ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول تان سبسڊي ختم ڪرڻ جي تياري

Editorial

پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ عوام لاءِ جيڪڏهن سڀ کان اهم ترين مسئلو رهيو ته اهو مهانگائيءَ جو مسئلو هو. جنهن عوام کي صفا نپوڙي رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام جي مالي حالت بدحال ٿي وئي پر ان لاءِ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ به ڏکيو ٿي ويو. عمران خان جي سرڪار ان حوالي سان رڳو بهاني بازي ڪندي رهي پر مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو تحرڪ نه ورتو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو عوام لاءِ گهر جو سيڌو سامان خريد ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو. جيڪڏهن ان وقت پي ٽي آءِ حڪومت ان پاسي ڌيان ڏئي ها، ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري ها ته هن وقت عوام کي ايتري تڪليف مان نه گذرڻو پوي ها پر هاڻ جيئن ته پي ٽي آءِ حڪومت تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مرڪز ۾ هڪ گڏيل حڪومت جو وجود اچي چڪو آهي ته هاڻوڪي حڪومت ۾ گهٽ ۾ گهٽ عوام دوست فيصلا ضرور ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته هڪ بهتر حڪومت تڏهن ئي تصور ڪئي ويندي آهي، جڏهن اها عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي. ملڪ جي معيشت جو گاڏو رڳو آءِ ايم ايف جي قرض تي ڀاڙي رهيو آهي، جنهن جي ڪري قرضن جو بار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ عوام تي نوان نوان ٽيڪس مڙهي اهو قرض جو پورائو ڪيو ٿو وڃي. هن وقت پاڪستان ۾ تيل مهانگو ترين اسم بڻجي ويو آهي، جنهن لاءِ عمران خان سدائين چوندو هو ته پاڪستان ۾ دنيا جو سستو ترين تيل ملي رهيو آهي. هڪ ڀيرو وري تيل مهانگو ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، جنهن سان عوام جي کيسي تي وڌيڪ بار پوندو ۽ اڳيان هلي ملڪ ۾ مهانگائي گهڻي وڌي ويندي.
ان حوالي سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آ ايم ايف اختيارين جي تيل مهانگو ڪرڻ جو شرط قبول ڪري ورتو آهي. رپورٽ مطابق ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل تيل تي سبسڊي کي گهٽائڻ ۽ ڪاروباري ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان آ ايم ايف جي سفارشن سان اتفاق ڪيو آهي ۽ بحران جي ور چڙهيل معيشت لا اسٽرڪچرل سڌارن تي عمل ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. ان حوالي سان ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ بيل آئوٽ پيڪيج جي ستين جائزي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آءِ ايم ايف اختيارين پاڪستان تي پيٽروليم شين تي سبسڊي ختم ڪرڻ لاءِ زور ڏنو، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل به آءِ ايم ايف سان ان سبسڊي کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان کانپوءِ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته آءِ ايم ايف اختيارين پيٽرول تي سبسڊي نه ڏيڻ تي زور ڏنو آهي، اسان آءِ ايم ايف سان سبسڊي ۾ گھٽتائي تي اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت وڌيڪ سبسڊي برداشت نٿي ڪري سگھي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اقتدار بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ٻارڻ ۽ بجليءَ تي ڳري سبسڊي سان گڏ ڪاروبار لا ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ذريعي ايندڙ حڪومت لا هڪ “ڄار” وڇايو. هن چيو ته عمران خان ڪارخانا لڳائڻ لا ڪاروباري ادارن کي ايمنسٽي اسڪيم ڏني ته جيئن انهن کي ٽيڪس ادا نه ڪرڻُو نه پوي يا جيڪڏهن اهي ٽيڪس چوري ڪن ٿا ته ٺيڪ ڪن ٿا. سندس اهو پڻ چوڻ هو ته آسمان تي پهتل مهانگائيءَ ۾ پاڪستان جي غريب ترين ماڻهن لا ڪجهه ٽارگيٽڊ سبسڊيز برقرار رهڻ گهرجن. واضح رهي ته 2019ع ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف سان 3 سالن ۾ 6 ارب ڊالر قرض وٺڻ جو معاهدو ڪيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين ٽي ارب ڊالر ملي چڪا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته عوام لاءِ هاڻي ڪجهه اسم اهڙا وڃي بچيا آهن، جن تي حڪومت سبسڊي ڏيندي رهي آهي پر آهستي آهستي پي ٽي آءِ ڪيترن ئي اسمن تان سبسڊي ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ان جو سڌو سنئون اثر عوام تي وڃي پيو. تنهنڪري هاڻ وري پيٽرول تان سبسڊي ختم ڪري عوام تي بار کي وڌائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ظاهر آهي جڏهن پيٽرول جا اگهه وڌندا ته کاڌي پيتي جا اگهه به وڌي ويندا ۽ عوام جي قوت خريد ايتري ناهي جو اهو هن مهانگائيءَ جي دور ۾ پنهنجي گهر جو خرچ هلائي سگهي. تنهنڪري هاڻوڪي حڪومت کي گهرجي ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ عوام تي بار وجهڻ بدران ڪي ٻيا حل ڳولي ته جيئن عوام کي ڪجهه ته رليف ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته عوام لاءِ ههڙي مهانگائيءَ ۾ جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. تنهنڪري حڪومت کي ڪو اهڙُو لائحه عمل ڳولڻ گهرجي، جنهن سان عوام جي حالت بهتر ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button