشاهن جي لاءِ ٻيو هڪ کان وڌيڪ شادين جو اختيار هو پاڻ وٽ رکندا هئا نه رڳو شادين جو اختيار هيو پر بي پناھه ڪنيزون انهن جي محلن ۾ خدمت لاءِ هونديون هيون تاريخ ۾ حڪمراني اخلاقيات تي بحث جي بجاءِ غالب پهلو اهو نظر ايندو ته هن جي سياسي حڪمراني انتظامي عمل ڪيئن ۽ ڪهڙا هئا ۽ بس حڪمران طبقو نه رڳو سماجي اخلاقيات کي مٿانهون سمجهندي پنهنجي من پسند زندگي گذاريندو رهيو آهي پر انهي سان گڏوگڏ پروهتن کان گناهن جي بخشش جي جيڪا تشريح ڪرائي آهي اها به پنهنجي من پسند بنيادن تي ڪئي آهي.
مثال هو پنهنجا گناھه خير خيراتن جي صورت ۾ ديوتائن کان بخشرائي سگھي ٿو، حڪمران طبقي جي ان روين ديوتائن کي جنهن انداز سان پيش ڪيو ان جي باقيات اڄ ته اسان جي اڳيان موجود آهي پر ان پوري دنيا جي ارتقائي سفر ۾ ۽ استحصال جبر جي خلاف سڀ کان وڌيڪ ٽڪراءُ شعور جو ٿيو آهي هر دور ۾ باشعور فردن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ کي چيلينج ڪندي انهيءَ جي آڏو سينو سپر ڪري بيٺا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي شعور ۽ تخليقي بنيادن تي اخلاقيات جي اها تشريح ڪئي جيڪا پوري سماج جي لاءِ برابري جي بنياد تي هجي ان حڪمران طبقي جي رهزني اخلاقي قدرن کي سخت لفظن ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ اجتماعي قدرن جي ڳالهھ ڪئي پر انهيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ سختي ۽ پابندي ان باشعور فردن پنهنجي ذات تي لاڳو ڪئي ڇو ته کين خبر هئي ته معاشرو نظرين ۽ فلسفن جي گھراين کي سمجھڻ کان وڌيڪ عمل جو قدر سمجھي ٿو، تنهن ڪري لازمي آهي ته هو پنهنجي عمل سان پنهنجي نظريي سان سچائي جو مظاهرو ڪن پوءِ انهن کي جيڪڏهن سزائن مان گذرڻو پيو ته انهن اهي به قبول ڪيون، يورپ جي اونداهي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ مزاحمت سائنسدانن، شاعرن، اديبن ۽ فلسفين جي پاپائيت جي ظلم جي خلاف رهي، انهن کي سخت سزائون آيون ۽ هنن اهي سڀ سزائون برداشت ڪندي ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو.
اڄ جديد دنيا انهن جي پورهئي پگھر ۽ رت جي ولوڙيل جدوجهد جي پيداوار آهي، پاڻ مختصر ڪندي جڏهن پنهنجي معاشري ۽ سنڌ ۾ نظر ڊوڙائي ڏسنداسين ته اسان کي پنهنجا اديب، دانشور ۽ شاعر پنهنجي ڪردار ۾ ثابت قدم رهڻ جي بجاءِ وضاحتن ۾ نظر ايندا، اخلاقيات ۽ لذت پرستي کي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي پيش ڪندا، پاڻ کي ان جو پابند گھٽ ئي ڪندا آهن ته هو پنهنجي اخلاقي عمل سان سماج ۾ پنهنجي نظريي جو پاڻ کي ماڊل ڪري پيش ڪن، لذت پسندي کان وڌيڪ نوڪري يا مالي مفادن جو سوال اچي ٿو ته ڪيترن ئي فردن جو ڪردار لڏي ٿو وڃي، ها پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته باشعور فردن جي هڪ وڏي اڪثريت مفان جي محلن جي طالبو ٿي نظر اچي ۽ تمام ٿورڙا فرد اهي آهن جيڪي ”ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾ ٻوڙي ٿا کائن ۽ پنهنجي اونچي ڳاٽ کي مور نٿا جهڪائن“ اهڙي فردن جو تعداد اسان وٽ هن وقت اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، اهو سڀ ڪجھه ٿيندي اسان جي آڏو بيزار ڪندڙ ۽ ورجاءُ ٿيندڙ جملا اهي ئي دهرايا ويندا آهن ته منهنجا ذاتي عمل منهنجي نظريي کان الڳ آهن، ڪنهن ظالم ۽ جابر جي تعلق جي دوستي کي ذاتي دوستي ۽ تعلقن سان پيش ڪيو ويندو آهي يقينن ان وقت اخلاقيات جا اصول پنهنجا چپ ڀڪوڙي اهوئي چوندا آهن ته رهزنن سان دوستيءَ جا تعلق ۽ اهڙي جملن کي رد ڪرڻ جي لاءِ هي سٽون دهرايون ٿا ” توکي رد ڏيڻ جي چاهيان شبد ڪوش ۾ قول نه آهن ڪچيون گاريون آهن“ پاڻ باآساني هي سمجھون ٿا ته اخلاقيات جو وينگارڊ پوري انساني تاريخ ۾ انساني شعور رهيو آهي ۽ ان جو ترجمان يا مبلغ دانشور، اديب، فلسفي ۽ شاعر رهيا آهن ۽ انهن جي دنيا عوام جي دنيا رهي آهي جڏهن هو پاڻ کي عوام سان جوڙين ٿا تڏهن هو پنهنجي اخلاقيات جا نه رڳو پاڻ محافظ ٿا بڻجن پر هو پاڻ کي هر وقت تاريخ جي تارازو ۾ توريندا آهن.